گھوٽڪي ۾ يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو

 

گهوٽڪي ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو آبادگارن لاءِ پريشاني ڪڻڪ جي فصل جي جيئن ئي پوکائي شروع ڪئي وئي آهي. ائين ئي منافعي خور ڊيلرن ڀاڻ ذخيرو ڪري هاڻي بليڪ تي وڪرو ڪن ٿا. 18سئو روپين واري ٻوري 26 سئو روپين تي وڪرو ڪرڻ لڳا آبادگارن ۽ هارين جا ٻئي هٿ مٿي تي گهوٽڪي منڍي هجي يا عادلپور جا ڊيلر هجن توڙي خانپورمهر، مير پور ماٿيلو ۽ ٻين شهرن جا ڊيلر هم صلاح ٿي ڪري يوريا کاڌ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته ايگريڪلچر ڊيپارمينٽ جا آفيسر ۽ مختيار۽ اسٽينٽ ڪمشنر ڊيلرن کان حصو پتي وٺن ٿا اڳئي غريب هارين جو برسات سبب گهڻو نقصان ٿيو آهي جنهن جي اڃا تائين سرڪار پاران ڪابه سار سنڀال نه لڌي وئي آهي. غريب هاري اڳئي قرضن ۾ ورتل آهن برسات سبب وونئڻن جي پوک مڪمل طور تباھ ٿي وئي سارين جو فصل به مڪمل طور تباھ ٿي ويو. ان ڪري ڊيلرن جا قرضي ٿي ويا آهن. هاڻي وري منافعي خور ڊيلر يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا گھوٽڪي انتظامیہ اگھور ننڊ ۾ستل آهي هارين جو چوڻ آهي ته ائين کاڌ بليڪ ملي ته ڪڻڪ جي فصل ۾ به اسان کي وڏو نقصان پهچندو سنڌ حڪومت کي گهرجي ته منافعي خورن ڊيلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري جيئن غريب هارين کي سرڪاري ريٽ مطابق کاڌ ڏين جئين ڪجھ غريب هارين کي کائڻ لاءِ ڪڻڪ بچي سگهي.

 

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

پکين جو موت ڌرتيءَ جو موت آهي..!

 

ڪراچيءَ جي اردو بازار ۾ ڪاٺياواڙ ڪتاب گهر تان ڪتاب پئي خريد ڪياسين ته، زور ڀريائين اڃا به هڪ ڪتاب خريد ڪر. چيومانس فقير بجيٽ خساري ۾ آھي، قائد آباد ۾ ماني به کائڻي آھي ۽ ڳوٺ به پهچڻو آھي وراڻيائين پئسا گهٽ آھن ته 40 روپين واري آلو برياني کائينداسين پر ڪتاب وٺ. اڃا اتي ئي بيٺا هئاسين ته سندس صحافي دوست فون ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ جي گيٽ ٻاهران ملڻ جو چيو. پاڻ مرڪيو يار هن کي ڪيئن خبر پئي پاڻ هتي آھيون. چيومانس تنهنجو واٽس ايپ اسٽيٽس ڏٺو هوندائين، وراڻيائين اڙي ها يار.. صحافتي دوست سان چانھه جي ڪوپ تي ڪچھري ڪندي مون محسوس ڪيو ته سندس نظرون هر هر ڪبوتر چورنگي تي داڻو چڳندڙ ڪبوترن ڏي ٿي کڄي ويون. ڪهڙن خيالن ۾ گم آھين صاحب صحافي دوست جي آواز تي ساڻس نظرون ملائي چيائين نه نه اتي آھيان. ڀلا لکڻ ڇو ڇڏي ويو آھين؟ يار نٿو لکجي هاڻي. بس سمجهي وياسين شادي کانپوءِ تنهنجي زبان ۽ قلم کي به تالو لڳي ويو آھي. ٽئي ٽھڪ ڏئي کلياسين. صحافي دوست کان موڪلائي ڳوٺ ڏي روانو ٿياسين. ڪراچي جي پنڌ کانپوءِ هر روز مون کي وٺي وڃي ڪڏهن ڪنهن ڍنڍ، ڪڏهن تلاءِ ۽ ڪڏهن وري وڻن جي هيٺان پکين لاءِ داڻو ڇڏيندو هو. چيومانس ائين روز ڇو ٿو ڪرين؟ وراڻيائين ڪائنات جو سمورو حسن هنن پکين ۾ آھي. پکي زنده هوندا ته آئون زنده هوندس، ڪائنات زنده هوندي ۽ پکي زنده هوندا ته فطرت جا سمورا رنگ زنده هوندا. ڪافي ڏينهن پڄاڻان ڪنهن دوست جي بار بار اسرار تي  وڏو سفر ڪري  وڃي سندس اوطاق ڀيڙا ٿياسين. چانهه جا ڍڪ ڀرڻ ۽ حال احوال کانپوءِ ميزبان دوست چيو.. ها اديبو مانيءَ ۾ ڇا کائيندئو؟ وراڻيوسين جيڪو چلھه تي سو دل تي. پاڻ مرڪي گهران ماني کڻڻ ويو. ماني کڻي آيو ته چيائين گل…گهڻا ڏينهن ٿي ويا هوندئي پکي ڪونه کاڌا هوندئي اڄ پکي ڪهايا اٿم. اوچتو پنهنجي دوست ڏي نهار ڪيم ته سندس اکين ۾ ڄڻ آگم لهي آيو هو. گل ماني ڪونه کائيندم ..ڇو؟ طبيعت صفا ٺيڪ ناهي. خير ميزبان دوست جي تڏي، رزق ۽ محبتن جو مان رکندي مون ته ماني کاڌي. دوست کان موڪلائي روانا ٿياسين ته رستي ۾ چيائين گل….جنهن ديس ۾ فطرت جي سونهن مهمان پکين کي گولين جو  کاڄ بنايو وڃي اتي ائين محسوس ٿيندو آھي ته فطرت جا سمورا رنگ ڄڻ مري چڪا آھن. ٻڌاءِ گل.. پکين جي موت تي رقص ڪندڙ ۽ پنهنجي اندر ۾ لذيذ طعامن جي خوشبو محسوس ڪندڙ  ڪٺور ماڻھن کي هنن پکين تي ڇو نٿو رحم اچي؟ گل..آئون ائين محسوس ڪندو آھيان ته پکين جي پرن تي لڳندڙ گوليون ڄڻ منهنجي هانءُ ۾ لڳيون آھن.

ماڻھو الائي ڪڏهن سمجهندا ته، پکين جو موت فطرت جو موت آھي، پکين جو موت حسن جو موت آھي، پکين جو موت ڪائنات جو موت آھي ۽ پکين جو موت ڌرتيءَ جو موت آھي. سندس اکڙين مان ڪرندڙ ڳوڙھا آئون سندس ڳلن تان اگهي ته ڪونه سگهيس پر محسوس ڪيم ته آئون خود ڪنهن اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل آھيان جتي ڊاڪٽر منهنجي اندر مان زهر  ٻاهر ڪڍڻ جا جتن ڪري رهيا آھن.

 

غلام علي گل ٻجورو/سجاول

اميد جو ڏيئو اڃا به ٻري پيو

 

چوندا آھن ته دنيا اميدن تي قائم آھي، نااميدي هڪ اهڙو موذي مرض آھي جنهن جو اسان اندازو به نه ٿا لڳائي سگهون، نااميدي اسان کان جيئڻ جي خواهش به کسي ڇڏي ٿي. اڪثر ماڻھو چوندا آھن ته اسان ڪڏهن به ترقي ڪونه ڪري سگهنداسين ۽ اسان جا حالات به تمام خراب لڳا پيا آھن، اهي حالات جهڙوڪ سياسي، سماجي ۽ معاشي حالات جيڪي ھميشه کان حل طلب آھن. اسان جي ذھن ۾ اهو سوال هميشه کان رهيو آھي ته آخر هي مسئلا ڪيئن حل ٿيندا، ڇاڪاڻ ته انهن مسئلن جو ڊائريڪٽ اثر عوام تي پوندو آھي. اگر ٽيڪنيڪل طور ڏسجي ته سماجي مسئلا هجن يا معاشي مسئلا هجن انهن جو تعلق سياسي مسئلن سان آھي ۽ سياسي مسئلا اگر جلد حل ڪجن ته بقايا مسئلا آٽوميٽڪ حل ٿي ويندا. اگر تاريخي پس منظر سان ڏسجي ته ملڪ هميشه کان پوليٽيڪل ڪرائسس ۾ رهيو آھي، اسان وٽ جيڪي به پوليٽيڪل پارٽيز آهن اهي ڪڏهن به هڪڙي پليٽفارم تي گڏ ناهن ٿيون. اسان جي ملڪ ۾ هر سياسي جماعت هڪ ٻئي کي پنهنجو دشمن سمجهندي آھي، پر سياست ۾ مزاحمت کان مفاهمت جي وڌيڪ اهميت آھي، ڇاڪاڻ ته سياسي مسئلا هميشه مفاهمت سان حل ٿيندا آھن. اگر هن وقت سياسي صورتحال تي نظر وجهجي ته ملڪ پوليٽيڪل ڪرائسس جي انتها تي آھي ۽ اگر سڀ پوليٽيڪل پارٽيز هڪڙي پليٽفارم تي نه ٿا اچن ته ملڪ کي تمام وڏو سماجي ۽ معاشي نقصان رسندو، جنهن جو اسان اندازو به نه ٿا لڳائي سگهون. اسان جي ملڪ جي سياستدانن کي سوچڻو پوندو ته آخر ڪيستائين اسان جو ملڪ انهن مسئلن جي ور چڙھيل هوندو ۽ ڪڏهن عوام سک جو ساهه کڻندو. اميد ٿي ڪجي ته سياستدان چاهي اهي حڪومت ۾ ھجن يا اپوزيشن ۾ ٻنهي کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن سياسي بحران کي جلد ختم ڪري، ملڪ کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن عوام هر شعبي ۾ ترقي ڪري پنهنجي زندگي بهترين نموني سان گذاري سگهي.

 

شھباز جتوئي

سنڌي شاعريءَ جو اُڀرندڙ نالو مظهر علي ميربحر

 

هاڻوڪي دور جي شاعريءَ ڏي جڏهن ڌيان ڌريون ٿا ته ائين محسوس ٿيندو آھي ته سنڌي شاعريءَ سان نئين ٽهي جا شاعر سهڻي نموني نڀائي رهيا آھن. جيڪا سنڌي شاعريءَ لاءِ هڪ خوشي جهڙي ڳالھ پڻ آھي. ڇو ته هڪ شاعر پنهنجي علائقي پنهنجي سماج ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏکن سورن ۽ خوشين جي ترجماني ڪندو آھي. اهڙن ئي خوبصورت شاعرن مان مظهر علي ميربحر جو نانءُ به هڪ آھي، سندس خيال بيحد مضبوط ۽ سهڻا آھن جن کي پڙهندي ائين محسوس ٿيندو آھي ته پياري مظهر جو هيءُ تخيل هي خيال منهنجي اندر جو احساس آھي جنهن ۾ ڄڻ ته منهنجا احساس سمايل آھن. سنڌي شاعريءَ جا ڪيترائي شاعر آھن جيڪي هن دور ۾ سنڌي شاعريءَ کي اڳتي وٺي آيا آھن، جن جي قلمي پورهئي مان سنڌ ڌرتي جي پاڪ مٺي جي خوشبو ايندي آھي، جيڪي لفظن جا پوپٽ جهٽي پنهنجي شاعريءَ ۾ اوتي پڙهندڙن تائين سهڻن رنگن سان پهچائيندا آھن. پيارو مظهر سنڌي شاعريءَ جو توڙي جو نئون نالو آھي پر جڏهن به سندس شاعريءَ کي پڙهبو آھي ته ان مان ائين لڳندو آھي، ڄڻ ته ڏات جا پيرا ڪيترن ئي سالن کان مظهر ڏانهن وڃي رهيا آھن:

توکي سارڻ ريءَ اسان کي

ڪونھي ڪو ڪم ڪار

توکان سوا لڳي ٿو سھڻا

بي رنگ ھي سنسار

ڪونھي ڪو ڪم ڪار

سندس شاعريءَ ۾ حُسن به آھي ته درد جو الميو به پر سڀني ڳالهين کان مٿانهون پياري مظهر جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ سان عشق جو اظھار آھي ڌرتيءَ جي سونهن جو اظهار آھي پياري مظهر ڌرتيءَ سان هن نموني پيار جو اظھار ڪري ٿو:

سنڌ آهي اسان جو اباڻو وطن

شل رهي شاد آباد هن جو چمن

نينهن کي سنڌڙيءَ سان نڀائي وڌون

اڳتي لکي ٿو:

ھوش ۽ ولولي ۽ دليريءَ سان!

سنڌ خاطر سھي ڏک پنھنجي سر مٿان،

سنڌ جا پٽ سچارا سڏائي وڌون.

مظهر پاڻ ۾ گڏجڻ جو حوصلو ڏيندي هنن خوبصورت سٽن ۾ ڄڻ ته ساھ وجهي ڇڏيو آھي:

گڏ ٿيڻ سان وڌي ٿو وڃي حوصلو،

حوصلي جي وڌڻ مان ملي لاڀ ٿو،

اچ ته ويڇا سمورا مٽائي وڌون.

شاعريءَ يا تخليق جو حسن آڪاس تي چمڪندڙ ان چنڊ جيان هجي ٿو جنهن جي روشني من اندر کي سهائي بخشيندي آھي. جيڪي لفظ شاعر پنهنجي ڏات جي رنگن سان سرجيندو آھي ته اها سهڻي تخليق جو روپ وٺي ويندو آھي جيڪا اڪثر ڪري سٺي ۽ سهڻي شاعر جي خصوصيت پڻ هوندي آھي.

پيارو مظهر پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي شاعر پر پوري عالم جي شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي هن پيار محبت سان عقيدت جا گل آڇي ٿو:

شاعريءَ جي عرش تي چمڪي رهيو آهي لطيف،

شاعرن جو شاھ پڻ سڏجي رهيو آهي لطيف.

شاھ جي ھر بيت ۽ وائيءَ ۾ آھي سرور،

دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهجي رھيو آھي لطيف.

مظهر شاعريءَ جو بيحد خوبصورت اظھار آھي جنهن جي هر شعر کي پڙهندي چانڊوڪي جهڙن راتين جهڙو تصوّر من ۾ جاڳي پوندو آهي ڇو ته جڏهن من جي ڳالھ ڪو ڪري وجهندو آھي ته يادن جون لهرون هوائن جو هڳاءُ بڻجي من ۾ گهلڻ لڳنديون آھن

 

ناشاد شوڪت شنباڻي/ڪوٽڏجي

 

ديوار مھرباني جو تصور اڳتي وڌائڻ گھرجي

 

اھو ڪير ھو ،انھي جو نالو ڪھڙو ھو ڪٿي جو رھاڪو ھو دنيا وارن کي ناھي خبر پر سندس ھڪ فيصلي ڪروڙين ماڻھن جي سوچ بدلائي ڇڏي ۽ سوچ بدلائڻ جو اھو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. دريا اڃا به پنھنجي رواني ۾ آھي. انھيءَ اجنبي شخص ڪيو ڇا؟ انھي شھر جي ديوارن تي ڪليون لڳايون انھي تي پنھنجا فالتو ڪپڙا ٽنگي ڇڏيائين ۽ ديوار تي وڏن اکرن سان لکي ڇڏيائين ؛ديوار مھرباني. ھيٺ لکيائين ته جنھن کي ضرورت ھجي کڻي وڃي جنھن وٽ اضافي ھجن سي ھتي ڇڏي وڃن. سندس ٻن جملن دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو .سندس ديوار مھرباني ھاڻي پوري دنيا ۾ وائرس وانگر فھلي رھي آھي اوھان کي ھاڻي ديوار مھرباني دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نظر ايندي ھوندي. ماھرن جو چوڻ آھي ته اھو تصور ڪجھ ئي وقت ۾ پوري دنيا۾ ڦھلجي ويندو. دنيا ۾ تيزي سان اھا روايت وڌي ويندي. ديوار مھرباني جي شروعات گذريل ڪجھ سالن  کان ٿي. سيء جي شدت سان ٽمٽار موسم ۾ ڪنھن شخص ڪنھن غريب ماڻهو کي سرد موسم جي اذيت ۾ تڙپندي ڏٺو ته سندس ذھن ۾ اھو عظيم انوکو خيال آيو. ھو ھڪ رات گھر جا سمورا فالتو ڪپڙا کڻي شھر جي مرڪزي جڳھ تي پھتو انھي ديوار تي فالتو گرم ڪپڙن کي ٽنگيو ديوار تي ديوار مھرباني لکيو ھيٺ ٻه جملا ٻيا به لکي غائب ٿي ويو. صبح جڏھن شھر جاڳيو تڏھن انھيءَ خيال سڀني شھرين کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ماڻھو گھر ويا فالتو ڪپڙا کنيا ۽ چپ چاپ ديوار تي لڳل ڪوڪن ۾ ٽنگيندا ويا. ضرورت مند آيا تن پنھنجي ماپ جا ڪپڙا کنيا ڦاٽل ڪپڙا ڦٽا ڪيا جيڪي ڦاٽل ھئا ٻيا ڪپڙا پاتا پنهنجي منزلن طرف روانا ٿيا. نوجوانن ديوار جون تصويرون ڪڍيون سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيون. اھو خيال ايترو مشھور ٿيو جو  ڏسندي ڏسندي سينٽرل ايشيا کان مشرقي يورپ تائين ڦھلجي ويو. ماڻھن مڙني ديوارن کي ديوار مھرباني بڻائي ڇڏيو جيڪي اھم رستن جي لڳو لڳ ھيون جتان شامي پناهگيرن جا قافلا گذريا ٿي. يورپي ميڊيا انھن ديوارن جون تصويرون نشر ڪرڻ لڳي ائين اھو خيال گلوبل حيثيت اختيار ڪري ويو. اسين به ٿورو سوچيون اسان وٽ به ڪيترائي ڪپڙن جا جوڙا پيل ھجن ٿا جن ڏانھن اک کڻي به ناھيون نھاريندا اسان وٽ ڪيترائي جوتا چپلون ھونديون آھن جيڪي استعمال جھڙيون ھونديون آھن پر حرسن يا سستي مان ڪنھن ڪم جون ناھن ھونديون .اسان وٽ گرم ڪپڙا ڪنمبل سوڙيون رليون وھاڻا بيڪار پيل ھوندا آهن. اسان جي به آس پاس ۾ ڪيترائي مستحق ماڻهو سرديءَ ۾ ڏڪندا پيا آهن جن وٽ سياري گذارڻ لاءِ نه ڪوٽ نه ڪمبل نه سوڙيون ھونديون آھن اسين زياده نٿا ڪري سگھون ته به ايترو جو پنھنجي پاڙي جي گلي ۾ ئي ھڪ ديوار مھرباني قائم ڪري سگھون ٿا. پنھنجا فالتو ڪپڙا ڌئاري استري ڪرائي انھي ديوار مھرباني تي ٽنگي ته سگھون ٿا اھڙي ريت اسين پنھنجي گلي جي دردر تان ھڪ ماڻھو جي ھڪ ويلي جي ماني وٺي ميزبان دسترخوان به لڳائي سگھون ٿا ‘ڇا اھو به ممڪن ناھي ڇا اسين ايترو به نٿا ڪري سگهون اھڙي ريت اسين غريب بستين جي اسڪولن جي ٻاھران پراڻا بستا ڪتاب به رکي سگھون ٿا گھر پيل فالتو دوائون جيڪي ايڪسپائر نه ٿيون ھجن سي به سرڪاري اسپتالن جي ٻاھران يا اندران ڪا مناسب مھربان ڪارنر به ٺاھي سگھون ٿا انھي ڪارخير ۾ پنھنجن ٻچڙن کي به شامل ڪري سندن تربيت جو بھترين باب کولي سگھون ٿا.

الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته …

ﺧَﻴﺮُﺍﻟﻨَّﺎﺱِ ﻣَﻦ ﻳًﻨﻔَﻊُ ﺍﻟﻨَّﺎس

بھترين ماڻھو آھي آھن جيڪي ٻين کي فائدو پھچائن ٿا

 

الھڏنو راھمون سجاول

 

قانون جي وردي ۾ ملبوس اهلڪارن جي ڦر لٽ‎‎

 

تقريباً سنڌ جي ھر ضلعي ۾ سنڌ پوليس جو اھو ڪردار سڀني کان مٿانهون آهي، سنڌ ۾ ھڪ ته غربت وڌيڪ ٻيو وري اھو اسان جي پوليس جا ظلم غريب مزدور آخر وڃي ته ڪيڏانهن وڃي، يا ڇا ڪري ڪراچي شھر ۾ روزانو چوري جون وارداتون ٿينديون آهن. انھن کان بچي ڪو غريب ماڻهو ٻاھر روڊ تائين پھچي ٿو ته اڳيان بيٺل پوليس موبائيل وارا اھلڪار روڪيو ڇڏين، قانون جي آڙ ۾ لکين ماڻهو انهن اھلڪارن جي ور چڙهي ويندا آهن، سڀ کان پهرين ھڪ اھلڪار چوندو موٽرسائيڪل سي نيچي اترو اھو ماڻھو ھيٺ لھندو ته پوليس پنھنجي ڪارروائي شروع ڪندي ڪاغذ موجود ھوندا ته لائسنس گھرندا اھو به موجود ھوندو ته وري ھيلميٽ اھو به ھوندو ته پوءِ چوندا ھاڻ تلاشي ڏي، ۽ تلاشي وٺڻ کانپوءِ کيسي مان 500 جو نوٽ نظر اچي ويو ته ان جو مطلب پوليس جو ڀاڳ کلي ويو، پوءِ بس فلاڻي شيءِ ڪونھي فلاڻي ڪونھي مڙئي ڪو نھ ڪو بھانو ڪري ڪيئن به ڪري، اھي پنج سئو جيڪو نظرن ۾ آھن اھي وٺي ويندا آهن، ايترو ڪونه سوچيندا ته ھي غريب سڄو ڏينهن ڪيتريون تڪليفون ڏسي اھي پنج سئو رپيا آندا آهن، بس انھن کي چانھ پاڻي گھرجي، مون کي موٽرسائيڪل تي ھلندي 4 سال ٿيا آهن انهن 4 سالن ۾ اھي واقعا ھزارين دفعا ڏٺا آهن ۽ مون سان اھي واقعا پيش آيا به آھن، سنڌ پوليس  ۽ ٽريفڪ پوليس جو سڄو ڏينهن ڪم ئي اهو آهي، ته چانھن پاڻي وٺن ۽ اھو پوليس چانھن پاڻي صرف غريب طبقي کان ئي وصول ڪري ٿي، باقي ڪار يا ھن کان وڏي گاڏي ۾ گھمڻ وارن کي چانھ پاڻي ته ڇڏ پر روڪيندي به ناھي، ڇو ته انھن ماڻھن جا واسطا، ڊگھا ھوندا متان ڪو اسان جي ڳچي ۾ پئجي نھ وڃي. غريب ڪجھ به نٿو ڪري سگهي، تنھن ڪري روڪي خرچو وٺي ٿا سگھن. ٽريفڪ پوليس جو طريقو ٿورو مختلف آهي اھو ايئن ته ھنن جي ھٿ ۾ ھڪ مشين ھوندي ۽ چوندو او اي تيرا چالان 1000 ڪا ھي بتا ڪيا ڪرون 500 دي رھا ھي يا 1000 روپي ڪا چالان ڪرون. ھاڻ ھن جي کيسي ۾ مون وانگر آھن ٻہ سؤ ۽ ھو ويچارو 1000 ڪٿان ڏيندو، ھڻي ھڻي آخر ٽريفڪ وارو چوندو چل 200 روپي دي ورنا چالان ڪر رھا ھون. تڏهن مجبوراً ھو غريب 200 ھنن کي ڏئي جان ڇڏائيندو آھي، اھڙي طرح سنڌ ۾ پوليس گردي سرعام آهي، ان ۾ سنڌ پوليس جو پورو ڊپارٽمينٽ ملوث ناھي ھوندو پر 70 کان 80 فيصد اھڙا ئي آھن تنھن ڪري عوام سنڌ پوليس جي نالي سان نفرت ڪندو آهي.

 

يو ڪي راھمون/ عمرڪوٽ سنڌ

 

ڪارڊيالاجي ايمرجنسي وارڊ ۽ ميرپورخاص

 

سلام آهي انگريز سرڪارکي، جنهن کي اسان سامراج چوندا آهيون، انهن جي نظر ۽ منصوبابندي ته ڏسو 1913ع ۾ جڏهن اڃا ميرپورخاص شهر به ڪونه هو هنن منصوبابندي ڪري هتي جي غريب ماڻهن جي علاج لاءِ سول اسپتال تعمير ڪئي هئي، جنهن کي ڪرپٽ ۽ ڪميشن مافيا اسان جو صحت کاتو سنڀالي نه سگهيو ۽ سال 2021ع ۾ شهر کان 6 ميل پري اڇلائي مسڪين غريب عوام کي مشڪلاتن ۾ ۽ فرسٽ ايڊ جي سهولت کان محروم ڪري ڇڏيو. 6 لک جي آبادي واري پاڻي صحت  صفائي ٽٽل ڦٽل رستن جي بنيادي سهولتن کان محروم رڳو نالي جو اسٽيٽس رکندڙ لاوارث ڊويزنل هيڊڪوارٽر ميرپورخاص شهر جي صحت کاتي جي طاقتور ڪامورن پهرين سول اسپتال ميرپورخاص کان پوءِ سرجيڪل وارڊ 10 نومبر تي ۽ ايمرجنسي وارڊ  17 نومبر تي شهر کان 6 ڪلوميٽر پري نئين ناقص تعمير ٿيل ۽ بنا بجيٽ ۽ سول اسپتال جي بجيٽ ۾ هلندڙ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي پهچڻ لاءِ شهري ڏينهن توڙي رات جي وقت ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ هنگامي علاج جي سهولت کان بلڪل محروم ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته ميرپورخاص شهر ۾ قائم 24 کان وڌيڪ پرائيويٽ اسپتالون رات جو 10 بجي بند ٿي وينديون آهن. پر صحت کاتو شهر ۾ ڇڙواڳ پرائيويٽ ڪاسائي بڻيل اسپتالن کان جتي گهڻو ڪري رڳو ڪمائي خاطر آپريشن ۽ اجائين ٽيسٽن تي زور آهي اهو به نٿو پڇي ته اوهان وٽ رات جي وقت ايمرجنسي علاج جي سهولت ڇو موجود ناهي. رات جو سردي ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هئڻ ڪري شهرين کي ڊي ايچ ڪيو پهچڻ لاءِ شهر مان سواري نٿي ملي ته ٻي طرف غريب ۽ وچولي طبقي جا ۽ بزرگ شهرين  کي ڊي ايچ ڪيو ۾ ڏينهن جو رڪشي جو ڀاڙو 300 کان  500 روپيه ۽ رات جي وقت 1000 روپيه وصول ڪيا پيا وڃن جيڪو غريب شهرين جي پهچ کان ٻاهر آهي. انهي کان علاوه ميرپورخاص شھر جي مختلف علائقن سيٽلائيٽ ٽائون اسڪيم نمبر 2، نواب ڪالوني، محمود آباد، حميد پورا ڪالوني ۾ ٺھيل بيسڪ ھيلٿ يونٽس سميت 8 کان 10 ڊسپينسريون ڏينهن جو 2 بجي بند ٿي وڃن ٿيون اتي ڊاڪٽر ۽ عملو مقرر ڪري انهن کي عوام جي علاج لاءِ 24 ڪلاڪ  فنڪشنل ڪري شهرين کي فرسٽ ايڊ علاج جي سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. شهر ۾ هڪ بينظير اسپتال به  قائم آهي جتي صرف 50 کان 60 مريض اچن ٿا اتي 30  ڊاڪٽر ڪچهريون ڪندا ۽ موبائيل استعمال ڪندا رهن ٿا انهن کي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ مقرر ڪيو وڃي.  ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ چيسٽ پين يونٽ ٺهي چڪو آهي ته پوءِ ساڳي جاءِ تي ڪارڊيالاجي وارڊ جي ضرورت ناهي انهي ڪري ڪارڊيالاجي ۽ ايمرجنسي وارڊ کي واپس سول اسپتال ۾ ساڳي جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي.

 

شير محمد ملڪاڻي/ميرپورخاص