بدين (رپورٽر ) بدين جي نوجوان عبدارزاق ملاح کي مبينا طور پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، گھر واري پوليس ڪانسٽيبل عزينه نور ملاح، مسمات ساران ملاح، مسمات شمعه ملاح ۽ معشوق ملاح جي اڳواڻي ۾ مردن عورتن ۽ ٻارڙن الله والا چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي سخت آحتجاج ڪرڻ بعد ايوان صحافت بدين آڏو احتجاج ڪري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي نوجوان عبدالرزاق ملاح کي بدين پوليس بااثرن جي چوڻ تي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي سندس ڏوھ صرف اھو ھو ته ھن سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکي ايس ايس پي بدين کان منشيات بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ھو. ھنن چيو ته اسان کي نوجوان سان ملڻ به نٿو ڏنو وڃي اسان کي شڪ  آھي ته ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس ھاف فراءِ يا فل فراءِ نه ڪيو وڃي. هنن وس وارن کان نوجوان کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.