سوال/سروي … پيئڻ جو صاف پاڻي سنڌ جو وڏو مسئلو قرار، اڪثر علائقا بجلي، گئس، روڊن کان وانجهيل، صحت ۽ تعليم جا به مسئلا آهن: عوام

0
219

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بنيادي سهولتن جي حوالي سان اوهان جي شهر جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي ؟ ذميوار ڪير آهي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه هجڻ کي سڀ کان وڏو مسئلو قرار ڏنو، ان بعد صحت جي سهولت، روڊن رستن، بجلي۽ گئس سوڌو ٻيون بنيادي سهولتون نه هجڻ جون به دانهون ڪيون ويون، اهو به چيو ويو ته ڊرينيج نظام به ناڪاره آهي، گندگي به وڏو مسئلو آهي، ڪيترن ئي علائقن مان اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي نيڪالي ناهي ڪيو ويو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ ورڪشاپ ۾ مسئلا ته جام آھن پر سڀ کان وڏو مسئلو اسان جي ڳوٺ ھيبت شر جي بجلي گذريل چئن سالن کان ڪٽيل آھي پر بل ھر مھيني جي پھرين تاريخ تي پھچي ويندو آھي ورڪشاپ جي سڀني سيٺن توڙي اٽي چڪين وارن جو بل اسان جي بلن ۾ ايڊ ڪري ھاڻي خيرن سان بل پنج پنج لک رپيا ٿي چڪو آھي جڏھن ته اسان ھڪ ڏينھن به بجلي ناھي استعمال ڪئي دانھن کڻي جڏھن ايس ڊي او ايڪسين وٽ پھچون ٿا ته چون ٿا اڍائي لک پياريو باقي اڍائي لک رعايت ٿا ڪريون 2020ع کان ٿنڀا ئي ڪري پيا بل تسلسل سان اچي پيو، عظمت الله ٻرڙو لکيو ته اسان جي شهر ڪنڌرا ٽائون ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو آهي شهر واسي هن جديد دور ۾ به پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن خاص طور تي صبح ۽ شام جو شهر واسين جا ولر موٽر سائيڪلن تي پاڻي ڀريندي نظر ايندا ٻئي نمبر تي ڪنڌرا ۾ بجلي ۽ گئس جو مسئلو آهي، پبلڪ پارڪ، لائبريري، راندين جو گرائونڊ، ڪاليج کان به ڪنڌرا محروم آهي، باقي صفائي ۾ اسين ٽائون انتظاميا وارن کي نمبر ڏينداسين صفائي بهترين ٿيندي آهي. ظفر علي راهمون لکيو ته سڄي سنڌ مسئلا ٿي پئي آھي،شھرن کان وڌيڪ مسئلا سنڌ جي ٻھراڙين سان لاڳو تمام گھڻا آھن، اڪثر تعلقي ڏيپلو جي ٻھراڙي ۾ مسئلا ئي مسئلا آھن، سجاد علي لکيو ته ضلعي دادو جي سطح تي ڳالهه ڪجي ته ڪا به بنيادي سهولت ناهي، ميهڙ تعلقي ۾ صحت جي سهولت ناهي، اسان جي ڳوٺ مٿين عاليوال ۾ ڪا به بنيادي سهولت ناهي. نياز محمد لنڊ لکيو ته پنگريو شھر جنھن جو ڪو والي وارث ڪونھي، ٻيا ته گهڻا مسئلا آهن اسان جي شھر ۾ پر پنگريو جي پوسٽ آفيس به ھتان کڄي وئي آھي، ان لاءِ به ٽنڊي باگي جو پنڌ ڪرڻو ٿو پوي. فضل سبزوئي لکيو ته ضلعي ڪشمور جو شھر ڪنڌڪوٽ ھر بنيادي سھولت کان محروم آهي روڊ رستا ڊرينج سسٽم تباھه بڻيل آهن سول اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جي سھولت ناهي، بدامني وڌي وئي آهي، اڍائي سال جا ٻار به اغوا ٿي رھيا آھن چونڊيل نمائندا خاموش نظر اچي رهيا آهن، گلاب غازي لکيو ته اسان جي شھر ٽنڊو جان محمد ۾ بنيادي سھولتن جي اڻاٺ آھي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت دوائن کان ويندي بجلي تائين سهولت ميسر ڪونھي ايمرجنسي جي صورت صرف ريفر ليٽر ملي ٿو، ڪيترن ئي وارڊن ۾ پيئڻ جو پاڻي اچي ئي نٿو تعليم جي حوالي سان ڪجھه بھتري آھي، حسين ٽانوري لکيو ته اسان جي شھر بوزداروڏا کي ته ڪا به بنيادي سھولت نه آھي روڊ رستا تباهه لڳا پيا آھن ڊرينيج نظام ناهي گندگي جا ڍير هوندا آهن ذميوار ٽائون انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا آھن. جنيد زرين بلوچ لکيو ته ڄامشورو ۾ پيئڻ جو پاڻي وڏو مسئلو آهي ذميوار اسين پاڻ آهيون. جن کي اکيون بند ڪري ووٽ ٿا ڏيون. اھي ئي اسان کي گٽرن جو پاڻي ٿا پيئارين. نور عمراڻي لکيو ته آئون ڪلوئي شھر ۾ رهان ٿو ان ۾ ڪا به بنيادي سهولت ميسر ناهي. پاڻي ۽ گئس جو ته ڪو تصور ئي ناهي.. تعلقو هوندي به ٽائون ناهي ٿيو. نياڻين جي تعليم لاءِ صرف هڪ مڊل اسڪول آھي جنهن ۾ به اسٽاف ناهي، نه روڊ نه گليون نه بجلي ۽ نه وري ڊرينيج جو ڪو جوڳو بندوبست ٿيل آھي، انکان علاوه اي سي آفيس ، مختيارڪار ۽ ٽي او به مقرر ٿيل آھن پر ڪڏهن آفيسن ۾ نظر ڪو نه ايندا آهن، عابد حسين شر لکيو ته ٺري ميرواهه شھر ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو ناقص ناڪاره ڊرينيج نظام آھي ڇو جو هن جديد دور ۾ به ٺري ميرواهه شھر ۾ پراڻي ناظمي دور کان به اڳ جون ننڍيون ناليون تعمير ٿيل آھن جيڪي آبادي وڌڻ ڪري اٿلڻ روز جو معمول بڻيل آھي ۽ وري تعلقي هيڊڪوارٽر شھر جي وڏي آبادي جو گندو پاڻي ٻاهر ميرواهه ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ صرف 6 انچ جي پائيپ لائين آھي ۽ ذميوار چونڊيل نمائنده آھن،  عاشق خاصخيلي لکيو ته سنڌ ننڌڻڪي آهي، هوش محمد رند لکيو ته اسان جو شھر يوسي گپچاڻي ضلعي نوابشاهه ھاڻي ھزارين مسئلن جي ور چڙهيل آهي يوسي جي تقريبن ڳوٺن ۾ جر جو پاڻي کارو آھي ڳوٺاڻا پري پري کان گڏهه گاڏين، موٽرسائيڪلن تي پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن مختلف ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ فيض محمد رند .حاجي مھيار رند عبدالله مغيري.سجاول ڀنگوار. محمد بگٽي.مھيرعلي گپچاڻي .امان الله کوسو ۽ ڳوٺ استاد عبدالرحمان کوسو کي اڃا روڊ ناهي مليو، زرعي زمينن جي لاءِ پاڻي يوسي گپچاڻي يوسي حبيب الله ڪيريو جي زمين کي آباد ڪندڙ جھيمل شاخ سدائين بند رھي ٿي، ھتان جي يوسي جا نمائندا ووٽ وٺڻ کان پوءِ ڪراچي منتقل ٿي ويا آهن، عيسيٰ لنڊ لکيو ته اسان جو شھر ميرپوربٺورو هن وقت گهڻ رُخي معاملن ۽ مصيبتن ۾ گهيريل آھي جهڙوڪ منشيات، چوري، ڦُر وغيره، ذميوار انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا آھن، نارائڻ داس لکيو ته ميرپورخاص۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ نيڪال سسٽم نه ھجڻ برابر آھن، سيف الله پنهور لکيو ته اسان جي شھر کورواھه جو ڊرينيج سسٽم نه هئڻ بنيادي ۽ اھم مسئلو آھي، ڊرينيج سسٽم نه هئڻ سبب هر سال سانوڻي برساتن دوران شھر سمنڊ جو ڏيک ڏيندو آھي، خير محمد جمالي لکيو ته اسان جي ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ مسئلا ئي مسئلا آھن ٽن مهينن کان برساتي پاڻي گهرن ۾ بيٺل آھي،ڳوٺ ۾ گئس جي سهولت ناھي،اسڪول بلڊنگ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، ڳوٺ جون گهٽيون به پڪيون ناھن. موهن لال لکيو ته اسان جو شهر تاريخي حيثيت رکندڙ، بئريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي جنم ڀومي ۾، هائير سيڪنڊري اسڪول جي ايس اين اي منظور ٿي وئي هر سال هائير سيڪنڊري اسڪول جا ٻار پوزيشن حاصل ڪندا آهن پر اڄ ڏينهن تائين سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ناهن ٿيا، رورل هيلٿ سينٽر جي بلڊنگ تيار ٿي وئي، چوديواري ناهي ڊريينج سسٽم، روڊ رستا، آهن ڪونه، اها ذميواري چونڊيل نمائندن تي عائد ٿئي ٿي، عنايت بروهي لکيو ته اسان جي يو سي اسماعيل خان بروھي ھن جديد دور ۾ روڊن جي سھولتن کان محروم آھي، شبير سهتو لکيو ته الحمد الله اسان وٽ سهولتون ايتريون آهن جو دنيا جا ماڻهو عمرڪوٽ رهڻ لاءِ اچن پيا، الطاف حسين ڀنگوار لکيو ته سرھاڙي شھر جي وارڊ نمبر 6 کي 40 سالن کان وٺي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، آيل بجيٽ کي مالي غنيمت سمجھي ڪري ھڙپ ڪيو ٿو وڃي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته منھنجي ڳوٺ علي آباد جاڳڻ روڊ شڪارپور محلي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڊرينيج جو آھي جيڪو صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ صاحب جلد حل ڪري ڏيندا، سليم الله چانڊيو لکيو ته اسان جي شھر ميھڙ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جن ۾ پهريون مسئلو ته خراب ڊرينيج سسٽم آھي ميھڙ شھر ۾ روڊ رستا خراب لڳا پيا آھن، شفيع ملاح لکيو ته ٻوڏ کان پوءِ ٺري ميرواهه ٻوڏ جهڙو ڏيک ڏئي رهيو آھي هن وقت به ڪيترن ئي مسڪينن جا گهر پاڻي ۾َٻڏل آھن، انتظاميا جي نااهلي جي ڪري ڪيترين ئي بيمارين جنم ورتو آھي ايئن ٿو لڳي ميرواهه تعلقو لاوارث آھي، حمادالله حماد لکيو ته پوءِ به چينل وارن کي سلام آهي سار ته لھن ٿا، زاهد حسين دشتي لکيو ته اسان وٽ شهر مريد شاخ ۾ گئس جي سهولت نه آهي صفائي جو نظام خراب آهي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر ڪڍڻ هيلٿ پبلڪ جي نااهلي ڪري شهر جي کٽي ڪنڀار محلي ۾ گندگي جا ڍير آهن، شنڪر لال لکيو ته اسان وٽ ھن وقت تائين گھڻا مسئلا مسئلا آھن پر بنيادي مسئلو يونيورسٽي جو قيام۽روڊ رستن جي مرمت آھي. خميسو آريسر به سروي ۾ حصو ورتو، قادر بخش زئور لکيو ته مسئلن جو زميوار حڪومتي ماڻھو چونڊيل نمائندا آھن، جميل ڀٽو لکيو ته ميھڙ شھر جو وڏي ۾ وڏو مسئلو صحت کاتي جي نااھلي سبب 5 لکن جي آبادي واري تعلقه ميھڙ جي تعلقه اسپتال ۾ ڪا به سھولت موجود نه آھي، ڀورل بلوچ لکيو ته اسان وٽ مقرر ڊي سي نا اهل آهي تمام گهڻا مسئلا آهن، شيراز احمد لکيو ته اسان وٽ وڏو مسئلو تعليم آھي. محمد ميرڻ جکراڻي لکيو ته جيڪب آباد شھر ۾ روڊن جو وڏو مسئلو آهي نوان روڊ ٺاهيا وڃن، عرفان علي ملاح لکيو ته ڪرونڊي شهر ۽ پوري تعلقي فيض گنج ۾ گئس جي سهولت ناهي ۽ بدامني به آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته هجي هڪ مسئلو ته بيان ڪجي اسان جو شهر مڪمل طور مسئلستان بڻيل آهي پڪاچانگ ،ڪرونڊي سميت پوري فيض گنج تعلقي جي شهرن جي حالت رحم جوڳي آهي . کنڊر روڊ کارو پاڻي لوڊ شيڊنگ، بدامني  مسئلا آهن، عبدالعزيز بلوچ لکيو ته اسان جي شهر جو ڪير به ڌڻي ناهي، حمير گل راڄپر لکيو ته ڪرونڊي ۾ گئس جي سهولت ناهي، طاهره وزير لکيو ته کوهه ڳوٺ ولي محمد ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڊرينيج جو آهي، بجلي سميت پڪن رستن جي سهولت به ناهي، محمد سليم، عمران بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، مشتاق ڪنڀر لکيو ته عمرڪوٽ مسئلستان بڻيل آهي، قربان علي ميراڻي به سروي ۾ حصو ورتو، ولي الله جمالي لکيو ته اسان جي ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ ٽن مهينن کان برساتي پاڻي گهرن ۾ بيٺل آھي، ڪريم کوسو لکيو ته نندو ٽائون ۾ تباهي آهي، بادل جمالي، زاهد علي چوهاڻ به سروي ۾ حصو ورتو، حفيظ پلهه لکيو ته دريا خان مري شھر جا اھم مسئلا پيئڻ جو صاف پاڻي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر توڙي پيرا ميڊيڪل عملو نه ھجڻ آهي، روڊ ٽٽل آهن، صفائي ناهي، قاري فضل الرحمان ساسولي، محمد فياض وساڻ، سردار لطيف، محمد صفر ڇٽو به سروي ۾ حصو ورتو، ميانداد مري لکيو ته ڪنڌڪوٽ شھر م روڊن جو وڏو مسئلو آھي نوان روڊ تعمير ڪيا وڃن ته بهتر ٿيندو، شهمير علي لکيو ته تمام گهڻا مسئلا آهن، سرفراز لکيو ته يو سي لال بخش ۾ روڊ ناهن، اسپتال ناهي.