اسڪول جون يادون ۽ الوداعي جا آخري ڏھاڙا!

 

توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري جيءُ جھوريندڙ جدائي، اسڪول ۾ ھڪ اجنبين جيان آياسين ڪنھن شي جي ڪا خبر نه ھئي، اجنبي چھرا، نئون ماحول پر ڪجھ ئي وقت ۾ ايئن رھياسين ڄڻ ھميشه گڏ ھئاسين. پنجن سالن جو سفر اک ڇنڀ ۾ گذري ويو، سٺا ڪلاسميٽ ۽ انمول دوست مليا ۽ تمام بھترين استاد مليا جيڪي پاڻ سڀني سان گھڻو ڪو آپريٽو رھيا، نه ڄاڻ اسڪول جي پنجن سالن جو سفر الائي ڪيئن گذريو ڪا خبر ئي نه پئي. اڄوڪو ھي ڏينھن اسان کي الوداع چئي رھيو آھي، اڄ اھي گل به اداس آھن ۽ ساوا پن به سڪي رھيا آھن ۽ دل به ڪنھن گل جيان ڪومائجي ۽ من ڄڻ مونجھاري جو شڪار ٿي ويو آھي، ڇو جو وڇوڙي جا واسينگ حياتي جي ھانو کي ڏنگ ھڻندا رھن ٿا، اسڪـــول جتي دوستن جون مشڪريون به ھيون، حسين چاھتون به ھيون، امرتا جا پل به ھئا، جتي ڪلاسن کان يادن جا پل به ھئا، اڄ اھي ڪلاس به خالي ٿي ويا جتي کلندي ڪڏندي به بھاريون گڏجي گھاريون سين، اھي رستا به ھاڻ ويراني جي ور چڙھي ويا جتي ڪنھن جي ڳولا جي سفر ۾ پير پٿون ڪيا ھئاسين. اھي پيارا دوست به وڇڙي ويا جن سان ھر روز ڳراٺڙيون پائي خوشي خوشي ملندا ھئاسين، جڏھن ڪنھن ڪناري ۽ گڏجي گھاريل جيون مان جدايون ٿي پونديون آھن ته درد جا آلاپ لڙڪ بڻجي اکڙين جو گس وٺندا آھن ۽ سڏڪن جي شام ۾ ڀريل ڀاڪر منجھان پٺتي ته فقط ھڏڪين جا سڏڪا ئي رھجي ويندا آھن. اڄ اھو ئي ميلاپ جون ڀاڪر وڍ ڏيندڙ وڇوڙن ۾ مٽجي چڪيون آھن، خوشين ڀريا چھرا اداسي جي عالم ۾ ٻڏل نظر اچي رھيا آھن، اڄ سڀ دوست وڻ وڻ ڪاٺي ٿي اکين جي آشيانن کي سمورو پسائي پنھنجن ماڳن ڏانھن ميٺارجي ويا. اسڪول جون موجون، مستيون دلبر دوست سان آھن، اڄ اھي دوست به نه چاھيندي به جدائي جون اکيون آليون کڻي اڻوڻندڙ ڀاڪر پائي اسڪول جي آنچل وقت پيار پريت کي پوکيل فصل کي کڻي پنھنجن آشيانن ڏانھن ھليا ويا، اڄ ايئن لڳو ھڪ زندگي ۽ ھڪ وقت جي پڄاڻي ٿي وئي، خدا ڄاڻي سانوڻ جي وڏ ڦڙي جيان سڀني دوستن جي ڳلڙن تي ڳوڙھا لڙي پيا، انھن لڙڪن جي لوڙھ ۾ لڙھندي لڙھندي جڏھن اسڪول جي گيٽ تي بيھي جڏھن ورٽيڪل اکرن ۾ لکيل “لقمان شھيد آرمي ماڊل اسڪول ننگر پارڪر” کي ڏٺوسون ته: “پن پن ٿي وياسين وکري ايئن اھڙي ھير لڳي ڪا خبر ئي نه پئي، تنھنجي حصي ۾ پوريون ٿيون، پنھنجي حصي جون بھاريون، دوستن ساڻ ملھايل ياريون، ڪيئن نه ٿيون ڇڏجن مون کان، تڏھن پيا ٿا لڙڪ ھاريون، اکڙيون آليون لڙڪن جون قطارون، ڪلاسن جون ڳالھيون، پيارن جون يادون، رکجان سنڀالي ساريون مذاقون.

