سوال/سروي … سياسي مداخلت تعليمي تباهي جو ڪارڻ قرار: ماسترن کي گوسڙو بڻائڻ ۾ ڪامورا ۽ سياستدان ملوث آهن، گوسڙن کي نوڪرين مان ڪڍيو وڃي: عوام

0
426

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جا 1941 استاد ۽ عملو عادي گوسڙو هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جن جون پگهارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، تعليم جي تباهي واري ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ تعليم جي سڌاري لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هي جيڪو تعداد ظاهر ڪيو ويو آهي اهو تمام گهٽ آهي، 90 سيڪڙو استاد گوسڙو آهن، سياسي مداخلت جي ڪري تعليم تباهه ٿي وئي آهي، سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي جي ڪري استاد ڊيوٽي نٿا ڪن، تنظميون به اهڙي عمل ۾ ملوث آهن، گوسڙو استادن کي سدائين لاءِ نوڪرين مان ڪڍي انهن کان مليل پگهارون ۽ ٻيون سهولتون واپس ورتيون وڃن، سروي ۾ بند پيل اسڪول به کولرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رانجهن پرمار لکيو ته هتي گوسڙن جو تمام گھٽ تعداد ظاهر ڪيو ويو آهي پوري ضلعي ٿر ۾ جيڪي 24 پيا ٻڌائين ان کان وڌيڪ ته هڪڙي تعلقي ۾ هوندا هر طرف رشوت جي بازار گرم آهي، بائيوميٽرڪ وارا اڳتي گوسڙن جي رپورٽ ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا آهن پر ٿئي ڪجهه ڪونه ٿو منهنجي راءِ موجب جنهن اسڪول ۾ گوسڙو استاد موجود آهي ان اسڪول جي شاگردن جي ٻين سرڪاري يا پرائيويٽ اسڪولن جي شاگردن سان مقابلا ڪرايا وڃن ٽيسٽ ورتي وڃي جيڪڏهن گوسڙو استاد جا شاگرد هارائي وڃن ته ان جي پگهار ڪاٽي وڃي. شفيع ملاح لکيو ته گوسڙو ماستر ۽ ٻيو عملو وڏيرن ۽ آفيسرن جا خاص ماڻھو هوندا آھن جيڪي سياسي طور ڀرتي ٿيل آھن قومي خزاني کي لٽيو پيو وڃي انهن کي ڪير به چوڻ وارو هن آھي ڊيوٽي چور گوسڙو ماڻھو آفيسرن کي رشوت پهچائيندا آھن باقي جيڪي ايمانداري فرض شناسي سان ڊيوٽي ڪري پنهنجي ٻچن کي حق حلال کارائين ٿا انهن کي راشي آفيسر ۽ وڏيرا به تنگ ڪن ٿا. تعليمي ادارن ۾ سياسي ڀرتي بند ڪئي وڃي راشي آفيسرن کي هٽائي ايماندار آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي جئين تعليم جو سڌارو اچي سگهي. احسان علي لغاري لکيو ته تعليمي ادارن ۾ سياسي ڀرتي بند ڪئي وڃي گوسڙو ماسترن کي ھٽايو وڃي ھارڊ ايريا کي بند ڪيو وڃي غلط شرط ۽ غلط پاليسين کي روڪيو وڃي استادن جي ڀرتي ۾ ھڪجھڙو نظام ھجي قابل استاد کي ڀرتي ڪيو وڃي ته باقائدي سان تعليم ۾بھتري ايندي، بلاول علي زندپور لکيو ته تعليم دوشمن اھو گوسڙو استاد آهي جيڪو پنھنجا ٻار پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو ڇڏي قوم جي ٻارن جي ماءُ پيءَ جي پرورش کان پوءِ جي تعليم آهي ته اھو استاد آهي جيڪو پنهنجي عظيم پيشي سان گوسڙو ٿي بيوفائي ڪري ٿو، امتيار لغاري لکيو ته سختي سان جاچ ڪري گوسڙو استادن کي نوڪري مان ھٽايو وڃي، جماڻي اشوڪ ڪمار لکيو ته عادي گوسڙو ملازمن کي هميشه لاءِ نوڪري مان ڪڍيو وڃي ته جيئن نون ايندڙ ملازمن کي سبق ملي ۽ نوڪري پابندي سان ڪن، سردار مظهر گورچاڻي لکيو ته سنڌ جا اهي 2030 پرائمري سيڪنڊري ماستر ماسترياڻيون ۽ ٻيا ملازم جيڪي سالن کان گوسڙو آهن تعليم کاتي انهن کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو، هي گوسڙو انهن کان به مٿي آهن ، تعليم کاتي پاران عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 5 هزار کان وڌيڪ ماستر گوسڙو آهن، انهن کي استاد نٿو چئي سگهجي، اياز علي راهوجو لکيو ته گوسڙو استاد جيڪي اسڪول نه ٿا پڙھائڻ ان جو سبب رشوت آھي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته هي سلسلو هلندو رهندو انهي ڪري جو سنڌ ۾ وڏيرپائي ۽ ڀوتاري نظام هلي ٿو، سيف الله پنهور لکيو ته شايد ان کان به وڌيڪ گوسڙو استاد سنڌ ۾ آھن تعليم کاتي کي انهن سمورن کي نوڪري تان ئي برطرف ڪرڻ گھرجي، بشير ميراڻي لکيو ته جيڪي گوسڙو آهن انهن جا اڃا نالا ئي ناهن، تعليم کاتي پاران جيڪي نالا شايع ٿيل آهن اهي اڃا گھٽ آهن، بهتر اهو ٿيندو ته سيڪريٽري کان ويندي هيڊ ماستر جي آفيس جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪاريون رڍون ڪٿان کان شروع ٿين ٿيون..ابراهيم لنڊ لکيو ته هي سلسلو هلندو رهندو ڇو ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا انهي جي زبان کي تالا لڳل آھن، پيار علي نهڙيو لکيو ته گوسڙو جو انگ ان کان وڌيڪ آھي هي رڳو خانا پوري ڪئي وئي آھي ٿرپارڪر مان 24 گوسڙو نڪتا آھن ، 24 ته هڪ يوسي مان ملندا، ٽي اي او ڊي اي او ته اڳ رشوت عيوض ملازمن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏيندا هئا پر بائيوميٽرڪ وارن سان به ساڳي حالت آھي. رشوت، ڪامورا شاهي نظام جي خاتمي تائين تعليم نه سڌرندي، موهن لال لکيو ته تعليم جي تباهي پويان ضلعي ۽ تعلقي ليول جا آفيسر آهن جيڪي اي سي روم مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ۽ انهن آفيسرن جي مقرري لاءِ اثرائتي پاليسي بڻائي وڃي، سندن ضلعي جو ڊوميسائيل رکندڙ کي پنهنجي ضلعي ۾ مقرر نه ڪيو وڃي ۽ مقرري پاليسي 3 سالن لاءِ هجي، اسڪولن ۾ بايو ميٽرڪ ميشن نصب ڪئي وڃي ته جيئن هر مهيني حاضري يقيني بڻجي، ۽ سنڌ حڪومت جيڪي بايو ميٽرڪ اسسٽنٽ مقرر ڪيا آهن انهن کي اسڪولن جي چيڪ اينڊ بيلنس لاءِ پابند ڪيو وڃي. اسلم آزاد سمون لکيو ته ان جو وڏو ۾ وڏو سبب سياسي مداخلت آھي، جنهن سبب سياسي اثر رسوخ رکندڙ استاد هميشه ويزائن تي هوندا آھن. سڀ کان پهرين اها مداخلت بند ٿيڻ گھرجي.ذوالفقارعلي صديقاڻي لکيو ته ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي تعليم کاتي جا اعليٰ آفيسر سڀئي رشوت ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھن، محمد سليمان کٽي لکيو ته وڏو ظلم آھي تازو ڀرتي ٿيل استادن مان به استادن جي اولاد ھئڻ ڪري ڊيوٽي ڪرڻ کان کتو جواب ڏيو ويٺا آهن اتي تعليم ڪيئن سڌرندي، سوين گوسڙو ماستر آھن جن خلاف اڃان ڪاروائي جي وڏي ضرورت آھي، اسد شر لکيو ته گوسڙن جو انگ وڌيڪ آھي پر بائيو ميٽرڪ وارا اڳواٽ اطلاع ڏئي اچن ٿا جنھن ڪري گوسڙو بچي ٿا وڃن ۽ گوسڙن جو تعداد تمام وڌيڪ آھي، آزاد عبدالقدوس بلوچ لکيو ته اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ته پوري ڪئي پيي وڃي پر فرنيچر سميت ٻيون بنيادي شيون به ڏنيون وڃن ته نظام بھتر ٿي سگھي ٿو…نعمت الله راهمون لکيو ته تعليم تباهه وري فنڪار ٿا ڀرتي ڪن، عبدالخالق لکيو ته تعليم جي تباھي جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي جيڪا پندرهن سالن کان صاحب اقتدار آهي پر سنڌ جي تعليم لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، عمراڻي نور لکيو ته گوسڙو اڃا به وڌيڪ آھن پر سرڪاري ڌر سان ساٿ هئڻ ڪري انهن تي پردو رکيو ويو آھي.. اويس سونو خان راڄپر لکيو ته گوسڙو استادن تي پابندي لڳائي وڃي ۽ انهن تي ايڪشن اهو کنيو وڃي ھنن کي تاحيات پابندي لڳائي وڃي، محمد فياض وساڻ لکيو ته گوسڙو استادن کي عمر ڀر لاءِ معطل ڪري انهن کان پگهارون به واپس ڪرايون وڃن، گلاب غازي لکيو ته تعليمي حوالي سان سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آھي پوءِ اھا سنڌ حڪومت ھجي اسان جا استاد ھجن يا انھن کي انھن عھدن تائين پھچائيندڙ ڀوتار هجن، عامر کوسو لکيو ته منهنجو ڳوٺ تعلقا نوشھروفيروز۔ گورنمنٽ پرائمري اسڪول محمد آچر کوسو به گوسڙو استاد جي ورچڙهيل آهي، آڪاش پنهور لکيو ته پڙھائڻ کان وڌيڪ گوسڙو جام آھن اسان وٽ ھتي ٻيو ته انگ اکر به ھنن وٽ نه آھن ڇو ته پنھنجا ماڻھو رکيل اٿن، شهمير علي لکيو ته شايد ان کان به وڌيڪ گوسڙو استاد سنڌ ۾ آھن تعليم کاتي کي انهن سمورن کي نوڪري تان ئي برطرف ڪرڻ گھرجي، راجوير ڪمار لکيو ته ٻھراڙي علائقا جتي اسين 31 مارڪن تي پاس نٿا ٿي سگھون، طارق علي باجڪاڻي لکيو ته جيستائين استادن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي سياست ۽ اليڪشن جي ڊيوٽي کان الڳ نه ڪيو ويندو تيسيتائين تعليم اندر تبديلي ناممڪن آهي، فضل سبزوئي لکيو ته تعليم جي دشمن گوسڙو ماسترن کي بخش نه ڪيو وڃي سڌو سنئون قوم جا دشمن آهن، رميش ڪمار لکيو ته صرف خانا پوري ٿي آھي انگ اکر بي انتھا آھن اسان جو ٽنڊوالھيار به گھٽ ڪونھي گوسڙن کي ھن انگ اکرن ۾ به سٺي رعايت مليل آهي، آصف مڱريو لکيو ته سڄو ڊرامو آهي، زاهد حسين لاکو لکيو ته تعليم جي تباهي جو ڪارڻ مس مينيجمينٽ آهي، شنڪر لال لکيو ته گوسڙو استادن کي فوري طور معطل ڪيو وڃي،حڪومت جو تمام بھترين عمل آهي..ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آھي جاچ ڪبي ته اڌ پگھار منسٽر جي گھر تائين پھچندي ھوندي، قادر بخش زئور لکيو ته افسوس آھي جو اڌ روز جي ڊيوٽي به نٿي ٿي جيڪڏھن ڪير پنھجي شعبي سان وفا نٿو ڪري سگھي ته انھي کي ڀلي فارغ ڪيو وڃي، نارائڻ داس لکيو ته تمام سٺو فيصلو ٿيو آھي ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ گھرجي، عارف بلوچ لکيو ته انھن استادن جون پگھارون بند ڪري نون کي پگھارون جاري ڪيون وڃن، خميسو آريسر لکيو ته سياسي ملي ڀڳت آهي، توفيق کهاوڙ به راءِ جو اظهار ڪيو، زخمي ملاح لکيو ته ٿرڙي محبت جا ڪجه استاد ويزا ويل آهن، عبدالعزيز بلوچ لکيو ته گوسڙو ماسترن کي ڪڍي نون ويٽنگ کي رکيو وڃي، زيشان جسڪاڻي لکيو ته ھزارن جي تعداد ۾ پوري سنڌ اندر گوسڙو استاد آھن جيڪي گھر ويٺي پگھار کڻن ٿا انھن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، عاشق علي به سروي ۾ حصو ورتو، امتياز علي لکيو ته هي سلسلو هلندو رهندو ڇو ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا انهي جي زبان کي تالا لڳل آھن، محسن علي تنيولکيو ته گوسڙو استاد جيڪي اسڪول نه ٿا پڙھائڻ ان سبب رشوت آھي افسوس آھي جو اڌ روز جي ڊيوٽي به نٿي ٿي جيڪڏھن ڪير پنھجي شعبي سان وفا نٿو ڪري سگھي ته انھي کي ڀلي فارغ ڪيو وڃي، عبدالله سومرو لکيو ته گوسڙو استاد اڪثر ميڊيا جي ادارن جا رپورٽر سميت ادارن جي اهم عهدن تي ويٺل آھن، عظمت الله ٻرڙو لکيو ته گوسڙو استادن کي عمر ڀر جي لاءِ معطل ڪري انهن کان پگهارون به واپس ڪرائيون وڃن سنڌ ۾ اڪثر استاد گوسڙو آهن، چندن ڪمار لکيو ته انھن مان گھڻا کاتي جي تنظيم (يونين)جا اڳواڻ نڪرندا، اسان وٽ ھر کاتي۾ اھڙا ڪيترائي نام نهاد يونين اڳواڻ ملندا، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته تعليم کاتي جي اختيارين جون تعليمي ادارن ۾ بهتري دعوائون رڳو خالي اعلان ئي رهجي ويا آهن تعليم جهڙي وڏي اداري ۾ سياسي مداخلت ۽ يونين جي آڙ ۾ تعليم جي تباهي سرعام نظر اچي رهي آهي، علي رضا لکيو ته 90 سيڪڙو گوسڙو ماستر آهن، انيل ڪمار، گلبهار عمراڻي به سروي ۾ حصو ورتو، جاويد هڪڙو لکيو ته انهن استادن خلاف ڪارروائي کان اڳ ملوث آفيسرن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، ظفرالله مغيري، عارف سومرو، عبدالقدير، سڪندر کوسو ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.