پيٽرول جا اگهه ساڳيا برقرار رکڻ مناسب فيصلو ناهي

0
212
سرحدن تي ڇڪتاڻ ۽ حملا مڪمل بند ڪرايا وڃن

سڄي ملڪ جون اکيون انهي مقرري تي کتل هيون جنهن  سان ملڪ جي سياسي استحڪام کي ڳنڍيو پئي ويو جڏهن ته ڪجهه سياسي ڌرين ان کي پنهنجي مخصوص سياسي مفادن لاءِ تڪراري بنائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ٻڙڌڪ جي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر  اها مقرري به خير عافيت سان ٿي وئي جنهن سان اها اميد پيدا ٿي آهي ته ملڪ ۾ جيڪا سياسي افراتفري آهي ان ۾ گهٽتائي ايندي، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي سياست کان پري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سياسي ڌرين مان اها اميد ڪجي ٿي ته اهي سياسي معاملا پاڻ ۾ آئيني حدن ۾ رهي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون. سياسي عدم استحڪام سبب ملڪ ۾ معاشي استحڪام به نه ٿو اچي جنهن ڪري بيروزگاري کان وٺي مهانگائي تائين عوام ڀوڳي رهيو آهي ۽ اهي ڏکيائي سان پنهنجي زندگي جو گاڏو گهلي رهيا آهن. اها اميد ڪئي پئي وئي ته حڪومت هاڻي ٻين خفن مان جان ڇڏائي پنهنجي معاشي پاليسين ذريعي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ڇاڪاڻ ته عمران خان جو لانگ مارچ ۽ پنڊي وارو جلسو به پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ته اها اهم تقرري به ٿي وئي جنهن ڪري حڪومت انهن ٻنهي مسئلن جي ڪري پنهنجي ڪاروهنوار تي اهو ڌيان نه ڌري رهي هئي جيڪو ملڪي معاملا هلائڻ لاءِ انتهائي ضروري هوندو آهي ته جيئن عوام کي وڌ کا وڌ رليف ڏئي سگهجي يا ملڪي ڪاروهنوار آساني سان هلي سگهي.

هن وقت ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو مهانگائي آهي جنهن تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ انهي مهانگائي کي ماپڻ جو پئمانو وري اهي پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه آهن جيڪي عام ماڻهو جي روزمرهه جي زندگي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته عام استعمال جي شين کان وٺي عوام جي چرپر ۾ اهي اگهه رنڊڪ بڻجن ٿا،انهن جا اگهه ايترا ته مٿي آهن جو ڪار هلائيندڙ ماڻهو موٽر سائيڪل تي اچي ويا آهن ۽ موٽر سائيڪل وارا پنڌ هلڻ تي مجبور آهن ڇو ته جيڪو ماڻهو پنج سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو اهو پيٽرول لاءِ 300 رپيا خرچ ڪرڻ جي سٽ سهي ئي نه ٿو سگهي تنهن ڪري ڪيتري وقت کان عام ماڻهو جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي رهيو آهي.ڪيتري وقت کان وٺي ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن موجوده حڪومت به جڏهن مخالف ڌر ۾ هئي ته اڳوڻي حڪومت تي وڏي ۾ وڏو الزام اهو لڳائيندي هئي ته ان مهانگائي ڪري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان حڪومت ۾ اچي عوام کي انهي مهانگائي مان نجات ڏيارينداسين پر ان جي ابتڙ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون ڏينهون ڏينهن وڌنديون ئي رهيون جنهن جو سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ کي قرار ڏنو پيو وڃي، پر هاڻي جڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه گهٽجي رهيا آهن ته ان جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ بدران اگهه ساڳيا برقرار رکيا ويا آهن.  ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سرڪاري ٽي وي ذريعي  اعلان ڪندي چيو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ ساڳئي 235 رپيا 30 پيسا برقرار هوندي،  جڏهن ته پيٽرول جي قيمت به 224 رپيا 80 پيسا في ليٽر هوندي جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت گهٽائي وئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت جو اهو فيصلو اهڙو ناهي جنهن جي آجيان ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته عوام ته هن حڪومت مان رليف جي اميد لڳايون ويٺي آهي ۽ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ڪوبه جواز نه ٿو بچي ته اگهه ساڳيا برقرار رکيا وڃن،جڏهن حڪومت تيل جي قيمتن ۾ واڌ کي عالمي منڊي ۾ واڌ سان ڳنڍي ٿي ته انهن کي گهٽائڻ وقت اهو فارمولو ڇو وسري ٿو وڃي.تنهن ڪري حڪومت کي  پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ بدران  گهٽائڻ گهرجن ته جيئن عوام کي هن مهانگائي ۾ ڪجهه رليف ملي سگهي، باقي گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ بهتر ڳالهه آهي پر اها عوام جي زندگي تي ايترو اثرانداز نه ٿي ٿئي جيترو پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه انهن جي کيسي کي متاثر ڪن ٿا.