سنڌ جي ماتحت عدالتن ۾ ڪاپيئسٽن جي لاءِ پگھار مقرر ڪئي وڃي

 

ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ جي چيف جسٽس کي گذارش آھي ته سنڌ صوبي جي ماتحت عدالتن ۾ ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ ڪاپيئسٽن جي لاءِ پگھار مقرر ڪئي وڃي. عدالتن ۾ ريگيولر ڊيوٽي ڪري پنھنجو وقت ۽ توانائي وقف ڪندڙ تعليم يافته ۽ ڪمپيوٽر ۾ مھارت رکندڙ نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي. سنڌ صوبي جي ماتحت عدالتن ۾ ڪاپيئسٽ جي پوسٽ کان علاوه ٻيون سڀ پوسٽون ريگيولر ۽ بنيادي اسڪيل مطابق آھن. واٽر مين، بڪ بائينڊر، مالھي، بيلف، چوڪيدار ۽ نائب قاصد سرڪاري پگھار تي مقرر ٿيل آھن. جيئن ته سرڪٽ ڪورٽ، اي ٽي سي ۽ ھاءِ ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن ۾ ڪاپئيسٽن جو ڪم ۽ ذميواري تمام گھڻي آھي. ڪاپيئسٽ ڪاغذن جون نقل ڪاپيون تيار ڪري ڏيڻ سان گڏ ڪلارڪ، رڪارڊ ڪيپر، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ پروف ريڊر جو ڪم به ڪري رھيا آھن، ان جي باوجود به نوجوان ڪاپيئسٽن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي. قانون کاتي ۾ سندن لاءِ ڪابه ڪوٽا مقرر ٿيل نه آھي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن جا ڪاپئيسٽ بنا پگھار جي ڊيوٽي ڪري رھيا آھن، پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ڪاپئيسٽ 11 اسڪيل ۾ ڀرتي ٿيل آھن. سنڌ صوبي جي ماتحت عدالتن ۾ صرف ڪاپنگ في عيوض صبح کان شام تائين ريگيولر ڊيوٽي ڏيندڙ ڪاپئسٽن کي پنھنجو جائز حق ڏئي 11 اسڪيل مطابق پگھار ڏني وڃي. ھاءِ ڪورٽ ۾ 2013ع کان وٺي ڪاپيئسٽن جي درخواست رولڙي جو شڪار آھي ۽ مختلف وقتن تي مختلف گھرجون پوريون ھئڻ باوجود به ڪاپيئسٽن کي ھر ڀيري ھڪ نئين تاريخ ڏئي ڪيس کي اڳتي ڌڪيو ٿو وڃي ۽ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان  ڪاپيئسٽن انھي آسري ۽ اميد تي آھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ هنن سان  انصاف ۽ حق ڪندي.

 

نويد خان سومرو

گاج بند جو ڪم مڪمل ڪرائي ڪاڇي کي ٻوڏن کان بچايو

ڪاڇي جو گاج ڊائيوريشن بند هڪ اهڙو خطرناڪ منصوبو آهي جتي وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ آبپاشي کاتو هر سال ان جي مرمتي ڪم جي آڙ ۾ لکين رپيا خرچ ڪن ٿا ۽ علائقي جي لکين ماڻهن کي ڪروڙين رپيا نقصانن ۾ وجهي ٿو. هي منصوبو سرڪاري آفيسرن لاءِ ڪمائي جو ڄڻ وسيلو بڻجي ويو آهي، جو ان کي گاج نئين جي خونخوار وهڪرن جي تباهين کان بچائڻ لاءِ ڪا به سنجيده جامع منصوبا بندي نه جوڙي وئي آهي. جڏھن به مون سون برساتون شروع ٿين ٿيون ھن بند جي تباهي علائقي واسين لاءِ وڏيون مصيبتون ۽ مشڪلاتون کڻي اچي ٿي. گذريل ٽن سالن کي هي بند ٻوڏن سبب مڪمل طور تباه آهي، جنهن جي نئين سر مرمت لاءِ وفاقي حڪومت ساڍا 3ارب رپين جي رقم مختص ڪئي ۽ ڪم شروع ڪرايو پر سرڪار جي نااهلي ۽ وڏي پئماني تي ڪم ڪندڙ ڪمپني عملدارن جي ڪرپشن سبب هن خطرناڪ رٿا جو مڪمل ٿيڻَ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. 3 ارب رپين جي ٺيڪي مان هڪ سال جي عرصي ۾ صرف تير ڀت طور کڄندڙ ديوار کي بنياد مان نه ڪڍيو ويو آهي. آخر ٽي ارب رپين جي ڪرپشن جو نوٽيس ڪير وٺندو ۽ علائقو ٻوڏن جي تباهين کان ڪڏھن محفوظ ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ سميت تمام ذميوار اختيارين کي اپيل ٿي ڪجي ته ڪاڇي جي خطرناڪ منصوبي گاج بند جو ڪم مڪمل ڪرائي وڌيڪ تباهين کان بچايو وڃي.

