بخشاپور(ن پ ا)بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد انڊس هائي وي سومر لاڙو وٽ نامعلوم هٿياربند ڏوهارين گشت ڪندڙ پوليس موبائل مٿان حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ وڏو منشي مسعود احمد بنگلاڻي ۽ اهلڪار ادب حسين جکراڻي ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. موبائل جي ڊرائيور صدام حسين سميت  ٻه اهلڪار زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. واقعي بعد پوليس جي وڏي تعداد واقعي واري هنڌ ڏانهن رواني ٿي وئي آهي,جڏهن ته ٻنهي شهيدن جا مڙھ ضروري ڪارروائي لاء ڪنڌڪوٽ جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته ڏوهاري زورڳڙهه لڳ نئون روڊ وٽ ٽرڪ مٿان به فائرنگ ڪري ٽرڪ ڊرائيور کي پڻ اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن,ذريعن وڌيڪ چيو ته ڪجھ مهينا اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل انعام يافته ڏوهاري شريف بنگوار جي مارجي وڃڻ بعد ڏوهارين پوليس کي نشاني تي رکيو هو.