مانجهند جو بي نور باهمٿ نوجوان عرفان احمد المعروف جنرل درو خان … رفيق ملاح

0
235
مانجهند جو بي نور باهمٿ نوجوان عرفان احمد المعروف جنرل درو خان ... رفيق ملاح

هي جتان به گذرندو آھي سڀ چوندا اٿس، واھ درا واهه ۽ خوش ٿي چوندو آھي مان نوڪر بابا مان نوڪر بابا، مانجهند جو باهمٿ بي نور جوان سنڌ ڌرتي لاءِ هڪ مثال آھي، ۽ انهن نالائق اولادن ۽ انيڪ واندن جي منهن تي تي چماٽ آھي، سنڌ کي به ڪو هن جهڙو باهمٿ اڳواڻ گهرجي هي چئي ٿو نور ناهي ته ڇاٿي پيو همٿ بندو مدد خدا شڪر عزت سان وقت گذاريون پيا ڪنهن جي ڪاڻ ئي نه ڪڍان، ڪم چور واندن بيروزگاري جا بهانا ڪندڙن لاء هڪ اهڙو مثال جو اوهان خواهش ڪندا ته ان دل جي روشن خيال نوجوان سان ملون، هن نوجوان کي سڏيندا درا خان آھن پر هن جو  ڪن ۾  چيل نالو عرفان آھي، ذات جو ورياڻي آھي، قدرت جا عجيب فيصلا هڪ غربت ٻيو وري حسين بخش کي اولاد ٿيو ته نور جهڙي نعمت کان محروم، هن جون ٻه ڀينرون به  نور جهڙي نعمت کان محروم آھن، عرفان المعروف درو خان ننڍي هوندي پٽي کڻي اسڪول به پهتو الف اک ب بدڪ اچاريو ته وڃي پر اکر جي سڌ پويس ئي نه هي سمجهي ويو، آئون دنيا جي نظارن رنگن روشنين کي ڏسان پيو پر تصوراتي طور پڙھڻ کان بهتر آھي گهر جو سهارو ٿيان چڻن جو ٿالھه کڻي هوڪا ڏيڻ لڳو، ڪيئن گهٽيون رستا کڏا کوٻا ناليون پار ڪندو هو سا هن عرفان کي خبر، پر هي مايوس نه ٿيو، بي نور ٿي به هن سخت پورهيو تلاش ڪيو، گڏھن وارن سان وڃي گڏيو، ڪجھه ڏينهن ته گڏھن تي چڙھيو پيو چڪر هڻندو هو، آخر هن به گڏھن تي مٽي ريتي بجري روڙو سرون کڻڻ شروع ڪيو، عرفان ڪيئن گڏھن جي ٻورن تي سرن جون سٿيون هڻندو آھي ڪيئن بيلچو ڀري مٽي جو ٻورن ۾ وجهندو آھي؟ ڪيئن ريتيون ڀري وري سهي سلامت ماڳن تي پهچائيندو آھي؟ عرفان جي جذبي همٿ کي سلام

هي ڪالھه صبح به گڏھن کي هڪليندو هي ڪلام چوندو ويو.

ڇاجي لاءِ تنهنجي منهن تي رنج ۽ ملال آ

حڪم ڪر مان حاضر آھيان جهڙو منهنجو حال آ

عرفان جي آواز ۾ جستجو همٿ نظر آئي،

سڏ ڪيو مانس

عرفان او عرفان

عجيب گڏھ کي پيرن سان ونگڙ وجهي بيهي رهيو

ڄڻ تيز رفتار گاڏي کي روڪيان

حڪم حڪم وڏا سائين

بيهندي سوال ڪيائين سائين منهنجو نالو ياد اٿئي

چيومانس ها ياد آھي

وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين سائين پڪ سان مٽي جا ٻورا کپنئي، نه ته اسان غريبن کي ڪير ياد ڪري

چيومانس نه يار تون ته امير آھين، گهڻن ڇا انيڪ نور وارن کان معتبر مانائتو آھين،

وري ٽهڪ ڏئي عرفان چيو سائين مشڪري ڇڏ استاد آھين توسان رعايت ڪبي پر اڄ گڏھ واندا ناهن،

چيومانس شام جو ملجان ڪم اٿئي

حاضر حضر چئي هن گڏھ کي پيرن جو اشارو ڏنو ۽ روانو ٿي ويو. هاڻ مونکي شام جو انتظار، جنهن هوٽل تي ويهندو آهيان عرفان بہ اتي ايندو آھي، فلمن ڏسڻ جو به شوقين آھي، ڏسي ڇاٿو سا خبر ناهي، باقي اسٽوري اداڪارن جا نالا اهڙا ٻڌائيندو جو وڃي ٿيا خير، رات ساڍا ڏھ ٿيا ، ڪاٽن جو وڳو رومال هٿ ۾ وارن کي تيل ڦڻي ڏنل اچي گذر ڪيائين،

سڏ ڪيومانس

يڪدم چيائين سائين توکي پئي ڳوليم

خير ڪرسي تي ويهاري حال احوال ڪيامانس

عرفان ڏي خبر ڀلا ڊاڪٽرن کي ڪنهن توکي ڏيکاريو؟

وڏو ٽھڪ ڏئي چيائين : سائين غريب جو ڪير ڪون اٿئي، ٻٽي چڪر وياسين ، منهنجون ڀينرون به هيون،

ڊاڪٽرن لاءِ چيائين سريلن چيو اوهان جو علاج ولايت ٿيندو، نڀاڳن کان پڇي ڪير اسان پيٽ گذر ڪيئن پيا ڪريون سو ولايت وينداسين، بابو بس جو ڪنڊيڪٽر ڪيڏي مهل هوٽل تي ڪمائي سائين ڀلا پرائي هوٽل کپائي يا بس کپائي ولايت جو ڪرايو به مس نڪرندو.

چيومانس سچو آھين، ڀلا ڏسين ڪيئن ٿو؟

چيائين ٿوري روشني لڳندي آھي، شهر پنهنجو ماپيو پيو آھي، پيا گهمون ڦرون، ها نڀاڳا ڪتا وچ رستي تي ويٺا هوندا آھن انهن مٿان لت اچيو وڃي، باقي سائين سنوان سڌ اچي پاسو هڻندا آھن، وري چوندا آھن درا انڌو آھين ڇا ؟ سائين تون ٻڌا انڌو آئون يا هو ؟

چيومانس هو انڌا چئبا

پڇيومانس ڀلا خواهش ڪا اٿئي؟

چيائين ادڙين جو علاج ٿي وڃي ته واھ واھ، اسان ته مرد آهيون وقت گذاري وينداسين پر هو نياڻيون آھن

هن اهڙي انداز سان اهي جملا چيا، اکيون ڀرجي آيون،

پڇيومانس گهڻو ڪمائين ؟

چيائين مولا جو گنج سائين پاڻ حساب ڪريون ڪونه جيڪا مزدوري ملي گهر جو سامان وٺان ڪجھه محبوب ماڻھن کي کارايون.

چيومانس عرفان چئبو محبوب به اٿئي

وڏو ٽھڪ ڏئي چيائين : مڙئي درزي دوست آھن، پاڻ به خدمت ڪن اسان به ڪريون ، ٿورو ٿوري کڻبو ڪنهن جو سائين،

ائين چئي چيائين سائين پڪوڙا وٺڻا اٿم گهر ويندس وري اچان ٿو

چيومانس ڀلا درا خان ڪنهن نالو رکيئي؟

چيائين سائين حر مجاهد هو ان نالو رکيو

چيائين جهڙو سزا ۾ هجو ، ائين چئي هيٺ لٿو، پڪوڙا ورتائين، سڌو گهر ڏانهن روانو ٿيو.

نئون ماڻهو محسوس ئي نه ڪندو ته هي بي نور آھي،

عرفان جي پسنديده شخصيت سائين محمد صالح ميمڻ آھي، چئي ٿو واحد اهيو شخص آھي جيڪو ويهاري چانھه پياريندو آھي، ڪڏھن ڪڏھن مزدوري ناهي ته ڪجھه خرچي به ڏيندو آھي،

عرفان منهنجي چانھه به نه پيتي

چيومانس چانھه پيءُ

چيائين: سائين طلب ناهي ڇو تنهنجا ويھه وڃايان. (فيس بوڪ تان ورتل)