ميرپورخاص (رپورٽ:روي شنڪر مالھي) فاريڪس ٽريڊنگ مني لانڊرنگ ھريش ڪمار ڪڙيلا ڪيس جو ايف آءِ اي حتمي چالان 11 مھينن بعد عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، هريش ڪمار ڪڙيلا جون آف شور ڪمپنيون هئڻ سميت ڪيترائي نوان انڪشاف. ميرپورخاص 11 مھينا اڳ ايف آءِ اي ميرپورخاص سرڪل پاران فاريڪس ٽريڊنگ جو ڪاروبار ڪندڙ ھريش ڪڙيلا جيڪو مخلتف ماڻھن کي پيسا ڊبل ڪرڻ جي لالچ ڏئي اربين رپيا سيڙپ ڪرايا، جنھن تحت ھريش ڪڙيلا ۽ سندس مينيجر چيتن ڪمار ڀيل کي گرفتار ڪري مٿس اينٽي مني لانڊرنگ قلمن سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن بعد عبوري چالان ۾ سندس 9 ٻين ڀائيوارن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو ھو، جيڪي پڪي ضمانت تي آزاد آھن، جڏھن ته ان وقت ايف آءِ اي پاران ڪنزيومر پروٽيڪشن مئجسٽريٽ ڪورٽ جي عدالت ۾ عبوري چالان پيش ڪري ڇڏيو ھو، جنھن بعد ايف آءِ اي پاران جاچ مڪمل نه ٿيڻ ۽ حتمي چالان ۾ دير ڪرڻ سبب عدالت انھي عبوري چالان کي فائنل چالان ٽريٽ ڪيو ھو، پر ايف آءِ اي پاران بينڪ اسٽيٽمينٽس دير سان ملڻ ۽ جاچ مڪمل ڪري حتمي چالان ٻيھر فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي حتمي چالان ۾ جاچ آفيسر سب انسپيڪٽر محمد يوسف انڪشاف ڪيو ته ھريش ڪمار ڪڙيلا جون آفشور ڪمپنيون آھن ۽ غيرقانوني فارين ڪرنسيز ۽ حوالا ھنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي جنھن ڪاروبار ۾ پرڏيھين سميت پاڪستان جي مخلتف شھرن جا ڪاروباري ماڻھو به ملوث آھن، جڏھن ته ملڪ جي مختلف شھرن ۾ رھندڙ سندس ڪاروباري حصيدار جيڪي مخلتف غريبن سميت امير ماڻھن کي گھر ويٺي انويسٽمينٽ ڪرڻ تي ڊبل پيسا ڪري ڏيڻ جون لالچون ڏئي انھن پئسن کي پرڏيھين ۽ مقامي ماڻھن ذريعي ڊالرز، پائونڊز ۽ ٻين پرڏيھي ڪرنسي ۾ تبديل ڪري کين ويب سائٽس ۽ اپليڪشن ذريعي روزاني بنياد تي پروفٽ ڏيندو ھو، جيڪو وڌيڪ وقت نه ھليو. جڏھن ته عوام جي پئسن کي ڊالرز ۾ تبديل ڪري پاڻ ڊالرز ۾ بٽ ڪوئنس خريد ڪندو ھو، ھريش ۽ سندس ساٿي واٽس ايپ تي رابطو ڪندا ھئا، پيسن جي ٻين ڊالرز ۾ مٽاسٽا بعد بٽ ڪوئن خريد ڪرڻ لاءِ ٽرم “بادام ليلو” استعمال ڪندا ھئا، 2018 کان هن وقت تائين پاڪستان جي مخلتف شھرن مان ھريش سندس ڪاروباري ساٿين سان گڏجي لڳ ڀڳ ڏيڍ ارب رپين کان وڌيڪ بئنڪن مان ٽرانزيڪش ڪئي وئي. جڏھن ته اربين رپيا آن لائن اي ڪرنسيز ذريعي به ڪاروبار ڪيا، جنھن ۾ ھڪ ڪمپني EXNESS ۾ 3 لک ڊالر ڊپازٽ ڪرايا، جڏھن ته اھڙن ٻين ڊيجيٽل ڪرنسيز ۾ اربين رپيا، سيڙپڪاري ڪيل رقم جا ثبوت ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھيون، وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته ھريش ڪمار ڪڙيلا ڀارتي ڪاروباري شخصيتن پرڀات گوتم ۽ آنند ڪڙيلا سان واٽس ايپ تي رابطي بعد سان دبئي ۾ ملاقاتون ڪيون، جن سان ڊالرز، پائونڊ ۽ ڀارتي رپين جي مٽاسٽا جو ڪاروبار ڪندو ھو، جنھن وقت دبئي ۾ ھريش جي ٻن ڀارتين پرڀات گوتم ۽ آنند ڪڙيلا سان ملاقات ٿي، جتي ھنن ڀارتي وڪيل ڪامريڊ راج سان ھريش ڪمار جو واٽس ايپ تي رابطو ڪرايو، ڪامريڊ راج ھريش ڪمار کي پاڪستان ڇڏي، انڊيا ۾ قانوني طور مستقل رھائش اختيار ڪرائڻ جي آڇ ڪئي ۽ انڊيا جي قوميت حاصل ڪرڻ لاءِ شادي ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي، جيڪا ھريش قبول ڪئي، جاچ آفيسر وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته ھريش ڪمار ڀارت، ملائيشيا، نائجيريا، ڪروشيا ۽ آمريڪا سميت ٻين ملڪن جي فاريڪس ٽريڊنگ جو ڪاروبار ڪندڙن سان تعلق ھو، انھن سان ڪاروبار ڪندو ھو، جڏھن ته محمد سليم ڇپيا جيڪو ڪيس ۾ نامزد به آھي، اھو ڪاروبار ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ ھو، جيڪو ڪوئٽا، لاھور، بھاولپور، اسلام آباد، مالاڪنڊ، حافظ آباد، گجرانوالا، آزاد جمون ڪمشير، ٽنڊوالھيار سان تعلق رکندڙن ۽ انھي ڪاروبار ۾ ملوث حضرت علي، ثناءُ الله، ذيشان فاروق، زارن سيڊ پٺاڻ، محمد شعيب، عثمان عالماڻي، ايس ايم ضياءُ نقوي ۽ سندس ڀائر سميت ٻين ماڻھن سان رابطي ۾ ھو، انھن جي ذريعي به رپين جي مٽاسٽا ڪري ڊالرز، پائونڊز ۽ بٽ ڪوئينس خريد ڪندا ھئا ۽ ماڻھن کان سيڙپڪاري ڪرائيندا ھئا، جڏھن ته سليم ڇيپا صرف ٽنڊوالھيار جي بينڪن مان 49 ڪروڙ روپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي، ھريش تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد فوري طور اھا بليڪ مني بچائڻ لاءِ بينڪن مان ڪڍرائي ورتا، جڏھن ته ٽنڊوالھيار ضلعي ۽ ميرپورخاص ڊويزن مان ھريش ڪمار ڪڙيلا جا مائٽ اشوڪ ڪمار، راجيش، نريش ڪڙيلا، نندلال، جسونت ڪمار، ڪيس ۾ نامزد ٻيا حصيدار عبدالقيوم ڪوري، سليم ، عمران، چيتن ڀيل، محمد عامر، بقا محمد، محمد خان، عبدالجبار، عبدالصمد ۽ مڪيش ڪمار مخلتف بينڪن جا اڪائونٽس کولي غريبن کان سيڙپڪاري ڪرائي اڪائونٽس کوليا، جتان ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشن ڪري ڪاروبار ملوث ماڻھن کي موڪليندا رھيا، جڏھن ته جسونت ڪمار ھريش ڪمار کي لڳ ڀڳ ساڍا 4 ڪروڙ روپيا بينڪن ذريعي موڪليا، ھنن ھريش جي اڪائونٽن بابت ٻڌايو ته ھريش ڪمار جا ميرپورخاص جي مختلف بينڪن ۾ 5 اڪائونٽس ھئا، جتي ھن پاڻ کي ڀاڄين جو سپلائير ۽ ننڍو آبادگار ڄاڻايو، پر ٿوري وقت ۾ لڳ ڀڳ 25 ڪروڙن جي ٽرانزيڪش ڪئي، جنھن ڪري بينڪ انتظاميا اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا ۽ پنھنجي مائٽن جا اڪائونٽ به استعمال ڪيا. جڏھن ته ڀارت جي مخلتف شھرن جا رھواسي به سندس ڪاروبار ۾ ڀائيوار آھن، ھوڏانھن چالان پيش ٿيڻ کان اڳ ايف آءِ اي جي درخواست تي عدالت ٻن جوابدارن حضرت علي ۽ جسونت ڪمار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري 14 جولاءِ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.