 

محمد اسماعيل لانگاھ/ ڊرگھه بالا ڪاڇو

عورت جي عظمت

جيئن ته ازل کان وٺي عورت هڪ رهنما ۽ رهبر ثابت ٿي آھي ۽ ان عظيم فلاسافرن کي پنهنجو مان بخشيو آھي. دنيا جي عظيم فلاسافر سقراط جي استاد به هڪ عورت هئي ۽ اها ئي عورت آھي جيڪا هڪ بهترين معاشري بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿي. عورت پيار، قدر، قرباني ۽ همت جي نشاني آھي ڇو ته عورت ڪائنات کي تخليق ڪندڙ آھي. اها عورت ئي آھي جنهن ڪائنات جو وجود ارپيو آھي. جنهن پنهنجي وجود مان عظيم هستين کي جنم ڏنو آھي. جهڙوڪ: حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ٻيا انبياء ڪرام ۽ صحابه، تابعين، تبع تابعين وغيره. اڄ جي جديد ۽ ٽيڪنالاجي دور ۾ عورت پڙھيل، لکيل ۽ باشعور هجڻ سان گڏوگڏ هنرمند پڻ آھي. ان پنهنجي جوهر، قدر ۽ قيمت کي ثابت ڪري ڏيکاريو آھي. هر ان شعبي ۾ جنهن ۾ قديم وقت ۾ ان تي پابندي هئي جيئن ته اڳئين زماني ۾ هڪ عورت ڊنل ۽ خوفزده هوندي هئي. ان کي مرد جي برابري ته قطعي حاصل نه هئي، جيتوڻيڪ اسان جي پياري نبي ڪريم صلي اللّه عليه وآله وسلم جن آخري خطبي ۾ فرمايو آھي ته هر ماڻھو برابر آھي ڪنهن به عربي کي عجمي تي ۽ ڪنهن به عجمي کي عربي تي ڪا به فوقيت حاصل ناهي ۽ عورت مرد جي برابر آھي. پنهنجي عورتن سان سٺو سلوڪ ڪريو ڇو ته اهي توهان جون ساٿي ۽ مددگار آھن. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن عورت پنهنجي جوهر، ملھه ۽ قيمت کي ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ۽ عورت جي مان ۽ مرتبي ۾ به تمام سڌارو آيو آھي. اڄ جي دور ۾ عورت کي مرد جي برابر سمجهيو وڃي ٿو. پر افسوس سان چوڻون پوي ٿو ته جيتوڻيڪ ان کي برابر سمجهيو وڃي ٿو پر ان کي برابر حق مهيا ناهن. جيئن ته اسان جو ملڪ پاڪستان Male dominated ملڪ آھي ۽ پهريان کان عورت کي ڪافي عزت ۽ مان ملي رهيو آھي پر اهو چوڻ به غلط نه ٿيندو ته عورت کي اها اهميت نه ٿي ملي جيڪا ملڻ کپي. هڪ عورت پنهنجي گهر جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ھر ڪوشش ڪري ٿي. ايتري قدر جو ڏک به سهي، پنهنجن لاءِ قربانيون ڏئي. تڏهن به افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي معاشري ۾ عورت جو اهو قدر ۽ عزت نه ٿي ڪئي وڃي، جيڪو هوءَ حق رکي ٿي. آخر ۾ مان اهو چوڻ چاهيندس ته: عورتن جي عزت ڪريو، انهن کي پنهنجا حق ڏيو، انهن سان سهڻو سلوڪ ڪريو، انهن کي بهترين تعليم ڏياريو ڇو ته هر ٻار جو پهريون استاد ان جي امڙ ھوندي آھي. جيڪڏهن اها عورت پڙھيل لکيل هوندي ته هوءَ پنهنجي اولاد جي بهترين تربيت ڪندي. سو خدارا! عورت کي بهتر نموني سان تعليم ڏياريو ته جيئن اسان جو معاشرو ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهي. ملڪ مان هر ناانصافي کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن اسان جو ملڪ ترقي ڪري اڳيان وڌي.

 

صدرت المنتهيٰ مهر/ نواب شاھ

 

اسان جي ملڪ جا معاشي سماجي مسئلا

پاڪستان قدرتي طور ھڪ مالامال ملڪ آهي.جنهن کي الله تعاليٰ انيڪ نعمتون عطا ڪيون آهن. پر ڪجھه سياسي ۽ سماجي مسئلن جي ڪري انهن  قدرتي نعمتن جو فائدو اسين وٺي نه سگھياسين. جيتوڻيڪ، اسان جي اڻ ٽر سياسي مسئلن جو اثر سڌي يا اڻ سڌي ريت اسان جي  معيشت تي پوي ٿو. مثال طور سياستدانن جي پنهنجي  ذاتي فائدي لاءِ ٺاھيل قانون ۽ معيشت تي  گھٽ ڌيان ڏيڻ  معيشت کي تباهي  جي ڪناري تي پھچايو آهي. آئيني طور پاڪستان ۾ ھڪ بھترين گورنمنٽ سسٽم آهي. جيئن پارليماني گورنمنٽ. پر سياستدانن جي ذاتي مفادن به ان بھترين پارليماني حڪومت کي داغدار بڻائي  ڇڏيو  آهي. جيڪڏهن اسين ٻئي پاسي ڏسون ته پاڪستان جي پنجھتر سالن جي تاريخ ۾ اڌ کان وڌيڪ فوجي حڪمراني جنرل ايوب خان کان وٺي پرويز مشرف تائين رهي. جڏھن ته ان فوجي حڪمراني ۾ به پاڪستان جي معيشت کي ايترو نقصان نه پھتو جيترو سولين حڪومت ۾ پھتو. پاڪستان جي سياستدانن کي پنهنجي  ذاتي مفادن کان نڪري ملڪي مفاد لاءِ سوچڻ گھرجي.

سائين ڏنو لنڊ

ڇو نه ؟ برسات ۾ مري ويل چوپائي مال جي به مالڪن جي سھائتا ڪريون !

ھن برسات ۾ سنڌ ۾ جاني مالي نقصان جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگھجي. برسات ۾ گھر گھاٽ، زراعت فصل، ميوا باغات، ماڻھو ۽ ان سان گڏ غريب آبادگار ماروئڙن جو چوپايو مال به مري ويو.  چوپائي مال ۾ مينھيون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون ۽ ننڍا وڏا ڍور شامل آهن. چوپائي مال جي کاڌ خوراڪ جو دارومدار زراعت تي آھي. سنڌ جا ماڻھو 60 سيڪڙو کان 70 سيڪڙو ماڻھن جو مال مويشي تي دارو مدار آھي. سنڌ جا اڪثر ٻھراڙين سان تعلق رکندڙ ماڻھو چوپايو مال پالين ٿا، کير مکڻ کائين ٿا ۽ وڪڻن به ٿا. مکڻ ھن وقت 1500 روپيا ڪلو آھي ۽ کير ڳوٺن ۾ 170 روپيا وڪرو ٿئي ٿو ۽ شھرن ۾ 200 روپيا ملي ٿو. شھرن ۾ اڪثر مال جي واڙن وارا مينھن کي انجيڪشن لڳائن ٿا، ان جو مينھن کي به نقصان ٿئي ٿو ۽ ماڻھن کي به. اڄ جي ڪالم لکڻ جو مقصد اھو آھي ته  حڪومت زراعت جي لاءِ ڪم ڪري رھي آھي، پر زراعت سان لاڳاپيل چوپائي مال کي وساري ڇڏيو آھي. ٿيڻ ته ائين گھربو ھو ته زراعت سان گڏ چوپائي مال جي به سروي ڪرائي وڃي ھا ۽ مائروئڙن جي سھائتا ڪئي وڃي ھا. ٻيو ته چوپايو مال ھڪ ته مري ويو آھي ان جي ڪوس تي پابندي ھجڻ گھرجي، ھفتي ۾ ٻه ڏينھن ڪوس ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت مال پاليندڙن کي مال وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري ۽ ماڻھو مال پالين. ڊيري فارم نوان کوليا وڃن. برسات ۾ جنھن جو مال مري ويو آھي سنڌ حڪومت ان سان سھڪار ڪري. ڪافي اھڙا ماڻھو آھن انھن جو صرف چوپائي مال تي ئي دارومدار آھي. ھن وقت اھي مالوند ماڻھو پريشان آھن. غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيا آھن. مال گھٽجي وڃڻ سان ھڪ ته کير ۽ مکڻ ۽ ڏھي جي قيمت به چوٽ چڙھي وئي آھي ان سان گڏ ان جي چمڙي مان ٺھيل شيون بوٽ وغيره به مھانگا ٿي ويا آھن. ھن وقت ڀلوڙ مينھن جي رقم 3 لک کان مٿي آھي. ڳئون جي رقم 2 لک جي قريب آھي ۽ ٻڪري به 50 کان 70 ھزار تي پھتي آھي. چوپائي مال کي بچائڻ لاءِ مال جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون جوڙي ڳوٺن ۾ موڪليو ته مال جي چڪاس ڪن انھن کي بچاءُ جون انجيڪشنون لڳائين. اھي ڊاڪٽر ھر مھيني سرڪار جي طرفان مفت ۾ ڳوٺن ۽ ڊيري فارمن تي وڃي جانورن جو علاج ڪن. ان سان سنڌ سرڪار به ھن اھم سيڪٽر تي ڌيان ڏئي ۽ مصيبت ۾ ماريل ماڻھن جي سھائتا ڪري. جيڪي سرڪار جي آسري ۾ ويٺل آھن ۽ سرڪار ڏي نھاري رھيا آھن.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم روڪڻ لاءِ تحفظ پروگرام

اقوام متحده عورتن واري شعبي ۽ وزارت قانون ۽ انصاف جي اشتراڪ ۽ آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بيورو آف انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لاءِ انفورسمينٽ (INL) طرفان مڪمل طور تي مالي مدد فراهم ڪندي گڏيل طور تي عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد خلاف انصاف ۽ خدمتن تائين پهچ ۽ روڪٿام لاءِ تحفظ نالي هڪ نئون پروگرام شروع ڪيو آهي. جيڪو عورتن تي تشدد کي روڪڻ ۽ انصاف تائين جلدي ۽ بهتر پهچ کي وڌائڻ تي توجه ڏيندو. تحفظ پروگرام کي پنجاب ۽ سنڌ جي پنجن ضلعن سان گڏوگڏ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽريٽي ۾ 2022ع کان 2024ع تائين نافذ ڪيو ويندو. يو اين وومين جي ڊپٽي ڪنٽري ريپريزنٽو چيو آهي ته ان منصوبي کي پٺئين مرحلي جي ڪاميابي بعد يو اين وومين عورتن خلاف عورتن خلاف تشدد (VAW) جي مسئلي کي هڪ جامع نقطي نظر ذريعي حل ڪندو. جنهن ۾ حڪومتي ادارن انصاف ۽ سيڪيورٽي شعبي جي حڪام جي سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي شامل ڪيو ويندو. سول سوسائٽي سان گڏوگڏ سماجي شموليت جي حڪمت عملين جو استعمال ڪندي، اهو پروگرام هن ڳالهه کي يقيني بڻائيندو جيڪو (VAW) جي سڀني زاوين سان حل ڪيو ويندو. جنهن سلسلي ۾ آمريڪي حڪومت يواين وومين کي 1.5 ملين ڊالر ڏئي رهي آهي. تان جو پاڪستاني عورتن کي تحفظ ذريعي انصاف ۽ قانوني خدمتن تائين پهچ ۾ مدد ملي. وزيرقانون اعظم تارڙ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي روڪٿام ۽ تحفظ لاءِ حڪومت جي قدمن تي روشني وڌي، چيو ته هن ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو. ملڪ جا شهري خاص طور عورتون هن جو فائدو حاصل ڪرڻ جي قابل آهن. اهو پروگرام عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ محفوظ ۽ قابل ماحول بڻائڻ ۾ مدد ڪندو.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

ڊاڪٽر يا اي ٽي ايم نوٽن جي مشين

ڊاڪٽر کي مسيحا ۽ ڊاڪٽري پيشي کي مسيحائي پيشو سڏيو ويندو آھي، ڇوته ڊاڪٽر مريض جو مسيحا وانگر علاج ڪري ان جي چڱڀلائي ۽ تندرستي لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي کيس تڪليفن ۽ دردن مان آجو ڪندو آهي ۽ ان لاءِ ڊاڪٽري پيشي سان لاڳاپيل ماڻھن کي تعليم ۽ تربيت دوران بيمارين جي علاج لاءِ مهارت سان گڏوگڏ مريض سان سٺي نموني شفقت سان پيش اچڻ به سيکاريو ويندو آهي. ڇو ته جڏهن به ڪو انسان بيماري سبب ڊاڪٽر وٽ ويندو آهي ته اهو تمام گهڻو پريشان به هوندو آهي، ان ڪري کيس هڪ مسيحا قسم جي ڊاڪٽر جي سخت ضرورت هوندي آهي ۽ ان وقت هڪ بهترين ڀلي ڊاڪٽر جي مهارت ۽ شفقت سان مريض تمام جلد ٺيڪ ٿي ويندو آهي. اهڙي مسيحا قسم جو منهنجو هڪ ڊاڪٽر دوست عمان ملڪ ۾ رهندو آهي. اهو رابطي ۾ هوندو آھي ۽ ساڻس واٽس اپ تي ڪچھريون ٿينديون رهنديون آھن. اهو ڊاڪٽر ٻڌائيندو آھي ته مان هتي جنهن سرڪاري اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندو آهيان اتي اگر هڪ مريض بخار سبب داخل ٿيو ته اسان ان جون بخار سميت ٻيون ضروري ٽيسٽون ڪندا آهيون ۽ اگر خدانخواسته ڪنهن مريض جي ٽيسٽن ۾ بخار جي ڪنهن قسم جي بيماري ظاهر ٿيڻ سميت ڪي ٻيون بيماريون به ظاهر ٿينديون آهن ته ان مريض جي چوڻ کانسواءِ ئي سندس بخار جي علاج کان علاوه ٽيسٽن ۾ ظاهر ٿيندڙ بيمارين جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن کان ٽائيم وٺي کيس موبائيل تي ميسيج ڪندا آهيون ته فلاڻي ڏينهن اوهان فلاڻي ڊاڪٽر وٽ پهچي وڃو ۽ ان تاريخ کان اڳ ئي ان ڊاڪٽر ڏانهن مريض جي ٽيسٽ رپورٽ موڪلي ڇڏيندا آهيون ۽ ان تاريخ تي مريض ڊاڪٽر وٽ پهچي علاج ڪرائيندو آهي ۽ اهو سڄو پراسيس مفت هوندو آهي ۽ ڀلي مريض کي ڪيتري به خطرناڪ قسم جي بيماري هوندي ان بيماري جي علاج تي ڪيترو به خرچ ٿيندو اهو مفت ٿيندو آهي. مان ڊاڪٽر جون اهي ڳالهيون ٻڌي عجب کائيندو آهيان ۽ سوچيندو آھيان ته آخر اسان پاڪستان جا رهاڪو اهڙي مفت سرڪاري علاج کان محروم ڇو آهيون؟ هتي ته عام بيماري جو علاج ۽ ٽيسٽون به بغير پيسي جي ناهن ٿينديون پر جيڪڏهن ڪنهن مخصوص علائقي جي اسپتالن ۾ مفت علاج ٿيندو به آهي ته انهن اسپتالن ۾ وري مريضن کي ملندڙ دوائون انتهائي گهٽ ڪوالٽي واريون هونديون آهن، جن جي کائڻ سان مرض ته ختم ناهي ٿيندو پر مريض ضرور پيالو ڪري ويندو آھي. يا وري سندس مرض اڳ کان به وڌي ويندو آهي ۽ سرڪاري اسپتالن جي اهڙي حالت جي ڪري مريض پنهنجي  ملڪيت مال متاع کپائي پرائيويٽ مهانگين اسپتالن ۾ وڃڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي ۽ مهانگيون خانگي اسپتالون وڏي تعداد ۾ موجود هجڻ باوجود اتي بيڊ ۽ ڪمرا حاصل ڪري علاج ڪرائڻ لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن وڏي عهدي واري مٽ مائٽ دوست يار کان سفارشون ڪرائڻيون پونديون آهن. جڏهن علاج شروع ٿيندو آهي ته مريض جي چڱڀلائي تائين سندس وارثن جي ملڪيت ڌوڙ ٿي ويندي آهي. ڇو ته پرائيويٽ اسپتالون ايتريون ته مهانگيون هونديون آهن جو اتي علاج ڪرائڻ به ڪنهن غريب مڊل ڪلاس جي ماڻھو جو رڳو خواب ئي ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مسيحائي لقب وارا ڊاڪٽر ڊاڪٽرياڻيون سرڪاري پگهارون کڻڻ کان علاوه پنهنجي پرائيويٽ اسپتالن سميت مختلف پرائيويٽ سينٽرن تان ايترو ته ناڻو ڪمائين ٿا جو انهن کي ڊاڪٽر نه پر اي ٽي ايم نوٽن جي مشين سڏڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي حڪمرانن کي گهرجي ته ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين جي پرائيويٽ اسپتالن ۽ پرائيويٽ سينٽرن تي نوڪري ڪرڻ تي پابندي لڳائي اهي مفت سهولتون سرڪاري اسپتالن ۾ مهيا ڪرائي ڏين ته جيئن عوام سک سان رهي سگهي.

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر

سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قبضا

سنڌ ڌرتي اصل کان وٺي هڪ شاهوڪار خطو رهي آھي ۽ ان تي هميشه ڌارين قومن جي بري نظر رهي آھي. ڪڏهن ميرن جي نظر ته ڪڏهن ترخانن جي ته ڪڏهن وري انگريزن جي،.ان جي باوجود به سنڌ ڌرتي پنهنجو وجود قائم رکندي اچي پئي. جڏهن کان سنڌ ڌرتي تي قدرتي وسيلا ظاهر ٿيا آهن تڏهن کان انهن قدرتي وسيلن تي بي ايمان ماڻهن جي بري نظر رهي آهي. انهي ڪشمڪش ۾ سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي ۽ اڃا به سنڌ ڌرتي تي ڏکيا پل آهن. سنڌ جي قدرتي وسيلن ۾ بجلي، گئس، ڪڻڪ، ڪارونجهر جبل جا سونا پٿر، ٿر جو ڪوئلو ۽ ٻيون ڪيتريون شيون شامل آهن. انهي ڪم ۾ ڪيتريون ئي پاورفل ڪمپنيون شامل آهن جيڪي اهي قدرتي شيون ٻاهر اسمگل ڪري ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪرڻ ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون، ته ڪي وري اسان جا پنهنجا ئي سنڌ ڌرتي جا دشمن اهي ڪم ڪرڻ ۾ رڌل آهن. اڄڪلهه پاڪستان ۾ ڏٺو وڃي ته گهڻي ۾ گهڻي بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ صوبي سنڌ ۾ ٿئي پئي. انهي جو وڏو سبب ڇا آهي؟اهو ته اسين سڀ ڄاڻو ٿا پر پو به اسان خاموش آهيون ۽ اهي سڀ ادارا پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ مشغول آهن. جڏهن ته وفاقي حڪومت اسان سنڌ واسين کي مسلسل نظرانداز ڪري رهي آهي. اڄ به اسان جو ملڪ ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته گهڻي مان گهڻي تڪليف سنڌ صوبي کي آهي. اڄ به سنڌ صوبي جا ڪيترائي غريب ماڻهو انهن مشڪلاتن جي ڪري ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن. پر انهي مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي. پر هاڻ اسان کي انهي مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه قدم کڻڻو ئي پوندو. انهي لاءِ اسان سنڌي قوم کي گڏجي انهي مسئلي ۽ پڻ ٻين مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ آواز اٿارڻو پوندو ۽ اهي مسئلا حل تڏهن ٿيندا جڏهن اسان سڀ سنڌي ماڻھو هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿينداسين ۽ گڏجي انهن مسئلن لاءِ آواز اٿارينداسين.

شاهد علي راهو/ قاضي احمد

ملڪ جو آخري غريب ڪير هوندو!!

خبر ناهي ته اسان مان هن ملڪ  جو آخري غريب ڪير هوندو؟ اهو فيصلو اڃا ٿيڻو آھي. اهو شخص ڪيڏو نه خوش نصيب هوندو جنهن کي عجائب گهر ۾ رکيو ويندو جنهن لاءِ باقاعدي ٽڪيٽ رکي ويندي. امير مرد، عورتون ۽ ٻار اچي انهي جي جسم کي ڇهندي خوشي مان واڪا ڪندا سموري ملڪ جا امير رئيس ان کي ڏسڻ لاءِ قطارون ڪري بند ٻڌي بيٺا هوندا. ڇو ته هن ملڪ جون جيڪون حالتون آھن جنهن ريت هن ملڪ مان غريبن جو خاتمو ٿي رهيو آھي يا خاتمو ڪيو پيو وڃي تنهن کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪجه عرصي کان پوءِ هن ملڪ ۾ رڳو خوشحال ۽ امير ماڻھو ئي رهجي ويندا. غريب ڳولهيا ڪونه لڀندا. اهو آخري غريب انتهائي خوش نصيب انسان ثابت ٿيندو، جنهن شي لاءِ هو سڄي حياتي  تڙپندو رهيو، امير رئيس بنا گهرڻ جي  انبار لڳائي ڇڏيندا. اهو صرف ان ڪري جو هو ملڪ جو غريب هوندو. ان جون حياتي جون تڪليفون ڏک درد هڪ لمحي ۾ لھي ويندا. کيس پيٽ ڀري کائڻ لا ملندو.پائڻ لا نوان ڪپڙا ۽ بوٽ ملندا. ملڪ مان ختم ڪيل غريبن جي جڏهن ملاقات ٿيندي، هڪ هڪ ڏک، هڪ هڪ غم، هڪ هڪ تڪليف جيڪا هنن دنيا ۾ سٺي آهي، تنهن بابت روئي روئي ٻڌائيدا. اهي پنهنجون برداشت ڪيل اذيتون ۽ ذلتون ڏسي اهي خدا کي دانهن ڏيندا ته اسان اهڙو ڪهڙو گناهه ڪيو هو جو سموريون تڪليفون غم مصيبتون اسان جي نصيب ۾ آيون؟ اسان تڙپي تڙپي ۽ سڏڪي سڏڪي پنهنجون زندگيون گذاريون؟ بک ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مرندڙ ٻارڙن جو آخر ڪهڙو ڏوه هو؟ امير ماڻهو ڇو اسان کي ذلت واري نگاهن سان ڏسندا هئا؟

ابراهيم لنڊ/ڪلوئي شريف