اشو آف دي ڊي بينظير بس بينظير هئي: شهيد راڻي کي سالگرهه تي ڀيٽا پيش

0
148
اشو آف دي ڊي بينظير بس بينظير هئي: شهيد راڻي کي سالگرهه تي ڀيٽا پيش

  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شهيد راڻي جون تصويرون ۽ تقريرون شيئر ڪيون ويون، سوشل ميڊيا تي هيپي برٿ ڊي شهيد بينظير ڀٽو ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو، ان سلسلي ۾ ماڻڪ ڪنگراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهيد راڻي کي جنم جون  واڌايون، شال سندس پوئلڳن ۽ پارٽي قيادت کي  پ پ جي اجهي لٽي  واري فڪر تي عمل ڪرڻ جي  توفيق ٿئي عوامي خدمت جذبي سان ڪم ڪن، ورثا پيرزادو بينظير جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته

ڈھونڈو گے اگر ملکوں ملکوں ملنے کے نہیں نایاب ہیں ہم

  ڪنور لال لکيو ته عظيم ليڊر هئي، عاطف اسلم لکيو ته شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو عوام جي حقن جي بحالي، معاشي ۽ اقتصادي ترقي، پاڪستان ۾ جمهوريت جي قيام، جمهوري ادارن جي بحالي، عورتن جي خودمختياري ۽ عوامي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، جتوئي گدا حسين لکيو ته سرخ سلام، قمر نواب ڪانڌڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بس ايترو چئبو ته بينظير ته هئي ئي بينظير، اڄ تنهنجي بنا سنڌ ننڌڻڪي آهي، رزاق عاصي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 15 ورهيه گذرڻ باوجود اڃا آجا، محترمه بينظير ڀٽو جو اڄ جنم ڏينهن آهي، ريحانه نظير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

مون سي ڏٺا ماءَ، جنين ڏٺو پرينءَ کي

تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي

ڊاڪٽر اياز لطيف ۽ منٺار علي چانڊيو لکيو ته هيپي برٿ ڊي، رفيق شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجھه يادگيريون، 1972ع ۾ مراد ھاءِ اسڪول گمبٽ ۾ ستون درجو پڙھندو ھئس تڏهن نظر محمد ڳاھو ۽ خيرپور جي سنگت گمبٽ آيا مون کي سپاف سٽي گمبٽ جو صدر مقرر ڪيائون 1975ع ۾  ميٽرڪ پاس ڪئي انھي زماني ۾ شيخ اياز سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ھو ھن مون کي پاڻ وٽ آفيس ۽ بنگلي تي آپريٽر ڪري رکيو، انٽر حيدرآباد مان ڪئي نوڪري تان استعيفا ڏئي سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي سپاف جي مرڪزي صدر غازي صلاح الدين مون کي سپاف سنڌ يونيورسٽي جو جنرل سيڪريٽري ڪيو جيئي سنڌ وارن مارڪٽ ڪئي مان دانھن ڏيڻ شھيد بينظير ڀٽو وٽ ويس مشورو ڏنائين ته،،،

شیخ جیئے سندھ والوں کے ساتھ اپنے ذاتی تعلقات رکھو ساتھ میں کھانا کھائو پھر جب جھگڑا ھوتا ھے آنکھ میں شرم آتی ہے

وغیرہ،،، ھڪ دفعي سپاف سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين جي 70 ڪلفٽن تي ميٽنگ ڪوٺائي، رينجرس گھيرو ڪيو شھيد بينظير 32 شاگردن کي گھيرو ٽوڙي ڪيئن ٻاھر ڪڍيو سو ٻئي دفعي؟ 1981 – 82ع ۾  وائس چانسلر الياس ابڙو سنڌ يونيورسٽي مان رسٽيڪيٽ ڪيو مون ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي چئن مهينن اندر PSF ڪراچي يونيورسٽي جو صدر ٿيس. شايد ڊيگھه ٿي وئي ؟  اڄ مانواري ڀيڻ شھيد بينظير ڀٽو جي سالگرھ آهي ظالمن يزيدن کيس راولپنڊي ۾ شھيد ڪيو اسان کيس سرخ سلام پيش ڪندي اميد ڪيون ٿا ته  ڪڏهن وقت ايندو جڏهن پيپلزپارٽي بينظير ڀٽو جي نظريي تي عمل ڪندي ۽  پارٽي جي پراڻن ڪارڪنن کي عزت ۽ مانُ ڏيندي؟ جنهن تي غلام اڪبر چانڊيو لکيو ته عظيم ليڊر هئي، دودو چانڊيو شهيد بينظير جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هيپي برٿ ڊي شهيد بينظير ڀٽو، جنهن تي سجاد چانڊيو، ياسمين ميمڻ، حورالنساءَ پليجو، ڀڳوان داس کتري، ڊاڪٽر بشارت منگي، مجتبيٰ جوکيو، حميره جمال، ثناءَ بچل، فيض الرحمان، راشد علي بجير، ديا رام، عبدالقادر شيخ، عبدالرئوف بروهي، جاويد کوسو، خديجه ڪيڙانو، ايڊووڪيٽ رضوانه ميمڻ، دليپ ڪمار، عنايت زنگيجو،ساجده ميمڻ، ۽ ٻين به جنم ڏينهن جون وڌايون ڏنيون.

فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي معمول جي زندگي ۾ ٽڪي جي فائدي لاءِ روز سمجهوتا ڪندڙ به ان شخصيت تي سمجهوتن جا الزام ٿا هڻن جنهن عوامي حقن لاءِ جان ڏئي ڇڏي. هيپي برٿ ڊي شهيد بي بي، جنهن تي بخش علي جمالي لکيو ته شھيد بينظير ڀٽو وڏي بھادرعظيم ليڊرھئي باقي بطورانسان ھن کان به غلطيون ٿيون جن ۾ بنيادي غلطي پنھنجي اڪيلي بھادر۽ انقلابي ڀاءُ ميرمرتضيٰ ڀٽو سان سياسي اختلافن کي مس ھينڊل ڪرڻ سبب اندروني ۽ بيروني دشمنن ميرکي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، حفيظ ڪنڀر لکيو ته هڪ بهادر ۽ انتهائي ذهين عورت هئي،ساگر سميجو ۽ محب علي قربدار لکيو ته شهيد راڻي کي سرخ سلام، حسين مسرت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بينظير بس بينظير ھئي !! جنهن تي گلبدن جاويد مرزا لکيو ته بيشڪ، علي شابراڻي لکيو ته عظيم عورت هئي، خالد مهر لکيو ته سلام پيش ڪريون ٿا، جبار سنڌي لکيو ته محترمه ڪير سڏائي، محمد لقمان ميرجت لکيو ته اتساهيندڙ شخصيت صديون ياد رهندي.محمد علي رند، ماهنوار خان، صائمه ستار، ساجد بلوچ، شاهد قادري، امير حمزه، ڪريم مگسي، سعيد جان پڻ ڀيٽا پيش ڪئي، شڪيل ڇڄڙو شهيد بينظير ڀٽو جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ‏جيڪي اصول جي جدوجهد ڪن ٿا انهن جو ضمير مطمئن آهي ۽ جنهنجو ضمير مطمئن آهي اهو خوش آهي. سياستدانن جي لاءِ به ضروري آهي ته جنهن کي اقتدار جو موقعو ملي ٿو ان موقعي جو فائدو پنهنجي لاءِ نه  پر غريبن جي لاءِ ڪم ڪن، جن اوهان کي اعزاز بخشيو آهي ته اوهان حڪمراني ڪريو.