ڪرپٽ حڪومت نوان ٽئڪس هڻڻ کان پرهيز ڪري!

هر سال قرض کڻي ۽ نوان ٽئڪس هڻي ملڪ ۽ قوم کي مالي بحران ۾ ڌڪيو وڃي ٿو، عوام کي مهانگائيءَ ۾ ڦاسايو وڃي ٿو، جڏهن ملڪ تي ايترو قرض چڙهي ويو آهي ته پوءِ وڌيڪ قرض کڻڻ يا ٽئڪس مڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ حڪومت کي ھر حال ۾ پنهنجا خرچ گهٽائڻ کپن ۽ نوان ٽئڪس هڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي پر افسوس حڪمران قرض ۽ ٽئڪس جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا پيا وڃن، جنهن مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. بجليءَ جي اگهن جيان يونٽ جي حساب سان اگھ مقرر ٿيڻ کپن، گهٽ يونٽ يا ليٽر تي واڌو اگھ لاڳو نه ڪيا وڃن، جيڪي ٻن ليٽرن کان وڌيڪ تيل ڀرائين انهن تي نوان اگھ لاڳو ڪيا وڃن. اھڙو مڪينزم اختيار ڪيو وڃي جنهن سان عوام تي مهانگائي لاڳو نه ٿي سگهي، رڳو امير طبقي تي مهانگائي کي لاڳو ٿيڻ کپي. بنيادي ضرورتن جي شين جهڙوڪ ڪڻڪ، تيل، دوا ۽ ٻين کاڌي جي شين جي اگهن تي ضابطو آندو وڃي.

شبير کوکر/قاسم آباد

علي ٽائون بدين جو ٽرانسفارمر تبديل ڪري ڏيو!

علي ٽائون بدين جو 100 ڪي وي اي جو  ٽرانسفارمر 15 جون جي رات ڌماڪي سان خراب ٿي ويو، وڏين منٿن کان پوءِ ٽرانسفارمر کي هيٺ لاٿو ويو پر سوزوڪي جا پئسا به پاڙي وارن کان ورتا ويا، تڏهن ورڪشاپ تائين پهتو آهي. هاڻ وري حيسڪو جا مقامي کائو پٽ پئسن جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته هيترا پئسا ڏيو ته اوهان کي ٽرانسفارمر ٺهرائي ڏيون. ياد رهي ته هن ٽرانسفارمر تي سڀ بل پياريندڙ ماڻهو آهن، تنهن هوندي به هر هر اهو مسئلو پيدا ڪيو پيو وڃي. عيدالفطر کان پهرين ٽرانسفارمر خراب ٿيو ته مافيا پئسا وٺي ٺهرائي ڏنو، جنهن ۾ هڪ ڪوائل کي ڄاڻي واڻي رپيئر نه ڪيو ويو، ٻن فيزن تي هلندڙ ٽرانسفارمر لوڊ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ نيٺ 15 جون تي ڌماڪو ڏنائين، ٽرانسفارمر کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ 13 جون تي ايس ڊي او حيسڪو بدين کي درخواست ڏني ته هن جي صحيح مينٽيننس ڪرايو، جيڪا درخواست هنن کي سمجھ ۾ ئي نه آئي ۽ ڪو قدم نه کنيو ويو. حيسڪو بدين تي هڪ وڏي مافيا قبضو ڄمايو ويٺي آهي، جنهن شهرين جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي. ايس ڊي او بلڪل غير موثر ثابت ٿيو آهي، هو يا ته مافيا جي اڳيان بيوس آهي يا سندن حصو آهي. اسان حيسڪو جي چيف ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ بجلي جي نظام کي درست ڪري عوام کي هن آزار مان آزاد ڪيو وڃي.

عبدالجبار/ علي ٽائون، بدين

اسان واقعي اھڙي قوم آھيون!

اسان اھڙي قوم آھيون جنھن کي ھر ڀيري آرام سان بيوقوف بڻائي ووٽ وٺي ڌوڪو ڏنو وڃي ٿو. اسان جا معتبر ماڻھو جيڪي پاڻ کي عقل ۾ ڪامل سمجھندا آھن ۽ ڪنھن ڪچھريءَ ۾ تنقيد ڪندي دليل مٿان دليل پيا ڏيندا آهن. اھي ئي ساڳيا وري پنھنجي ذاتي حق تان دستبردار ٿيڻ لاءِ ويٺا وڏا وڏا درس ڏيندا آهن. اڳتي وڌي پنھنجي جائز حق لاءِ ٻاڪارڻ واري جوان کي خاموش ڪرائڻ لاءِ وڏن جي عزت جو واسطو ڏئي، آئي جي احترام جو سبق ٻڌائي پاڻ جيان غلامي ڪري زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪندا آھن. جڏھن حق جو علم کڻي نڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته پوري برادري ۽ خاندان پوئتي ھٽڻ لاءِ جتن ڪري مجبور ڪري وجھن ٿا. پوءِ جڏھن واڳون ٻين جي ھٿن ۾ اچن ٿيون ته انھن کان لاتعلق رھڻ ۾ ئي غنيمت سمجھجي ٿو. اسان جو ڇا؟ واري سوچ کي ئي عملي جامو پهرايو وڃي ٿو. پنھنجي عزت محفوظ رکڻ، شر کان حفاظت ڪرڻ ۽ ھروڀرو دشمني ٿيڻ جي خوف کان چونڊيل ماڻھوءَ وٽ وڃڻ کان به پيو لنوائبو. ڪڏھن به سائين جن جي اوطاق تي وڃڻ جي غلطي نه ڪبي. ڇاڪاڻ جو سائين جي وٿاڻ تي چمچن ۽ واٺن جو ديرو ڄميل ھجي ٿو. جي وڃڻ جي غلطي ڪبي ته انھن ھٿان بي عزت ٿي واپس ورڻو پوندو. اڄ جو جوان اکيون کولي ڏسي ٿو، صحيح غلط کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان جوان کي عرض آھي ته خدارا پنھنجو مستقبل اونداھو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اڳتي وڌو، حق جو عَلم کڻي ميدان ۾ ڪاھي پئو. پنھنجي اٻوجھ عوام کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو ته ووٽ سندن ڪيڏي وڏي دولت آھي. ان کي سوچي سمجھي استعمال ڪجي. پنھنجي ئي ووٽن جي ڪري پاڻ کي پريشانيءَ کان بچائي سگهجي ٿو.

اعجاز علي سوڍر/پي ايڇ ڊي اسڪالر، ميھڙ

پ پ پ عمرڪوٽ طرفان نظرانداز ڪيل ميگھواڙ برادري!‎‎

عمرڪوٽ ضلعو سنڌ جو واحد ضلعو آهي جتي اقليت اڪثريت ۾ آهي ۽ ان ڳالھ کان قطعي طور انڪار نٿو ڪري سگهجي ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي پٺيان اقليتي برادري جو وڏو هٿ آهي، هن ڀيري جڏهن بلدياتي اليڪشن جو گوڙ گھمسان شروع ٿيو ته هزارن جي انگ ۾ نوجوانن فارم ڀرايا، ڪجھ نوجوانن پاران مختلف پارٽين کي ٽڪيٽن لاءِ درخواستون پڻ ڏنيون ويون ۽ ڪافي نوجوان آزاد اميدوار طور سامهون آيا ۽ جڏهن ٽڪيٽ ڏيڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو تڏهن ٽڪيٽن جي ورهاست دوران مونجهارا درپيش آيا، ڇو ته ٽڪيٽون گهٽ هيون ۽ اميدوار تمام گهڻا هئا، ان ڪري ٽڪيٽ وٺڻ ۾ اهي اميدوار ڪامياب ٿيا جيڪي پ پ پ جا تمام ويجھا هئا، جڏهن ٽڪيٽن جي ورهاست پوري ٿي تڏهن تقريبن هر برادري جي ماڻهو کي ٽڪيٽ ڏني وئي سواءِ ميگھواڙ برادري جي،  جڏهن ميگھواڙ برادري ڏٺو ته اسان جو ووٽ عمرڪوٽ ۾ تمام وڏي تعداد ۾ هجڻ باوجود اسان جي برادري کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ ميگھواڙ برادري جي بيعزتي آهي، ان کان پوءَ ڪجھ نوجوانن پاڻ ۾ صلاح ڪري ميگھواڙ آزاد پينل آندو جيڪو تيزيءَ سان وڌي نيٺ وڻ ٿيو، تڏهن پ پ پ عمرڪوٽ جي قيادت جون اکيون کليون ۽ انهن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته جيڪڏهن ميگھواڙ برادري کي مطمئن نه ڪيو ويو ته پ پ پ کي بلدياتي اليڪشن ۾ هڪ يا ٻن سيٽن تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويندا. ميگھواڙ آزاد پينل يقين پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي ۽ برادري کي نظرانداز ڪرڻ جو ميگھواڙ برادري کي اهو وڏو فائدو ٿيو ته انهن نوجوانن کي حق وٺڻ سيکاري ڇڏيو.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

رت جي رشتن کي

آخر ڇا ٿي ويو آھي؟

مان هتي صرف ان رشتن جي ڳالهه ڪندس جيڪي رت جا رشتا جيڪي ڪڏهن به ٽٽڻا نه هئا نه ئي ڪڏهن ڪو تصور ڪيو هو، سنڌ ۾ هن وقت ڪيتريون ئي بي قائدگيون، اڻ برابريون ۽ ظلمن ٿي رهيا آهن، جن کي لکڻ سان پنا ڀرجي ويندا ۽ قلمن جون نبون به پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون ته به اهي ستم ظريفيون ڪڏهن ڪين کٽن پر هتي آءُ انهن رشتن جي ڳالهه ضرور ڪندس جيڪي رشتا آهن جن ۾ پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، چاچو، چاچي، ماسي، سئوٽ، ماسات، پڦاٽ ۽ ٻيا عظيم رشتا اچي وڃن ٿا، جن ۾ اڄ ڪيتريون ئي وڇوٽيون پيدا ٿي ويون آهن، جو ڪڏهن سوچيو به نه هو، اڄ رت جي رشتن مان اها محبت، پيار ۽ احساس ختم ٿي ويو آهي، جيڪو اڳ ۾ هوندو هو، اڄ رت جا رشتا هڪ ٻئي جا ويري بڻجي ويا آهن، ايتري قدر جو هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ کان به نفرت ڪن ٿا، نه ته ڪو دور هو جو رت جي رشتن ۾ ايترو ته پيار، محبت توڙي احساس هو جو هڪ ٻئي مٿان جان به گھور ڪندا هئا، اڳ ۾ جڏهن ڪو خوشين جو ڏينهن ايندو هو ته سمورا رشتا هڪ ڇٽي ۾ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ راتين جون راتيون صرف خوشين ۾ گذرنديون هيون، ڪيترائي ڏينهن گذري ويندا هئا پر ڪڏهن به ڪو نه ڪيٻائيندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي جون دعوتون پڻ ڪندا هئاسين ۽ اهو ئي سبب هوندو ته محبت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ۽ هميشه هٿ جي پنجن ئي آڱرين جيان مضبوط رهندا هئا ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي مٿان ڪو ڏکيو ڏينهن ايندو هو ته سمورا رشتا هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ ملي رلي سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي مٿان وار به نه سهندا هئا پر افسوس اڄ دل اهي ڳالهيون ياد ڪري روئي پوي ٿي، اڄوڪو رت پٿر ٿي ويو آهي ۽ رت جا رشتا به پٿر ٿي ويا آهن، جيڪي ڪڏهن به چيڪي مٽي جيان ڪو نه ٿا ٿي سگھن، اڄ اهي رشتا هڪ ٻئي جي جانين جا ويري بڻجي ويا آهن، روزانون ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري نوجوان ڳڀرو پٽ قتل ٿيو وڃن ٿا ۽ ڪيترن ئي مائرن جون جھوليون خالي ٿي وڃن ٿيون. اسان ان معاشري ۾ رهون ٿا جنهن ۾ ڀاءُ ڀاءُ جو ناهي، جيڪو رويو معاشري لاءِ زهر قاتل آهي.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

پاڪستان جي گري لسٽ مان وائيٽ لسٽ ۾ واپسي!

آخر پاڪستان لاءِ FATF جا شرط مڪمل ٿيڻ تي گري لسٽ مان نڪرڻ جي خوشخبري اچي وئي. FATF جي گِري لسٽ کان نڪرڻ پاڪستان لاءِ فائدو ٿيندو. هن وقت پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ سندس ٽيم سول ۽ ملٽري قيادت جي اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ٻاهر ڪڍي وائيٽ لسٽ ۾ واپس ڪيو ويندو. FATF جو ادارو G-7 ملڪن جي 1989ع ۾ پئرس ۾ منعقد ڪانفرنس ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻ واري فنڊنگ کي روڪڻ آهي. آمريڪا، چين، روس، ڀارت، برطانيه، ملائيشيا، جرمني، آسٽريليا، سعودي عرب، ترڪي سميت 37 ملڪ ان جا ميمبر آهن. 2006ع ۾ ڀارت FATF جو آبزرو ميمبر بڻيو ۽ ممبئي ڌماڪن کان پوءِ ان هڪ بيانيو ترتيب ڏنو ته پاڪستان رياستي سطح تي دهشتگردن جو مددگار آهي. پاڪستان کي 2008ع ۾ پهريون ڀيرو FATF جي گِري لسٽ ۾ وڌو ويو. ڀارت 2010ع ۾ FATF جو مستقل ميمبر بڻجي ويو. ڀارتي بيانن ۽ اسان جي ڪمزوري جي بنيادن تي 2012ع ۾ ٻيهر گري لسٽ ۾ وڌو ويو. بليڪ لسٽ کان بچڻ لاءِ چين، ترڪي ۽ ملائيشيا ووٽ ڏنو هو. جيڪي شروع کان آخر تائين پاڪستان جا دوست ٿي گڏ ٻيٺا رهيا، وڌيڪ 10 ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزارت وڏي محنت ڪئي. بين الاقوامي سيڙپڪار واپس موٽندا. پاڪستان کان ٽرانزيڪشن موڪلڻ ۽ آڻڻ ۾ اسڪروٽني جي عمل ۾ مدد ملندي. بهرحال اهڙيون پاليسيون اپنايون ويون جن تي سول ادارن ڪم ڪيو. منسٽري آف فارين افيئرز، وزارت داخلا، ايف بي آر، سي ٽي ڊي، اسٽيٽ بينڪ، ايس پي ڊي ۽ ٻيا ادارا سرگرم رهيا، وزير اعظم شهباز شريف FATF جا شرط مڪمل ٿيڻ تي. سول ملٽري ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

Criminal Appeal 51 of 2018

تاريخ مون کي بيڏوهي قرار ڏيندي!

(حصو ٻيون)

آئون تو کي وڪيل ڏيندس ۽ تنهنجو ڪيس پاڻ ٺاهينداسين پر اُهو محترم دوست پنهنجي ڳالهه تي پورو ڪونه لهي سگھيو ۽ آئون نه هيڏانهن جو رهيس نه هوڏانهن جو، مون کي ان دوست چيو هو ته توکي تو واري وڪيل فرحاد ئي مارايو آهي پر ايئن نه هو، فرحاد صاحب ته 21.10.2022 جي صبح به منهنجي تاريخ تي هاءِ ڪورٽ ۾ موجود هئو، ڇو جو 08:30 وڳي منهنجو Matter is Fixed هو، ماڻهن جي چئي ۾ اچي مون پنهنجي هڪ محسن کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو ، ان جو ڏک هميشه رهندو، ان کان سواءِ چنڊ صاحب به مون کي غلط ڏيانءُ ڏئي رهيو هو. اهي ماڻهو مون کي مجبور ڏسي منهنجي جذبن سان راند کيڏي رهيا آهن، ياد هجي ته ايئن ئي ته هڪ عام انسان ڏوهاري ٿيندو آهي پر رب تعاليٰ مون کي پنهنجي امان ۾ رکندو ۽ مون کي هڪ ڏينهن ضرور بيڏوهي قرار ڏنو ويندو. نه ته ٻي صورت ۾ تاريخ مون کي بيڏوهي قرار ڏيندي، ايئن به منهنجي عمر قيد به باقي وڃي بچي آهي پر انصاف مون کي اڃا تائين ناهي مليو، مون کي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه صاحب جا لفظ ياد پيا اچن ته اسان انصاف ڪرڻ لاءِ نه پر فيصلا ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ايندا آهيون. خير مون پنا پلٽائڻ شروع ڪيا ته مون کي مون سان گڏ منهنجا معصوم والدين به هر پني تي ڪٽهڙي ۾ نظر آيا، انهن جي نالن سان گڏ لفظ Accused پڙهي منهنجيدل ۾ ڀڄي پيل شيشي جھڙو درد ٿيڻ لڳو، ياد رهي ته منهنجي والدين ۽ مون تي اهو ڪيس ان لاءِ جوڙيو ويو هو جيئن اسان مدعي پارتي کي پئسا ۽ پنهنجو گھر وغيره لکي ڏئي ڇڏيون. اهو ته سڀ ئي ڄاڻن ٿا ماڻهن جي معصوميت کي مفادن جي ٽانڊن تي اڇلي ٺڳن شعور سان وڏو ناحق ڪيو آهي. ان ناحق ۽ فريب کي  پڌرو ڪرڻ لاءِ مون قلم کي پنهنجي زبان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجو ٻيو ڪو به مقصد ناهي، مون مدعي شير خان ڇلگريجو بيان پڙهڻ شروع ڪيو ته پهريان ئي مون کان ٽهڪ نڪري ويو، هو ڪلمون ڀري چوي ٿو ته ملازم غلام رسول ڇلگريءَ جي والد مون کي نالو خبر ناهي، جيتوڻيڪ شير خان ڇلگري رشتي ۾ منهنجو مامون آهي ۽ سائين جن پنهنجي ڀيڻ يعني امان سان بابا سائين جي شادي ڪرائي هئي ۽ بابا سائين جو ويجھو مائٽ به آهي. ڇا ڪو پنهنجي ڀيڻ جو رشتو ڪنهن به اهڙي شخص کي ڏئي سگھي ٿو جنهن جي والد جو هُن کي نالو تائين نه ايندو هجي؟

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

(حصو پهريون)

اڄ به مون کي اُهو واقعو چڱيءَ طرح ياد آهي، 2014ع ۾ جڏهن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ هزارين پڙهندڙ ٻارن مٿان دهشتگردن سرعام اسڪول ۾ گھڙي جديد هٿيارن سان حملو ڪيو هو، جنهن حملي ۾ سوين اسڪولي ٻار شهيد ٿيا هئا، هن اسڪول ۾ هر طرف رت ئي رت هو، معصوم ٻارڙن جا لاش هر طرف پکڙيا پيا هئا، ان ڏينهن آئون نارا جيل جي 8 نمبر سيل ۾ عبدالجبار ابڙو، قادر بروهي، استاد نيازي ۽ ٻين قيدين سان گڏ ويٺو ٽي ويءَ تي هڪ پروگرام ڏسي رهيو هئس، اوچتو بريڪنگ نيوز ذريعي خبر پئي ته پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٻارن تي حملو ٿيو آهي، ان خبر ٻڌڻ کان پوءِ ڪافي ڏينهن تائين مون کي ننڍ نه آئي، هر  وقت ٻارڙن جون اڀ ڏاريندڙ دانهون ٻڌڻ ۾ پئي آيون، اهڙو ظلم مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڏٺو هو نه وري ٻڌو هو. ٻئي ڏينهن مون سڀني قيدين کي مسجد ۾ گڏ ڪري شهيد ٻارڙن جي لاءِ دعا گھرائي، دعا گھرڻ وقت هر قيدي ڏکارو هو، ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ قيد ڪاٽيندر اهي قيدي چئي رهيا هئا ته انهن معصومن جو ڪهڙو ڏوهه هو جو انهن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. انهن گلن جھڙن ٻارڙن مٿان دهشتگرديءَ وارو حملو پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو، هن واقعي کان پوءِ حڪومت سزائن ڏيڻ ۾ سختي ڪئي ۽ ڦاهي جي سزا ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن سان ڪوڙين شاهدين ڏيڻ وارن جو ڪورٽن ۾ ڀلو ٿيو ۽ گڏوگڏ سنڌ پوليس وارن جا کيسا پڻ گرم ٿيڻ لڳا، سندن روزي روٽي کُلي وئي، وزيراعظم نواز شريف آرمي ڪورٽون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڦاهيءَ جي سزا ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏي، جن کي پنهنجي گناهن جي خبر به نه هئي ته اهي ڪهڙي گناهن ۾ سزا وٺي جيل پهتا آهن، جن قيدين ۾ امام الدين قمبراڻي، محبت مغيري، فيض احمد بروهي شامل آهن جيڪي سنڌ پوليس جي ظلم جا چٽا ثبوت آهن جن کي بيگناهه ڦاهي جون سزائون ڏنيون ويون.(جاري)

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

قيد خاني جي ڪٿا!

او شل هوت اچن!

سنڌ جنهن 6 سئو سال قبل مسيح کان ڏکڻ ايشيا جي طاقتور ترين حڪومت قائم ڪئي هئي، جتي قانون، انصاف کان وٺي سماجي انساني نظام رائج ڪيو ويو هو، جنهن ۾ انسانن کان وٺي جانورن سوڌو سمورن ساهه وارن لاءِ قانون مقرر ڪيو ويو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٽئڪسلا (ڪشمير) هو. ايشيا سوڌو يورپ ۾ اهڙي ٻين ڏهن صدين ۾ حڪومت قائم نه ٿي سگھي هئي، جنهن ۾ قانون ۽ انصاف نه رڳو موجود هجي پر ان جي رسائي عوام تائين ٿيندي هجي. ڪجھه وقت اڳ پاڪستان حڪومت اعلان ڪيو هو ته 65 سالن وارن بزرگ قيدين کي جلد کان جلد آزاد ڪيو ويندو ۽ پاڪستان مان موت واري سزا به ختم ڪئي ويندي پر اهو اعلان صرف گوڙ ڪندڙ ڪڪرن جيان ئي ثابت ٿيو، سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين جيلن ۾ وڏي ڄمار رکندڙ چاچي شفقت ناريجي ۽ اسماعلي ڇڇڙ جھڙا بيمار ۽ بزرگ قيدي به سالن کان اپيلون هلڻ جي آسري جيل ڪاٽڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن، منهنجي چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل آهي ته سنڌ جي بيمار ۽ پيرسن قيدين لاءِ سولايون پيدا ڪيون وڃن ۽ حڪومت کي قانون تي عملدرآمد لاءِ پابند بڻايو وڃي ته جيئن انصاف جي بهتري ٿي سگي ۽ اهي قيدي به پنهنجي پيارن سان گڏ وڃي هيءَ عيد ڪن، خبر ناهي ڇو اهو محسوس ٿو ڪيان ته شيخ اياز هي اکر انهن لاءِ لکيا هوندا، جن جا پيارا زندان ۾ قيد هوندا ته:

او شل هوت اچن،

اکيون جن جي آسري.

دلدار علي بخش وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد