سوال/سروي … مڪاني چونڊيل نمائندن کي حلف کڻڻ بعد پهريون ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي؟ عوام ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

0
243

   ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مڪاني چونڊيل نمائندن کي حلف کڻڻ بعد پهريون ڪم ڪهڙو ڪرڻ گهرجي؟ شهر جو ڪهڙو مسئلو حل ڪرائڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، ڊرينيج نظام بهتر ڪرڻ وارا ڪم پهرين ڪرڻ گهرجن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور علي زرداري لکيو ته يونين ڪائونسل فتح پور ۾ گذريل 8 سالن کان يوسي جي طرفان ٽڪي جو ڪم ناهي ٿيو اڳ ۾ ڪھڙا ڪم ڪرايا آهن جو ھاڻ ڪندا ڪائونسلر چيئرمين سڀ پنھنجا ڀڀ ڀريندا، رياض سولنگي لکيو ته پڪا چانگ ۾ جيڪي ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ آهن انهن کي هٿ ۾ ٻهارو ڏئي شهر جي صفائي ڪرائي وڃي ڪم صحي ڪن ته پگهارون ڏنيون وڃن نه ته گهر ڀيڙو ڪيو وڃن ، امير حسن لکيو ته ننڍن شهرن جا بنيادي مسئلا پيئڻ جو صاف پاڻي، ڊرينيج جو نظام، رستن، گهٽين جي صفائي ۽ مرمت آهن، اگر حڪومتي ڌر کان بجيٽ جو حصو وٺڻ ۾ ڪامياب ويس ته پنهنجي يونين کي ماڊل يونين ٺاهيندس. عبدالوحيد ميمڻ لکيو ته ڪنڊيارو شهر جو منتخب ٿيڻ وارو چئيرمين اڳ هڪ ٽرم رهي چڪو آهي ۽ان کي ڪنڊيارو شهر جي مسئلن جي چڱي ريت خبر آهي ته گذريل برساتن شهر ۾ ڪيتري تباهي آندي،جيڪڏهن شھر جو ڊرينيج جو نظام ٺيڪ ڪري ۽ شهر جي پراڻين کڏن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي ته اها سندس خذمت سونهري لفظن ۾ لکي ويندي، سيد منير حيدر شاهه لکيو ته سڀني کان پهرين پيسن تي ايمان کپائڻ وارن جا نالا عوامي ڪرڻ گهرجن . ايم رضا مينگل لکيو ته صفائي طرف ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، ذوالفقار علي لولائي لکيو ته ڪجھه ڪونه ڪندا ھميشا وانگر مھيني جي ٽوٽل بجيٽ ڀاڙو ڀري ھائوسن تائين پھچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا، محبوب ايم حسني لکيو ته افسوس هن ڪرپٽ نظام ۾ نه اڳ عوام کي فائدو مليو آهي نه هاڻي فائدو ملڻ جو آسرو آهي، شفيع ملاح لکيو ته ٺري ميرواھ شھر جو ڊرينيج پلان نئين سر جوڙيو وڃي برسات جي پاڻي جي نيڪالي جو پلان جوڙي شھر کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي، عمران گل سومرو لکيو ته ابا هتي مال وڏيرا کائي ويندا اهي ڪانونسلر مولائي پگهار جي آسري هوندا ۽ پاڙي وارا ڪائونسلر تي وٺ وٺان ڪندا، عبدالحميد ابڙو لکيو ته گهوٽڪي ۾ سڀ کان پهريان شھر جو ڊرينج سسٽم ٺيڪ ڪرڻ ٻيو ڪم اسٽريٽ لائيٽ ۽ شھر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي، ۽ روڊ رستا ٺيڪ ڪرڻ آهي اهي شھرين جا بنيادي حق، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ملي ڪونه سگهيا آهن، شبير احمد حسيني لکيو ته پنج لک رپيا يوسي کي هر مهيني ملن ٿا اهي حصو پتي ڪيئن ڪجن، حسام نظاماڻي لکيو ته اھي ھميشا وانگي پنھنجن وڏن ايم پي ايز ايم اين ايز تائين ڳوٺن شھرن جا فنڊ ٻوھاري اماڻيندا ھنن مان ڀلائي جي اميد رکڻ مطلب ٻٻر کان ٻير گهرڻ برابر آهي، احمد مغيري به سروي ۾ حصو ورتو، احمد انيس لکيو ته جيئن گذريل دور ۾ هنن ڪيو هو ٻيو ڇا ڪندا، عاشق حسين لکيو ته چونڊيل نمائندن کي پھريون ڪم علائقي ۾ اسڪولن جي وزٽ ڪرڻ گھرجي ته بنيادي سھوليتون آھن يا نه انھن جي لاءِ آواز اٿارڻ گھرجي،  مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته عوام جي ڳڻتي ناھي ھنن کي ھي رڳو پنھنجا نوازش ڪندا ۽ انھن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جيڪي ھنن کي اھڙن سيٽن تي ويھاريندا باقي عوام تڪليفن کي منھن ڏيندي ھن ڪرپٽ نظام مان عوام کي چڱائي جي اميد نه رکڻ گھرجي ڇو ته شھر کان ويندي ٻھراڙيءَ جو عوام اڃان تائين تڪليف ۾ آھي ھي سڀ ڪرپٽ ٽولو آھي، شيراز تنيو لکيو ته نمائندن کي هر شهر اندر پهريون ڪم صفائي سٿرائي جو ڪرڻ کپي، جواهرلال لکيو ته يوسي 42 عمرڪوٽ ۾ پاڻي فراهمي جو مسئلو حل ڪيو وڃي، ساجد اقبال کوسو لکيو ته قاضي احمد شھر ۾ پاڻي جي نيڪال جو وڏو مسئلو آھي سڀ کان پھريان ٽائون جي نئين بڻجندڙ چيئرمين کي اھو ڪم ڪرڻ گھرجي گذريل برساتن جو پاڻي شھر جي آس پاس ۾ اڃا بيٺل آھي. ان جي نيڪالي لاء قدم کڻڻ گھرجن، راجو ٺڪر لکيو ته ملڪاڻي شريف ۾ نوجوان اميدوار چونڊجي آيا آھن اميد آھي ته نوان چهرا ڪم ڪندا، مير چند اوڏ لکيو ته پھريون اھو ڪم ڪندا جيڪي ھنن کي ٽڪيٽ ڏيندڙ چوندا ھي پاڻ بيوس ٻين لاءِ ڇا ڪندا.في الحال ته مھينو سوا مبارڪن جي ڏيڻ وٺڻ ۾ پورا ھوندا. غلام علي گل ٻجورو لکيو ته سجاول ۾ مڪاني چونڊيل نمائندن کي سڀ کان پهرين شھر جي صفائي توڙي رهواسين لاءِ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ گهرجي، بشير ميراڻي لکيو ته سڀ کان پهرين اسان جي شھر ميرپور بٺورو جو مين بس اسٽاپ وارو روڊ ٺهرائي ڏين، مراد علي لکيو ته مڪاني چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته شهر جي صفائي سٿرائي جو ڪم روڊ رستا پڪا ڪرائن ۽ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، سعيد احمد ڏاهري به سروي ۾ حصو ورتو، راسو مل لکيو ته ميمبرن کي وڏيرن جي چوڻ تي بلڪل نه هلڻ گهرجي سڀ کان پهرين صاف پاڻي ۽ صحت جا بنيادي معاملا حل ڪرڻ گهرجن، قربان علي ميراڻي لکيو ته ساڳيا لاٽو ساڳيا چگھه ناني ويڙھو ڪري مال گڏ ڪندا ترقياتي ڪم ڪونه ڪرائيندا، قربان عالياڻي لکيو ته پهريون ڪم پ پ  قيادت لاءِ مٺائي جو گفٽ وٺي ويندا ان کان پوءِ اميد ته پاڻي فراهمي لاءِ ڪوشش ڪندا، مير محمد گجو لکيو ته عوام جي ڳڻتي ناھي ھنن کي ھي رڳو پنھنجا  نوازيندا ۽ انھن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا جيڪي ھنن کي اھڙن سيٽن تي ويھاريندا آهن، قربان چانگ لکيو ته ميرپور بٺورو يونين ڪائونسل شاه محمد شاهه۾ ڳوٺ غازي خان چانگ ،ڳوٺ حمزو ملاح ،جو روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي، نديم علي ڀالائي لکيو ته ڪم ڪٿي به ڪونه ٿيندا، خوشحال سنڌي لکيو ته عوام جو پيسو عوام تائين صحيح خرچ ڪن هيئنر ته ويٺل سرڪاري ڪامورا ٽائون ڪاميٽي ميرواگورچاڻي جا فنڊ ٻنهي هٿن لٽي رهيا آهن، امر ذلف علي لکيو ته سڀ کان پهرين مڪاني ادارن جي عهديدارن کي گهرجي ته هو پنهنجي حلف سان نڀائن، اگر نمائندا سچا هوندا ته سڀ ڪم ٿي ويندا، حاڪم علي لکيو ته کيسا ڀرڻ، امتياز جمالي لکيو ته بنيادي مسئلا پيئڻ جو صاف پاڻي، ڊرينيج جو نظام ۽ ان سان گڏ چورن جو آزار وڏو آهي، عبدالوحيد چنا لکيو ته ڪنڊيارو ٽائون ملازم جيڪي گھر ويزا تي ويل آھن انھن کي ڊيوٽي جو پابند ڪن ۽ ڊرينيج سسٽم ۽ صفائي سٿرائي جي نظام کي بھتر ڪيو وڃي اھا ئي انھن جي وڏي نوازش ٿيندي، واحد بخش نندواڻي به سروي ۾ حصو ورتو، وحيد مستوئي لکيو ته جيڪو اڳ ۾ ڪيو ھو ھاڻي به اھو ئي ڪن، اسان جي شھر مورو ۾ چيئرمين سميت چونڊيل نمائندن کي نئين سر سان ڊرينيج جو پلان جوڙڻ گھرجي ۽ وڌايل قبضا ختم ڪرائي شھر کي اصل شڪل ڏيارين، ڊسپوزل وڌائين ته جيئن پاڻي جو نيڪال بھتر ٿي سگھي، آر او پلانٽ فعال ڪري وڌيڪ ضرورت واري ھنڌ ٻيا لڳرائي شھرين کي صاف پاڻي فراھم ڪن، بنيادي مسئلن کي وقت تي حل ڪرڻ جو پلان جوڙڻ گھرجي، محمد اسلم لکيو ته سڀ کان پهريان اليڪشن تي خرچ ڪيل رقم بابت سوچيندا ۽ ان کي ڪڍڻ جي ڀرپور تياري سان گڏ ڪوشش ڪندا ۽ آخر ڪار پنج سال پورا ٿي ويندا، امتياز لغاري لکيو ته چمبڙ يوسي لانڊي جي ڳوٺ جيوڻ لغاري جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، وڏو مسئلو تعليم جو آهي ڪيترائي اسڪول بند آهن اهي کولرايا وڃن، منظور ڪنڀر لکيو ته لکين رپيا اليڪشن ۾ خرچ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو خرچ ڪڍندا، محمد حسين لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، سيف الله پنهور لکيو ته مڪاني نمائندن کي حلف کڻڻ بعد سڀ کان پھرين شھري علائقن ۾ ڊرينيج جو سسٽم بهتر ڪرڻ گهرجي جيئن شھر برسات ۾ ٻڏڻ کان بچي سگهن، ممتاز علي سميجو لکيو ته حلف کڻڻ کانپو پهريون ڪم گڏيل ميٽينگ ڪندا هر ڪنهن کي ڪيترا ڪيترا پيسا ڏيڻا آهن، لقمان جسڪاڻي لکيو ته پهريون ڪم اهو ڪن ته ٻهارو کڻي شروع ٿي وڃن روڊن تي گند ڪچري جا ڊير لڳا پيا آهن، عامر لکيو ته پنهنجا پيٽ ڀريندا، نور احمد کوسو لکيو ته سڀ کان پھرئين اھا پلاننگ ڪرڻ گھرجي ته ھاڻ ڪرپشن ڪئين ڪجي، رفيق جهتيال لکيو ته بيروزگاري جو خاتمو ڪيو وڃي، فتح محمد لکيو ته 15 سالن ۾ جيئن پهريان وارن ڪيو هي به ايئن ڪندا، علي محمد شر لکيو ته چونڊيل نمائندن کي پھريون ڪم علائقي ۾ اسڪولن جي وزٽ ڪرڻ گھرجي، شاهد شر بلوچ لکيو ته اھي ھميشا وانگي پنھنجن وڏن ايم پي ايز ايم اين ايز تائين ڳوٺن شھرن جا فنڊ ٻوھاري اماڻيندا، منٺار علي لغاري لکيو ته هر گھٽي ۾ صفائي لاءِ 1 عدد ملازم مقرر ڪرڻ گھرجي ، اسٽريٽ لائيٽ لڳرايون وڃن، ڊرينيج پلان ٺهرايا وڃن، عامر علي لکيو ته قاضي احمد شھر ۾ پاڻي جي نيڪال جو وڏو مسئلو آھي سڀ کان پھريان ٽائون جي نئين بڻجندڙ چيئرمين کي اھو ڪم ڪرڻ گھرجي، ممتاز علي مهر لکيو ته ڳوٺن کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي، پيارو جلباڻي لکيو ته پهريون ڪم بجيٽ هضم ڪرڻ کپي، عبدالله قمبراڻي لکيو ته سڀ کان پھريان اليڪشن جو خرچ ڪڍندا، اسد مهر، امير علي، علي اڪبر کوسو به سروي ۾ حصو ورتو. نويد ناز اڄڻ لکيو ته ڪھڙو ڪجھه به ڪو نه پر جي ڪجھه نمائندا عوامي درد رکندڙ آھن ته کين سڀ کان پھريان سرڪاري اسڪولن تي کين ڌيان ڏيڻ گهرجي.