ناڪارا بڻيل سـنڌ اندر ريلوي نظام کي بحال ڪيو وڃي!

 

(حصو پهريون)

 

ريل ۾ سفر ڪرڻ جو مزو ئي پنھنجو ھوندو ھو. اھڙي ريت ھر ماڻھو جي زندگي ۾ ريل جو سفر فقط يادگار سفر ئي وڃي بچيو آھي، ڇو ته ھن وقت سنڌ ۾ ريلوي جو نظام گھڻي ڀاڱي غير فعال بڻيل آھي. خاص طور ڄامشورو، سيوھڻ، بوبڪ، ڀان سيد آباد، دادو، ڦلجي، پيارو اسٽيشن، سيتاروڊ، بالي شاھ، راڌڻ، لاڙڪاڻو واري لائين مڪمل طور غير فعال بڻجي وئي آھي. جڏھن ته سنڌ جي ريلوي نظام اندر آن لائين جي زندگي ۾ اُھي لاھا چاڙھا معمول رھيا آھن، جنھن جي ڪري عوام توڙي سرڪار ان پاسي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو آھي، جيڪا تاريخ سان وڏي ناانصافي آھي. ريل گاڏي 19ھين صديءَ جي شاندار ايجاد آھي. تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان پتو پوندو ته دنيا جي پھرين ريل 1801ع ڌاري لنڊن ۾ ھلائي وئي، جنھن کي گھوڙا ڇڪيندا ھئا، واٽ ٽري وي ٿڪ ۽ ٻين سائنسدان جي ڪوشش سان 1804ع ڌاري ٻاف واري انجڻ تيار ڪئي وئي، جڏھن ته 1805ع ۾ اسٽيفن ھڪ اھڙو انجڻ تيار ڪيو جنھن سان 15ميل في ڪلاڪ جي رفتار وارو سفر طئي ٿي سگھيو ٿي. 1825ع ڌاري جڏھن انگلينڊ ۾ پھرين ريلوي لائين وڇائي وئي تڏھن اُھا انجڻ ان لائين لاءِ تيار ٿيل ريل گاڏي ۾ لڳائي وئي، تاريخ جا ورق ٻڌائن ٿا ته 1856ع ۾ سنڌ اندر پھرين ريلوي اسٽيشن جو بنياد رکيو ويو، جنھن کي فريئر ريلوي اسٽيشن سڏيو ويو، جيڪا ھاڻ ڪراچي ڪينٽ جي نالي سان مشھور آھي، اھا ريلوي لائين فريئر ريلوي اسٽيشن کان ڪياماڙي تائين وڇائي وئي ھئي، جنھن جو افتتاح ان وقت سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر ڪيو ھو. ڪراچي ڪينٽ کان شروع ٿيندڙ اھو سلسلو وڌندو ويو جنھن بعد 1858ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين 110 ڪلوميٽر جي سروي ڪئي وئي، جنھن جو ٺيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني حوالي ڪيو ويو ۽ اُھو ڪم ٿوري عرصي ۾ ئي مڪمل ڪيو ويو ھو جنھن جو افتتاح 13مئي 1861ع تي ٿيو. جڏھن اُھو پراجيڪٽ ڪامياب ٿيو ته پوءِ ھنن وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنھن بعد 1879ع ۾ ڪوٽڙي کان حيدرآباد جنڪشن تائين لائين وڇائي وئي، جنھن دوران ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد کي ڳنڍڻ لاءِ درياھ مٿان شاندار پل تيار ڪئي وئي، ان بعد رُڪ ھاڻوڪي شڪارپور جنڪشن ۽ وري رُڪ کان بمبئي تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو فيصلو ٿيو ۽ اھو ڪم فقط 4 مھينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو، جنھن جو افتتاح 1880ع جنوري جي مھيني ۾ ٿيو، ان بعد ڪوٽڙي کان ڄامشوري، سيوھڻ، دادو، سيتا روڊ ۽ لاڙڪاڻي لاءِ ريلوي لائين وڇائي وئي ۽ انهن ٽريڪس تي ريلون ھلڻ شروع ٿي ويون. (جاري)

 

ڊاڪٽر راجو ٺاڪر/ ملڪاڻي شريف

مزدورن جو عظيم ڏينهن!

 

پهرين مئي کي مزدورن سان محبتن ۽ ويچارن جو ڏينهن ڪوٺيو وڃي ٿو پر ان ڏينهن تي مزدورن کي موڪل هجڻ تي پريشاني ۾ وڪوڙجندي ڏسون ٿا يا ته موڪل ڪرڻ کان لنوائيندا آهن، انهن جي هن عظيم ڏينهن تي به ڪم ڪندي ڏٺو ويندو آهي، چوندا آهن ته زمين ڍڳي جي سڱن تي بيٺل آ، نه زمين ڍڳي جي سڱن تي نه پر مزدورن جي ڪلهن تي بيٺل آ، ان ڏينهن تي حڪومتن طرفان وڏيون وڏيون ڪانفرنسون، وڏا هال منرل واٽر بوتلن، فوم وارين ڪرسين تي وڏن بوٽن ۽ ڪوٽن وارن سان سجايل هوندا آهن، ايسين ۾ انهن محنت ڪش مزدورن جي نالن تي انهن جي ئي پگھر مان اوڳاڙيل ٽئڪس تي ريفريشمينٽ ۽ اوڳرايون ڏيندا آهن پر ٻاهر ڪاڪو ڪستورو گهر ۾ اٽي جي لپ نه هجڻ ڪري ڪٽا پٺن تي کڻي گاڏي لوڊ ڪندو پيو رهي، ڪير به اهڙن ڪستورن کي اڄ جي ڏينهن تي پنج ڪلو اٽي جو احساس نه ارپيندو نه ئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي کيس دلي دلاسو ڏيندو. مزدورن جي عالمي ڏينهن تي محنتڪش مزدورن جي سماجي ڪردار کي جهڪي سلام. مزدورن جو حڪومتي اعلان موجب مزدوري ۽ پگهار تي عمل نه ڪرڻ به مزدور جي حقن سان ويساھ گهاتي هميشه کان ٿيندي رهي آهي، مزدوري جي عالمي ڏينهن تي به مزدور حالتن موجب پريشانين کي منهن ڏيندي ڏٺا ويندا آهن، مزدورن جي نالي تي اڄ به حڪومتي خزاني مان وڏيرا، واٺا، فوٽو سيشن ڪري خزاني مان نڪتل پئسن تي عياشيون ڪندا آهن پر غريب مزدور اڄ به هڪ ويلي لاءِ واٽون ويٺو تڪيندو آهي، جنهن جي نالي تي عالمي ڏينهن پيو ملهايو وڃي، اهو اڄ به روڊن تي پگهر پيو وهائي ۽ وڏن عهدن ۽ سرڪاري نوڪرين وارا موڪلون پيا ملهائيندا آهن، اهو به مزدورن سان ويساھ گهاتي آهي.

 

گلشن ميگهواڙ/ڏيپلو، ٿرپارڪر

اهڙا جو انصاف ٿيندا ته پوءِ ڇو نه نسلن جا نقصان ٿيندا !

 

ڪجهه وقت اڳ ٺري ميرواهه جي رهائشي سارنگ شر استادي پيشي کي لڃائيندي ڪيترن ئي معصوم شاگرد ۽ ٻارڙن سان زيادتي ڪري انهن جا وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي ڏوهه کان پوءِ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ھئي، جنهن بعد ان کي جيل ۾ به رکيو ويو هو پر ڪجھه ڏينهن اڳ ڪورٽ مان باعزت بري ٿي جڏهن جيل مان آزاد ٿيو ته ان کي هن معاشري جي ماڻهن گلن ۽ نوٽن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ۽  سارنگ شر معصوم ٻارن ۾ پئسا به ورهايا پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سارنگ شر سوين ٻارڙن سان زيادتي ڪري انهن جا وڊيوز رڪارڊ ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو هو ۽ اهي وڊيوز سوشل ميڊيا جا زينت پڻ بڻيا هئا ته پوءِ ڪورٽ ۾ اهي ڪيئن ثابت نه ٿي سگھيا؟ هاڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ان معاملي جو سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو آهي، اسان کي به سنڌ حڪومت مان اميدون آهن، اهڙن ڪردار جي آزاد گھمڻ معاشري تي انتهائي ناڪاري اثر پوندا.

 

ثقلين حيدر/ رتوديرو

 

شڪاگو جي شهيدن کي سلام!

 

پورهيتن جي جدوجھد ۽ پنهنجي حقن جي لاءِ وڙهڻ جي تاريخ ۾ پهرين مئي کي وڏي اهميت حاصل آهي. سڄيءَ دنيا ۾ هر سال، هي ڏينهن “پورهيت جو ڏينهن” ڪري ملهايو ويندو آهي. اڻويهين صديءَ ۾ مزدورن پنهنجي حقن جي پورائي جا مطالبا شروع ڪيا. سن 1886ع مئي جي مهيني جي پهرين تاريخ تي آمريڪا جي مزدورن ۽ پورهيتن، سرمائيدارن ۽ منافعي خورن خلاف بغاوت جو جھنڊو هٿ ۾ کنيو. ان ڏينهن سج اڀرڻ سان ئي لکن جي تعداد ۾ مزدورن اچي شڪاگو ۽ ٻين شهرن جي گھٽين ۾ ڪٺا ٿيا. هو شاهوڪارن ۽ مِلن جي مالڪن جي ڏاڍاين ۽ ظلمن خلاف آواز اٿاري رهيا هئا ۽ پنهنجا حق گھري رهيا هئا. مٿن ٿيندڙ ظلمن کين هڪ ڪري ڇڏيو هو. پنهنجا سمورا ويڇا وساري، ڏاڍ سان منهن ڏيڻ جي لاءِ هو پاڻ ۾ ٻٽ ٿي چڪا هئا. هو حق ۽ سچ جي راهه تي هئا. هنن کي پنهنجي جدوجھد ۾ ويساهه هو ۽ سوڀ جي پڪ هئي. هنن جي مکيه گھر اها هئي ته “هو سورهن ڪلاڪن بجاءِ، رڳو اٺ ڪلاڪ روز ڪم ڪندا.” انهن ڏاڍاين جي خلاف انهن آواز اٿاريو ته مڙئي مزدور هڪ آواز ٿي ويا، جن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ سخت ڪارروايون ڪيون ويون ۽ هزارين پورهيت اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. اهڙي ظلم کي سدائين سهڻ جي بجاءِ آمريڪا جي مزدورن هڪ هڪاڻ جي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيتوڻيڪ مٿن سختيون ٿيون، اذيتون مليون ۽ مصيبتن جا پهاڙ ڪري پيا. سرمائيدارن مزدورن کي ماري سگهيا پر سندن هلچل کي مات نه ڪري سگھيا. اهي خوشنصيب حق جي راهه تي جان ڏئي شهادت جو پيالو پي ويا پر مزودرن جي آواز کي بلند ڪري ويا ۽ تحريڪ کي پوئتي هٽڻ نه ڏنائون. نيٺ ڪامياب ۽ ڪامران ٿيا. آخر دنيا جي اٺن ڪلاڪن واري اصول کي مڃڻو پيو، ٻدي ۽ اتفاق سان  ثابت ڪيائون ته ٻڌي ۽ اتفاق ۾ وڏي برڪت آهي. اڄ سڄي دنيا جا مزور ۽ پورهيت هر سال پهرين مئي تي انهن شڪاگو جي شهيدن کي سلام ڪري پنهنجي هلچل ۾ نئين جان وجھندا آهن ۽ اڳتي وڌندا آهن. اڄ به هي انسان دنيا جي پورهيتن لاءِ وهائو تاريخ جي حيثيت رکن ٿا.

 

عزيزالله خاصخيلي‎‎/ميرپورخاص

 

جبر هيٺ زندگيون گذاريندڙ پورهيت!

 

پهرين مئي اهو ڏهاڙو آهي جنهن ڏينهن تي پوري دنيا ۾ عام موڪل ڪري پورهيتن سان يڪجهتي طور ملهائي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي، اصل ۾ شڪاگو جي مزدورن پنهنجي خلاف ٿيندڙ ظلم خلاف هڪ تحريڪ 1886ع ۾ شروع ڪئي ڇاڪاڻ ته ان کان پهريان انهن پورهيتن کان 24 ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو ۽ سندن سان وڏيون ناجائزيون ٿينديون هيون، پورهيتن جيڪا پنهنجي حقن لاءِ هڪ تحريڪ شروع ڪئي ان ۾ هزارن جي تعداد ۾ پورهيتن شرڪت ڪري ان حڪومت جا رستا تنگ ڪري ڇڏيا، آخرڪار بمن ۽ گولن جي هلڻ ۾ ڪيرائي پورهيت موت جو کاڄ بڻجي ويا، جن جي قربانين عيوض پورهيتن جا مطالبا تسليم ڪري سندن جو عالمي سطح تي پهرين مئي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جنهن کي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ يڪجهتي طور سمجهيو وڃي ٿو. اصل ۾ اسان جيڪڏهن پنهنجي ملڪ سميت سنڌ صوبي جي ڪنهن به ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ نظر ڦيرائي ڏسنداسين ته هتي به پورهيتن سان هلندڙ زيادتيون ۽ ظلم شڪاگو جي شهيدن کان گهٽ ناهن، اڄ به سنڌ جا پورهيت ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل نظر اچن ٿا، سندن حقن لاءِ ٺلها اعلان ته ڪيا وڃن ٿا پر اصل ۾ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪو به عملي ڪم نظر نٿو اچي. اڄ به سنڌ جا هزارين پورهيت ڪيترن ئي وڏيرن، ڀوتارن جي غلامي ۾ ڦاٿل آهن ته وري ڪيترن کي ئي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ تي هميشه لاءِ چپ ڪرايو وڃي ٿو. پورهيت جيڪي ملڪ جو اهم اثاثو هجن ٿا انهن جي اولاد جي تعليم، صحت يا ٻين ڪيترن ئي فلاح بحبود لاءِ ڪي جوڳا قدم ناهن کنيا ويا، اڄ به اسان جا پورهيت ڪي سرن جي بٺن تي قيد نظر اچي رهيا آهن ته ڪن کي وري پنهنجي ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ بلديا جهڙي فيڪٽري ۾ بند ڪري سون جي تعداد ۾ ساڙيو وڃي ٿو. حڪومت پنهنجا نمبر ٺاهڻ خاطر اعلان ته ڪري ٿي پر اڄ به سنڌ جي پورهيتن کي پورو اجورو نٿو ملي، جنهن سبب سنڌ جا پورهيت ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهن، ڪي غربت سبب بيمارين ۾ پاهه هوندي ملن ٿا ته ڪي وري ٻن ويلن جو ٽڪر کائڻ لاءِ به پريشان آهن. حڪومت کي گهرجي ته پورهيت جيڪي ملڪ جو اثاثو هجن ٿا انهن جي فلاح بهبود لاءِ عملي قدم کڻي ساڻن انصاف ڪيو وڃي نه ته هڪ ڏينهن وري اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ به پورهيت تنگ ٿي شڪاگو جي شهيدن جيان رستن تي نڪري آيا ته پوءِ کين ڪو روڪي نه سگهندو.

 

حفيظ علي ملاح/ اڳڙا

 

مسڪين ھارين جي دانهن ڪير ورنائيندو؟!

 

جيتوڻيڪ سنڌ ۾ برساتن، ٻوڏ، سيلاب کان پوءِ ڄڻ ته هارين ۽ زميندارن جي چيلهه ڀڄي پئي آھي، سمورن هارين، پورھيتن ۽ ننڍن زميندارن جون اکيون چونڊيل نمائندن کان وٺي حد جي آفيسرن ڏانهن واجهائي رھيون آھن ته شل حڪومت طرفان رليف ملي پر پسنديده ماڻهن جون مهربانيون ايتريون ته هيون جو اسان جهڙا خوددار ۽ سفيد پوش ماڻهن ڪنهن پير وڏيري جي درن تي ويهڻ کان بهتر پنهنجون زمينون بئنڪن ۾ رکي ان نقصان ۽ ڌڪ پچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان لاءِ پنهنجي ڳوٺ ضلعي خيرپورميرس تعلقي ڪنگري ديهه ماڙي ڄام ڳوٺ جتوئي ۾ پنهنجي زمين جا پاس بڪس ٺهرائڻ لاءِ اتان جي تپيدار عبدالواحد عباسي سان رجوع ڪيو حيرت ۽ ڏک اٿم ته آفيسر صاحب هڪڙي پاس بڪ جا ڏهه هزار پئي گهريا، جيڪي مون سمجهيو ناجائز آھن ان ڪارڻ حد جي اي سي ڊي سي سان رجوع ڪيو، انهن اعتماد ڏياريو ته اوهان کان ناجائز پئسا نه وٺنداسين اچي تپيدار عبدالواحد عباسي وٽ پهتاسين ته تپيدار عبدالواحد عباسي ديهه ماڙي اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏيو ته هڪڙي زمين جي پاس بڪ تي اي سي ڊي سي ۽ مختيار ڪار جو خود حصو هوندو آھي، ڇو جو هو پنهنجي صحيح ڪرڻ جا پئسا وٺندا آھن، جيڪي اسين ٻه ٻه هزار ڪري ورهائيندا آهيون. دماغ جا تاڪ لڳي ويا، سوچيم ڀلا جتي سڄو نظام ڪرپٽ ۽ نااهل هجي اتي وقت جي بچاءَ لاءِ پئسا ڏئي پنهنجو ڪم ڪرائي وٺجي، مون تپيدار کي پئسا ڪڍي ڏنا ۽ پنهنجي پاس بڪن جو انتظار ويٺي ڪيم پر جيئن هڪ اردو جو شعر آھي ته:

“نہ یار ملا نہ وصال صنم ”

ان پاس بڪن کي به ياد ڪندي ايئن ورهه لنگهي ويا، جيئن مومل راڻي کي ساريندي ڪاڪ جي محلات ۾ روئيندي رهي. لاڳيتو انتظار ۽ تپيدار ديهه ماڙي عبدالواحد عباسي جي آسرن 3 مهينا لڳائي ڇڏيا آھن، هيءُ ڇوٿون مهينو شروع ٿيڻ وارو آھي، جنهن تي ڪالهه خبر پئي ته ڊي سي صاحب عبدالواحد عباسي کان چارج واپس وٺي ڇڏي آهي. اسين تپيدار، مختيارڪار، اي سي ڊي سي جي مفادن جي جنگ ۾ پيڙهجو پيا، اسين اعليٰ آفيسرن کي اپيل ٿا ڪريون ته هن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ايڪشن کنيو وڃي ۽ مسڪين، پورھيت، ھارين سان انصاف ڪيو وڃي، جيڪڏھن ايئن نه ٿيو ته پوءِ ڪيترن ئي هارين ۽ زميندارن سان گڏجي مجبورن اي سي ڊي سي آفيس جو در کڙڪائي پرامن احتجاج تي ويهي رھنداسين، ڇاڪاڻ ته هن ڪرپٽ آفيسرن جي ظلم جو شڪار هر ننڍڙو زميندار ۽ هاري ئي ٿي رھيو آھي.

 

سيف جتوئي/ڪولاب جيئل

 

پاڪستان جي سياست ۽ عوام!

 

پاڪستان جي سياست ۾ ھن وقت تمام گھڻو نازڪ دور ھلي رھيو آھي، جيستائين عام چونڊون نٿيون ٿين، نئين حڪومت نٿي ٺھي تيستائين ڪجھ نٿو چئي سگھجي ته اسان ڪھڙي طرف وڃي رھيا آھيون پر ڏٺو وڃي ته اسان ھر ڏينھن ڏکيائين طرف ئي وڌي رھيا آھيون ۽ ان باوجود سياسي بازار گرم لڳي پئي آھي. سياسي سپورٽ ۽ مخالفت ھر ڪنھن جو حق آھي پر ھر ماڻھو کي رب سائين عقل ڏنو آھي، دماغ ڏنو آھي، سوچ ڏني آھي، ان باوجود پنھنجي ضد تي قائم رھي ته پوءِ ڪير ڪجھ نٿو ڪري سگھي. جيڪي اسان جي پياري ملڪ جا سياستدان آھن انھن مان اڪثر ھن ملڪ تي حڪومت ڪري چڪا آھن ۽ سڀني جا ڪارناما به سڀني ڏٺا آھن. ان کان پوءِ پھريون ڀيرو ھڪ نئون چھرو سامھون آيو، عمران خان جي روپ ۾ جنھن اچڻ سان ڪجھ سٺا ڪم ڪيا، صحت ڪارڊ ڏنا، ڪي پي ڪي ۾ بس سروس ھلائي، سٽيزن پورٽل تي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ کي پنھنجو صوبو به تسليم نه ڪيو ۽ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻيٽن ۽ اسپتالن تي قبضي جي به ناڪام ڪوششون ڪيائين، صحت ڪارڊ به سنڌ جي ھڪ ضلعي جي مخصوص علائقي ۾ ڏنا ويا، ملڪي سطح تي ٽئڪسز ۾ لاڳيتو واڌ ڪئي وئي جنھن سان مهانگائي تمام گھڻي وڌي وئي، پنھنجا ڪيل واعدا 50 لک گھر، ھڪ ڪروڙ نوڪريون پورا نه ڪيا، سي پيڪ منصوبي کي روڪي ڇڏيو ۽ پھرين ڀيرو پاڪستاني سياست ۾ غير مھذب ٻولي جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو ۽ مخالف ڌر جي اڪثر اڳواڻن تي ڪيس به ڪيا ويا پر ساڍا ٽي سال حڪومت ڪندڙ عمران خان عوام لاءِ ملڪ لاءِ ڪنھن به قسم جو ڪو سڌارو نه آندو ۽ پنھنجي ئي ملڪ جي عوام مٿان سڌيون گوليون ھلرايون، بڪتر بند گاڏيون چڙھايون ۽ تحريڪ لبيڪ جا 35 کان مٿي ماڻھو شھيد ڪرايا ۽ ھن جي ئي حڪومت ۾ انڊيا جي سکن لاءِ سرحد کولي وئي، جنھن انڊيا ڪشمير جي مسلمانن تي ڪرفيو جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي ۽ ھن جي ئي ھڪ وزير جو اسرائيل سان رابطي جون به ڳالھيون ھليون، قاديانين کي ڪافر قرار ڏيارڻ جو به ڪريڊٽ ھن ڏانھن وڃي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ 40 لک افغانين کي نادرا جا ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ نادرا جي قانون ۾ ترميم به ھن جي ئي حڪومت ۾ ڪئي وئي ۽ تاريخ ۾سڀ کان وڌيڪ افغاني پٺاڻن سنڌ ڏانھن رخ ڪيو.

 

محمد ٻارڻ/سجاول

ذهني اذيت جو شڪار اتر سنڌ جا ماڻهو!‎‎

 

جيتوڻيڪ اتر سنڌ جي هر ضلعي ۽ هر جاءِ تي رڳو  اڻوڻندڙ واقعا ڪر کنيون بيٺا آھن، آخر اتر سنڌ جي ست رنگ ۽ خوشين واريون روشنيون ڇو ختم ڪيو ويون؟ افسوس هن وقت سکر، شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي وارين علائقن ۾ اڻڄاتل مدي تائين هر هڪ عام شھرين اندر هڪ ذهني اذيت جو خطرناڪ احساس بيدار ٿي ويو آھي، ڇا ان جو اهو سبب آهي جو ماڻهو حقيقتن کي منهن ڏيڻ کان قاصر آهن؟ اهو تمام ڏکيو ٿي رهيو آهي ته اسان جي توانائي کي هڪ طرف ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان قاصر ۽ ٻئي طرف اڄ ڪاميابيءَ جو صحرو حاصل ڪرڻ به تمام ڏکيو ٿي پيو آھي، جنهن کي هڪ ئي وقت اغوا، ڌاڙن، ڦرلٽ سميت مختلف معاملن تي عبور حاصل آهي. اتر سنڌ جي علائقن جي هميشه تاريخي حقيقت رهي آهي جيڪا رت سان لبريز ٿيڻ باوجود اسلامي جهموريه ملڪ آڏو پنهنجو سچ ثابت نه ڪري سگهي آهي، گهڻو ڪري گهوٽڪي توڙي ڪشمور سميت ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس اهلڪارن جو آپريشن ۽ عام شھرين لاءِ ڏنل قربانين جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جنهن جو ڪتاب ڪڏهن به نٿو ڀرجي سگهي. اتر سنڌ جي علائقن ۾ رڳو قبيلائي دهشتگردي نه پر هر موضوع ۽ عنوان جي لحاظ سان قربانيون ئي قربانيون آهن. هر طرف ڏاڍ ظلم ۽ ناانصافي سمايل محسوس ٿي رهي آهي. اڄ ڪلهه ته ڪشمور ۽ گهوٽڪي ۾ اڻوڻندڙ واقعن ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي تاريخ رقم ڪري پئي وڃي. هن وقت اتر سنڌ جي علائقن جون حالتون پوليس ۽ لاڳاپيل وس واران ادارن پاران ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام حاصل آھن. اڄ اسان جديد دور جي سال 2023 ع ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، جڏهن ته اهو دور ترقي جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي، اطلاعن جو طوفان آهي، اڻ ڳڻيا ذريعا ۽ خبرون پکيڙيل آهن. ٻولين جي زنجيرن کان آزاد، تصويرن ذريعي سڀ ڪجھه سمجھي ٿو. اتر سنڌ جا ٻار اڄ به خوشين جي آزادي لاءِ وڙهندا رهيا آهن. والاريل ڪشمير جيان اڄ به ظلم ٿي رهيو آهي پر اڄ به دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ان ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ناانصافي کي نظرانداز ڪرڻ جا مثال سڌو سنئون نظر اچي رهيا آهن. هڪ ڳالهه واضع ڪريان ته سنڌ صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ملڪي امن قائم ڪندڙ تنظيمون ۽ ملڪي رابطا تنظيمون اتر سنڌ جا ضلعن ڏانهن ڇو اکيون بند ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن اهي سڀ تنظيمون انڪار ڪنديون رهنديون ته پوءِ اسان پنهنجي نسلن جون رت سان ڀريل قبرون ٺاهيندا رهنداسون.

 

امان الله ملڪ/تنگواڻي

 

هڪڙي چٽي ايم اين اي ميڊيم فريال ٽالپر ڏانهن!‎‎

 

سڀ کان پهريان اسلام عليڪم، ميڊيم فريال ٽالپر صاحبه، ميڊيم کي هڪ عرض ڪندس ته ڪاڇي جو اهم شهر واهي پانڌي ۾ نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن، ڪاڇي ۾ڪو به گرلس ڪاليج موجود ناهي، واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي، ٽنڊو رحيم خان، ڳوٺ صاحب خان لغاري، ڳوٺ پير بخش لاشاري، ڳوٺ دودو برهماڻي، ڳوٺ فضل جماليءَ سميت ڪيترن شهرن ڳوٺن جا نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون تڪليفون برادشت ڪري جوهي يا دادو وڃي رهيون آهن، جنهن لاءِ اسين سڀ ميڊيم فريال ٽالپر صاحبه کان مطالبو ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري واهي پانڌي ۾ گرلس ڪاليج تعمير ڪرايو وڃي، ته جيئن واهي پانڌي جي نياڻين جي تعليم کي بچايو وڃي، اسان جون نياڻيون به معاشري ۽ ملڪ جو هڪ ڪارائتو فرد بڻجي سگھن. اها ته توهان کي به خبر هوندي ته مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو پر جي نياڻي پڙهي ته خاندان پڙهيو. اسان کي توهان مان اميدون آهن، اميد ته اسان جي اميدن تي اوهان پورا لهندا.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو