ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي ڳوٺ ٺوڙھا جي رھواسي نوجوان عورت ثمينه زال رانجھن ابڙو پنھنجي امڙ سڪينه ۽ معصوم ٻارن سونھن ۽ حسنين سان گڏجي پنھنجي ڏيرن خلاف نيشنل پريس ڪلب  ميھڙ پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته منھنجو مڙس سعودي عرب رھندو آھي ۽ منھنجا ڏير عاشق، امتياز، سينگار، الياس ابڙو ھر وقت مون تي تشدد ڪندا رھن ٿا. ھن چيو ته گذريل ڏينھن منھنجي ڏير سينگار ابڙي گھر ۾ گھڙي مون سان زبردستي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي منھنجي دانھن تي ماڻھو پھتا جنھن بعد ڏيرن مون تي تشدد ڪري زبردستي گھر مان ڪڍي ڇڏيو آھي. هن وس وارن کان گهر ڪئي ته مون تي تشدد ڪندڙ ۽ زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.