گلزيب ساند/ٿرپارڪر

عمران خان جا هوائي فائر!‎‎

 

ڇا هي قوم هوائي فائر ٻڌڻ لاءِ تيار آهي؟ عمران جو هڪ هوائي فائر مشهور آهي ته “مدينه رياست ٺاهيندس” ڇا؟ قوم کي اها خبر ناهي ته رياست ڪيئن ٺهندي آهي ڇا؟ عمران جي چوڻ سان مدينه رياست ٺهي ويندي آهي؟ هن کي قوم جي خبر ناهي ته هن قوم ۾ ڪيترا مذهب آهن، اهو هر وقت مدينه رياست جي ڳالهه ڪندو آهي. حڪومت ٺاهڻ کان پوءِ ٽن سالن ۾ عمران هڪ ڀيرو به مدينه رياست جي ڳالهه نه ڪئي ڇو؟ ڇا نيازيءَ کان مدينه رياست وسري وئي آهي، مدينه رياست جهڙي رياست ڪيئن ممڪن ٿئي ها؟ ڇا جيڪي عمران نيازي واعدا ڪيا اهي هوائي فائر نه هئا، نيازي صاحب هر ڳالهه تي يوٽرن ڇو ٿو وٺي؟ هن جي فطرت ۾ اهو عمل رکيل آهي، جيڪي هن يوٽرن ورتا آهن، مثال طور ملڪ جي قرض مان نجات حاصل ڪرڻ، ملڪ ۾ بهترين يونورسٽيون جو بنياد رکڻ، نوجوانن لاءِ هڪ ڪروڙ نڪريون، ڇا عمران خان جا اهي واعدا سندس يوٽرن ناهن. هن ڇا ڪيو هو جو هن کي حڪومتي اقتدار ۾ آندو ويو؟ هن ته اقتدار ۾ ايندي ئي پنهنجو اصلي روپ ڏيکاريو، ڇا ڪيائين؟ هن نواز شريف کي گرفتار ڪرائڻ، ان جي ڌيءُ کي گرفتار ڪرائڻ سميت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرائڻ کان سواءِ ڪم ڪهڙا ڪيا؟ هن سوچيو بس هاڻ منهنجي رياست هوندي، هن نيازي صاحب کي ڪير سمجهائي ته هتان جا بهترين ليڊر قربان ٿي چڪا آهي، تون ته وري به ڪرڪيٽر آهين، پهرين ته تون يوٽرن وٺڻ ڇڏي ڏي. نيازي صاحب جو ٻيو هوائي فائر غلامي ڪون ڪندس هو، هن جو ڪم رڳو قوم کي بيوقوف بڻائڻ آهي ۽ قوم جو ڪم بيوقوف ٿيڻ آهي، کيس سڌارڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، هن ته سياست کي ڀوڳ بڻائي ڇڏيو آهي پر هن کي خبر ناهي ته ڀوڳ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

 

حبدارعلي ڪٻر/ڳوٺ باگو وداداڻي، سانگھڙ

ڪتاب ڄاڻ جا سمنڊ آھن !

 

ڪتاب ئي آھن جيڪي اسان کي ڄاڻ جا سمنڊ ڏئي سگھن ٿا ۽ اھي سمنڊ اسان کي پنھنجي شعور، عقل، ڏاھپ جا واھڙ وھائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ۽ پاڻ ماڻھون ھڪڙي بي عقل جاھل اڻڄاڻ انسان مان ڦري حقيقي انساني سماجي اڏاوت ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪتاب ۽ علم دشمن ماڻھن جڏھن ڏٺو ته ماڻھو ھزارين لکين سالن جي غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ علم حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ جُنبي ويا آھن ته انسان دشمن حاڪمن انسانن جي غلامي وڌائڻ لاءِ عجيب و غريب خيال ۽ نصيحتن جا چريا ڌاتورا پياري پنھنجي وحشياڻيون بادشاھتون قائم رکڻ لاءِ وڏي پئماني تي ۽ عام خلق مٿان اذيتن ۽ تشدد جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪيا، انھن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ھڪڙو اھڙو ھٿيار جنھن انسان جي اڪثر جھالت جي غار ۾ رھندڙ مخلوق کي “پنھنجو پاڻ سڃاڻ” وارن اکرن جي حوالي ڪري پاڻ حاڪم ته بربريت جا نوان نوان داستان لکڻ لڳا ۽ ھيڏانھن خلق وري انھن سٽن جي اصليت سمجھڻ بدران پنھنجا گھر گھاٽ يار دوست مٽ مائٽ ڇڏي وتن پيا جھنگ جھر رُلندا ۽ ساڻن جيڪو پيو ملي انھن کي پيا چون (يار ٻين سان پنھنجو ڇا؟ تون پنھنجو اندر اجار ۽ پنھنجو پاڻ سڃاڻ). پنھنجو اندر صحيح تڏھن لڳندو جڏھن اسين انسان جي جسماني، معاشرتي، سماجي ارتقا جو تفصيلي مطالعو ڪنداسين ۽ اھو به تڏھن ٿي سگھندو جڏھن اسين اھو مطالعو پنھنجي ذھن جي ڪُشادگيءَ سان ڪيون، اسين ھن سماج جو جزُ آھيون ۽ جز کي ڪلَ ۾ ضمُ ٿيڻو پوندو. باقي جيڪو صوفياڻي سٽ آھي، “پڙھ پڙھ علم ڪتابان، ڪڀي اپني آپ نون پڙھيا نھين” اھي سٽون نه رڳو انساني صلاحيتن کي مڏو ڪن ٿيون پر پس وُ پيش حاڪم ٽولن جي ڏوھن تي پڙدو وجھي وقت جي حاڪمن کي بچائيين ٿيون. ان ڪري دنيا جي سمورن نظرين جو ان حوالي سان وقت بوقت نه رڳو مطالعو ڪجي پر اھو به باريڪ بينيءَ سان ڏسجي ته ڪالھ جيڪا شيءِ مجموعي طور اڪثر خلق لاءِ معاشي، سياسي، سماجي طور فائديمند ھئي سا اڄ به آھي يا اُھي اڄ عوام دوستيءَ مان ڦري عوام خلاف حاڪمِ وقت جي مفادن جو بچاءُ پئي ڪري! پاڻ فرد به پنھنجي شعوري سطح جي گھٽتائي ڪري ڪڏھن ڪڏھن اڪثريت ۽ صحيح بجاءِ غلط ۽ ٿورائيءَ وارن جي مفادن جون ڳالھيون ڪري ويندا آھن. ان ڪري ڪتاب جن اسان کي الف، ب، پ، ت کان وٺي مختلف نظرين ۽ عقيدن بابت ڄاڻ ڏني جو پاڻ انسان چنڊ ۽ مريخ جا سير ويٺا ڪيون ۽ ھن دنيا کي جيڪا اڪرڻ صرف تصور ڪرڻ به ممڪن نه ھو ۽ اڄ اسين انھن ڪتابن ۽ سائنسي بنيادن تي ممڪن بڻائي ڇڏيو آھي.

 

ڊاڪٽر سريش ھوتچنداڻي/ لاڙڪاڻو

 

پڙھيل لکيل نوجوان علم جي روشني ڦھلائڻ لاءِ اڳتي اچن!

 

چوندا آهن ته ڪنهن قوم کي سڌارڻو ھجي ته ان قوم کي علم ڏيو ۽ جي ان قوم کي برباد ڪرڻو ھجي ته ان قوم مان علم ختم ڪريو، علم روشني آهي، علم حق سچ جو رستو ڏيکاري ٿو، علم جي طاقت انسان جي دل مان سماج جا ٻڌايل ڪوڙا خوف ختم ٿو ڪري، علم ڦھلائڻ جي اھڙي ئي ھڪ ننڍڙي سطح تي ئي صحيح پر شاندار ۽ زبردست ڪوشش ڳوٺ باقر خان نظاماڻي جا نوجوان مدثر حسين خاصخيلي، عبدالحفيظ ڪنڀر ۽ ظھور بخش خاصخيلي ڪري رھيا آهن، اھي پنهنجي ڳوٺ ۽ پرپاسي جي ننڍڙن ٻارڙن کي جديد طريقي سان علم جي زيور سان سينگاري رھيا آهن، اھي ٻار جيڪي اسڪول وڃڻ کان ڪنهن سبب جي ڪري ڪيٻائين ٿا، انهن کي پيار ۽ شفقت سان پڙھائي کين مستقبل ۾ ھڪ باوقار ۽ سڌريل شھري بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پيا. اھڙن نوجوانن سان ھر طرح جي سهڪار ڪري انهن جي ھمٿ افزائي ڪري گھربل تعليمي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. سنڌ جي سڀني پڙھيل لکيل سمجھه وارن نوجوانن کي انهن نوجوانن کان سکڻ گھرجي جيڪي پنهنجي پڙھائي جو مقرر وقت پورو ٿيڻ بعد ڳوٺ جي ٻارڙن کي علم جي روشني ڏين ٿا. ھڪ ننڍي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ انھن نوجوانن سال اڳ 9.9.2021 تي ھڪ ٽيوشن سينٽر قائم ڪيو ھو، جنھن جو نالو The smart English Academy رڪيو ويو، اڄ ان سينٽر کي ٻه سال ٿيڻ وارا آھن ۽ انھن پنھنجي پهري ڪوشش ۾ ڪاميابي ماڻي آھي، وڌيڪ سمارٽ انگلش اڪيڊمي ھڪ اهڙو ٽيوشن سينٽر آھي جيڪو انھن ٻارڙن کي معياري انگريزي ٻولي جي تعليم ۽ سکيا ڏيڻ ۾ خاص ڌيان ڏئي ٿو جيڪي پنھنجي ٻوليءَ جي صلاحيتن کي بھتر بڻائڻ چاھين ٿا. سمارٽ انگلش اڪيڊمي پاران پيش ڪيل ڪورسز شاگردن کي انهن جي پڙهڻ، لکڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيتن کي منظم ۽ اثرائتي انداز ۾ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. اڪيڊمي ۾ موجود تجربيڪار ۽ قابل استادن جيڪي جديد تدريس جا طريقا استعمال ڪن ٿا جيئن شاگردن کي مزيدار ۽ پرجوش انداز ۾ سيکاريو وڃي، ٻارن جي لکڻ، پڙھڻ، انگريزي ٻولي جي صلاحيتن کي بهتر ڪيو وڃي، ھن ٽيوشن سينٽر ۾ ھن وقت 100 جي برابر ٻارڙا تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، ھي سينٽر باقر خان نظاماني ۾ ھن وقت پنھنجي ڪاميابي ماڻي رھيو آھي.

 

عبدالحفيظ ڪنڀر ڳوٺ/ باقر خان نظاماڻي، سانگھڙ

 

وقت چوي آئون بادشاهه!

 

ڪافي ڏينهن کان پوءِ حاضر آھيون، دوستو پاڻي جو مسئلو نج عوامي مسئلو آهي، ان لاءِ تحريڪ سان گڏوگڏ ھاڻ آفيسن ۾ درخواستن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايم سي ٻولھاڙي جي عوام کي گذارش آهي ته ھر ھڪ ماڻهو نڪري ۽ پنهنجي نالي سان درخواست ڏئي ته اسان جي علائقي ۾ پاڻي لائينن ذريعي نٿو پھچي، ڊي سي سميت ضلعي جي ھر ادارن ۾ درخواستون جمع ڪرائي وٺو، پاڻي اسان جي زندگي آهي، ان لاءِ ايم سي ٻولھاڙي جي عوام اڳيان اچو، تحريڪ ۾ ساٿ نٿا ڏيو؟ ڇو جو ڍڄو ٿا متان وڏيرو ڏسي نه وٺي، ايئن ئي ڊڄندا رھندئو ته خدا جو قسم پنهنجا حق ڪڏهن حاصل ڪري ڪو نه سگھندئو، اسان ته اسان پر اسان جو ايندڙ نسل به بنيادي حقن کان محروم رهجي ويندو، ان لاءِ ساٿ ڏيو، خوف کي دل مان ڪڍو، گڏ ٿي ظالمن کي للڪاريون، انهن کي منهن تي چوڻ شروع ڪيون ته توهان ظالم آھيون، پاڻي يزيد بند ڪيو ھو، توهان به يزيد جا پوئلڳ آھيون، آئون خدا جي ذات کان سواءِ ڪنهن کان نٿو ڊڄان، منهنجو ساٿ ڏيو، جيئن آئون توهان کي پاڻي بحال ڪرائي ڏيان، ان لاءِ گڏ ٿي ھڪ آواز ٿي ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي پنهنجي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاريون ۽ انهن کي مجبور ڪيون جيئن ھي اسان کي اسان جا حق ڏين.

 

عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي

 

آخر سنڌ جي نياڻين جي تعليم تي بندش ڇو؟‎‎

 

دنيا جون عورتون پنھنجي ڪاميابي جي طرف وڌي رھيون آھن پر ان جي مقابلي ۾ سنڌ جي عورتن جي تعليم تي بندش پيل آھي. ھڪ ته مائٽن ۽ سماج جي اجازت نه هوندي آهي، جيڪڏهن ڪا نياڻي پنھنجي مزدوري لاءِ ٻنين ڏانھن وڃي ته اها آزاديءَ سان ٿي وڃي پر جي ڪا به نياڻي تعليم لاءِ اسڪول ڏانھن ٿي وڃي ته پوءِ ان تي بندش! وڃڻ ته ڇا پر ڪا به نياڻي پنھنجي تعليم جي باري ۾ سوچي ته تڏھن به ان تي سماجي بندش لڳائي ويندي آھي. ھڪ ته اسان جي قوم جو اھو به مسئلو آھي ته ڪو به مائٽ پنھنجي نياڻين کي اسڪول وڃڻ جي اجازت به ڏئي ٿو ته انھن تي طنز ڪئي ويندي آھي. جنھن ڪري اسان پنھنجن نياڻين تي بندش وجھندا آهيون پر اھا تعليم ايئن آھي جيئن اوندھ ۾ چمڪندڙ تارو. تعليم نه ھجڻ جي ڪري اسان جي قوم جون نياڻيون اونداھيءَ واري رستي ڏانھن وڃي رھيون آھن. اسان جي سماج جا ذھن ايتري قدر زنگجي ۽ لَٽجي ويا آھن جو ڪا به نياڻي پنھنجي گھر کان اڪيلي اسڪول ڏانھن وڃي نٿي سگھي، ڇو اسان جي سماج ۾ ڪا به نياڻي پنھنجي پاڻ کي محفوظ نٿي سمجھي؟ ھڪ ته بندش ان ڪري به آھي ته اسان جي اسڪول ۾ سھولتون نه آھن، ھڪ ته اسڪول وڃڻ لاءِ اچڻ وڃڻ جو مسئلو ۽ اسڪول ۾ نه چوديواري ھجڻ جو مسئلو به نياڻين لاءِ بندش جو سبب اهم بڻيل آهي. صرف ڇوڪرا ملڪ جي ترقي ناھن ڪندا پر ان ۾ وڏو ھٿ نياڻين جو به ھوندو آھي، اسان جو ملڪ تباھي واري رستي ڏانھن وڃي رھيو آھي ۽ ان جو حل اهو آھي ته اسان پنهنجي نياڻين جي تعليم تان بندش هٽايون.

 

نرجس ڪنيز ڪٻر/سانگھڙ

ملڪ جي جاري سياسي ڀڃ ڊاھ ۽ غريب عوام جا درد!‎‎

 

ملڪ ھن وقت ھر لحاظ کان ڀڃ ڊاھ جو شڪار آھي، حڪمران عدالتن جا حڪم مڃڻ کا انڪاري آھن ۽ مخالف ڌر عرف عمران خان ھروڀرو روڊن تي نڪتل آھي، جڏھن ته کيس اھا خبر به آھي ته ھن اسيمبلي جو مدو 18 آگسٽ تي ختم ٿي رھيو آھي پوءِ به کيس خبر ناھي ته تڪڙ ڇاجي لڳي پئي آھي؟ پي ڊي ايم جو اتحاد پنھنجو سڄو وقت ۽ طاقت عمران خان جي سياسي حملن کي منھن ڏيڻ ۾ گذاري رهيو آهي، ان دوران ملڪ جا سڀ ننڍا وڏا سرڪاري توڙي خانگي ادارا پنھنجي پنھنجي مرضي سان غريب عوام کي ڦري لٽي رھيا آھن، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اڻ وڻندڙ حالتون پيدا ٿيل آھن، جڏھن ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ مھانگائي، بدامني ۽ بک عروج تي پهتل آھي پر حڪومت نالي جي ڪا به شيءِ نظر نٿي اچي جو ان کي قابو ڪري. ھن سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليف غريب عوام کي آھي، جنھن جي داد رسي نه حڪومت ڪري ٿي نه ئي عدالتون ڪن ٿيون. عدالتون به وڏن ماڻھن جون خاص سھولتڪار بڻجي چڪيون آھن، بس هڪ عوام ئي بچيل آهي جيڪو هن وقت سياسي پارٽين ۽ عدالتن جي ٻن چڪيءَ وارن پُڙن ۾ پيسجي رهيو آهي. هنن حڪمرانن کي اها به ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته اسان جي ملڪ جو 70 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيو آهي، جن وٽ نه هڪ ويلو کائڻ لاءِ اٽو آهي، نه وٽن اجھو آهي، نه تنُ ڍڪڻ لاءِ وٽن لٽو آهي، پوءِ به هنن جا هڪ ٻئي جي ڄنڊن ۾ ٻئي هٿ کُتل آهن. عوام مهانگائي، بيروزگار، بدامنيءَ سبب تنگ ۽ بيزار ٿي پيو آهي پر چوندا آهن نه ته ٻٻرن کان ٻير گھرڻ اجايا آهن. هتي به اهو ئي لقاءُ آهي.

 

شھزاد علي ڪٻر/باگووداداڻي، سانگھڙ

 

نئين نسل کي مليل ملڪ! ‎‎

 

اسان سدائين اھو ئي ٻڌندا رھيا آھيون ته ٻار مستقبل جا معمار آهن، اڳتي ھلي انهن کي ئي ملڪ جي ڀڄ ڊڪ سنڀالڻي آهي، ھاڻي ھتي ننڍڙو ۽ معصوماڻو سوال اھو آهي ته وڏڙا ھي ملڪ ڪھڙي حالت ۾ نوجوانـن جي حوالي ڪري رھيا آهن! ھتي تعليم مڪمل تباهي جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آهي، معيشت جو ٻيڙو ٻڏل ئي آهي، ڪرپشن پنهنجون پاڙون پختيون ڪري عروج تي پھتل آهي، سماج کي طبقاتي نظام ۾ ورھايو ويو آهي، مذھبي نفرتون ھر ايندڙ ڏينهن رتوڇاڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن، پنهنجن کي نوازڻ قانون ٽوڙڻ معمول جو قصو ٿي ويو آهي، قبيلائي جھيڙن ماڻهن جون زندگيون زھر بنائي ڇڏيون آهن، قوم جو وار وار ڏيھي توڙي پرڏيھي قرضن ۾ جڪڙيل ۽ پڪڙيل آهي، اھي قرض ڪنهن ورتا؟ ڇو ورتا؟ ڪنهن جي لاءِ ورتا؟ ۽ ڪير واپس ڪندو؟ انهن سوالن جا جواب ڪنهن وٽ به نه آهن، بس هڪ ٻئي ڏي وات پٽيون پيا نهاريون! اھڙو تباھ حال ملڪ جنهن ۾ ڪو به ادارو ٺيڪ طرح سان ڪم نه ڪندو هجي، جتي ٻارن جي واڌ ويجھ به ڪرپشن جي پئسن سان ٿيندي هجي، ٻارن جي دماغ ۾ اھڙيون ڳالهيون وڌيون ويون آهن ته توهان پيدا ئي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ٿيا آھيو يا وري غلامي ڪرڻ ۽ نوڪر بڻجڻ لاءِ پيدا ٿيا آھيو ته پوءِ قوم ۽ ملڪ جو مستقبل ڇا ٿو ٿي سگهي؟ اھو ھر سمجھدار ماڻهو کي صاف نظر اچي رهيو آهي.

 

مدثر حسين خاصخيلي/ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي

نه گھارا نه ڪٽ بند ٿيا، نه متاثرن کي امداد ملي!

 

مھا ٻوڏ دوران ميھڙ تعلقي جي 11 يونين ڪائونسلن جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙيندڙ ۽ ھزارين گھر ڊاھڻ ۽ تباھي جو سبب بڻجندڙ سپريو بند، ڇنڊڻ ۽ ايف پي ۽ ٻين بندن کي ٻوڏ دوران لڳل گھارا ھن وقت تائين بند ناھن ٿي سگھيا، سپريو بند کي ميھڙ واري علائقي ۾ ٽن ھنڌن تي لڳل گھارن کي سرڪار ھن وقت تائين بند ناھي ڪري سگھي، جڏھن ته ھڪ گھاري کي بند ڪرڻ لاءِ هن وقت سست رفتاري سان ڪم جاري آهي ۽ اڳ جيان پڻ مون سون جي برساتن سبب جابلو پٽي ۽ بلوچستان کان ايندڙ پاڻي جو دٻاءُ سپريو بند روڪي نه سگھندو ۽ ميھڙ تعلقي جا سوين ڳوٺ ھڪ ڀيرو ٻيھر ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ پاڻي جي لپيٽ ھيٺ اچي ويندا، جڏھن ته ھن وقت به متاثر سخت گرمين ۾ بي يار مددگار ٽينٽن ۾ ويٺا آھن، جتي کين کائڻ لاءِ ڪجهه ناھي، نه کين سروي ٿيل گھرن جا پئسا مليا آهن. پئسا آفيسر ۽ حڪمران کائي ويا، سندن واھر ڪرڻ وارو ڪير به ناھي، نه کاڌ نه خوراڪ، فصل ٻوڏ جي پاڻي ۾ تباهه ٿي ويا، نه دوا نه درمل. ھن وقت تائين واھن، روڊن رستن، بچاءَ بندن تي خانا پوري ڪري ٿوري ٿوري مٽي وجھي ناقص ڪم ڪري پئسا کاڌا پيا وڃن. هتان جي هارين جو اڳيون ساريالو فصل ٻڏي ويو ۽ پاڻي آھستي آھستي ڪري ڪڍي چيٽ جو فصل ڪڻڪ وغيره به نه ٿي سگھيو ۽ ماڻھو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن. وٽن کائڻ لاءِ انُ ناھي، پنج سو ڪمائڻ وارو غريب مزدور جي چلھو ٿو ٻاري ته دوا نٿو وٺي سگھي، جي دوا ٿو وٺي ته چلھو نٿو ٻري، علاج ۽ ٻارن جون پڙھائيون ايڏيون مھانگيون آهن جو اسڪولن جون فيون نٿا ڏئي سگهن. ان ڪري انھن جا ٻار اسڪول نٿا وڃي سگهن. پوري علائقي جا اسڪول بند پيا آهن، اسڪولن جي ڪا به مرمت نه ٿي آهي، اسڪولن لاءِ جيڪي پئسا اچن ٿا اهي ڪاڏي ٿا وڃن، ڪنهن جي پيٽ ۾ ٿا وڃن، اها ڪا به خبر ناھي. ھن وقت برساتن ۽ پاڻيءَ جي موسم آهي 5 مئي تي خاص ڪري ساريالي فصل لاءِ پاڻي ايندو آهي، جڏهن کان ملڪ ۾ آبپاشي جو نظام آيو آهي ته 5 مئي کان پاڻي واهن ۾ ڇڏيو ويندو آهي پر هن وقت تائين پاڻي به ناھي آيو، حڪمران غريبن کي سڪون سان مزدوري ڪرڻ يا پوکائي ڪرڻ به نٿا ڏين، جو اناج اپائي ٻچن جو پيٽ پالي سگھجي، ملڪي معيشيت کي سنواري سگھجي.

 

عبدالستار ميراڻي/ جامع مسجد، راڌڻ

 

سکر سينٽرل جيل جي قيندي جي دانهن ٻڌو!

 

سينٽرل جيل سکر ۾ انتظاميه پاران قيدين سان ناروا سلوڪ ڪري هلندڙ آھي، جيل انتظاميه رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آھي، سهولت جا مختلف اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، اھڙو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آھي، جنھن ۾ قيدين پاران انساني حقن جي تنظيمن ۽ ميڊيا سميت وس وارن کي اپيلون ڪيون پيون وڃن. قيدي (ب) ڄامڙو جو چوڻ آھي ته جيل انتظاميا اسان قيدين مٿان سکر جيل ۾ ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن، ھر ٻئي ڏينھن قيدين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو، ھتي جيل انتظاميه ھر سھولت جا اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، مختلف بھانن سان قيدين کان رشوت ورتي وڃي ٿي، رشوت نه ڏيندڙ قيدين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو، کين  بند وارڊ ڪيو وڃي ٿو، جيل اندر قيدين جي ٻڌڻ وارو ڪير به ناھي، قيدي ويچارا دانھن ڏين ته آخر ڪنھن کي ڏين؟ سکر سينٽرل جي قيدين سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي انساني حقن وارو وزير ۽ سيشن جج سکر نوٽيس وٺن.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور