ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا جو انسٽاگرام اڪائونٽ اوچتو سوشل ميڊيا تان گم ٿي ويو جنهن سندس مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سپر اسٽار اداڪارا جا انسٽاگرام اڪائونٽ تي اٽڪل 80 ملين فالوورز آهن جيڪو هيڪ ناهي ٿيو پر ٽيڪنڪي مسئلي سبب سندس اڪائونٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي شو نه پئي ٿيو، جنهن کانپوءِ پريانڪا چوپڙا جي ٽيڪنيڪي ٽيم مسئلو حل ڪري ڇڏيو. ادڪارا جي سوشل ميڊيا ٽيم وضاحت پيش ڪندي چيو ته پريانڪا جا انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪروڙين فالوورز آهن جنهن سبب ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سندس اڪائونٽ ڊائون ٿيو هو، جڏهن ته هاڻي اهو مسئلو حل ڪيو ويو آهي. اداڪارا جو اڪائونٽ سوشل ميڊيا تي سرچ نه ٿيڻ سبب سندس هزارين پرستارن ٽوئيٽر ۽ فيسبڪ تي لکيو ته پريانڪا چوپڙا جو انسٽاگرام جو  اڪائونٽ سرچ نه پيو ٿئي، جڏهن ته ڪجهه مداحن جو خيال هو ته اڪائونٽ هيڪ ٿي چڪو آهي.