عمرڪوٽ لڳ اسڪول جي ڀِت ۾ دٻجي فوت ٿيل مستقبل جا معمار!

 دنيا جو اهڙو ڪو به ملڪ نه هوندو جتي اسڪول جون عمارتون ننڌڻڪيون هجن پر سنڌ صوبي ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي لاوارث اسڪول ملندا جتي اسٽاف مقرر ٿيل آھي پر اهي اسڪول رڳو نالي جا ئي اسڪول آهن. تازو ئي سنڌ جي تعليم کاتي پاران هزارين بوگس اسڪول بند پڻ ڪيا آهن پر افسوس انهن بوگس اسڪول جي پٺيان جيڪي هٿ هئا انهن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ عمرڪوٽ ضلعي جي بند پيل گورنمينٽ پرائمري اسڪول کيمون ميگھواڙ جي ڀِت ڪري پئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه ٻار دٻجي فوت ٿي ويا هئا، جنھن جي ايف آئي آر ۾ وارثن پاران اتفاقي واقعي جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي وئي. اهي ننڍڙا مستقبل جا معمار محبت نهڙي ۽ راجيش جيڪي راند ڪرڻ لاءِ نڪتا هئا، انهن ٻارڙن کي اها خبر ئي نه هئي ته اڄ هو جيڪا راند کيڏڻ وڃن پيا، اصل ۾ اها راند موت جي راند ثابت ٿيندي! انهن ڪهڙا خواب سجايا هوندا، انهن جي وارثن جي اکين ۾ ڪهڙا خواب هوندا، ڪيتريون اميدون رکيون هونديون پر افسوس انهن جا خواب تدهن چڪناچور ٿي ويا جڏهن اهو کنڊر ٿيل ديوار انهن مستقبل جي معمارن تي ڪري پئي.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

سنڌ جي تعليم تي تجربا بند ڪيو!

  ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي چوٽ چڙھيل آھي، گڏوگڏ بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ اضافي سبب عام ماڻھو خاندان سميت ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ هر وقت پريشان رهي ٿو پر پنهنجي ٻارن کي سُٺي معياري تعليم به ڏياري نٿو سگهي، جنهن جو وڏو سبب خانگي اسڪولن جي فيسن ۾ اضافو ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر نه هجڻ آھي پر ڪجھ سال اڳ سنڌ سرڪار پاران نائين، ڏھين، يارهين، ٻارهين درجي تائين شاگردن کي مفت تعليم بنا فيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، سرڪار جي اهڙي فيصلي کي سنڌ جي ماڻھن ساراهيو هو ۽ اهڙي فيصلي بعد سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا جي شرح جيڪا گهٽجي وئي هئي ان ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو هو، هن وقت هڪ ڀيرو سکر بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين درجي جي فيسن ۾ اوچتو اضافو ڪري مفت تعليم حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ غريب شاگردن جا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا آھن، سکر بورڊ پاران نائين درجي جي فيس 1100 رپيا ۽ ڏھين درجي جي فيس 2600 رپيا مقرر ڪرڻ جو 18 جنوري تي ليٽر جاري ڪري غريب شاگردن ۽ انهن جي والدين کي هن مهانگائيءَ جي دور ۾ ويتر پريشاني ۾ وڪوڙي ڇڏيو آھي، هڪ طرف پيٽرول، بجلي، گئس جي اگهن ۾ هروز ٿيندڙ اضافي سبب عام ماڻھو سخت پريشان آھن، اهڙي صورتحال ۾ سکر بورڊ طرفان ڪيل فيسن ۾ اضافو هر ٻار کان مفت معياري تعليم جو حق کسڻ برابر آھي. اسين والدين، سنڌ جي وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سميت وسوارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا سکر بورڊ جي وڌايل فيسن واري فيصلي تي نظرثاني ڪندي فيسن جو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي ته جيئن هر غريب ٻار مفت معياري تعليم حاصل ڪري سگهي.

عابد حسين شر/ ٺري ميرواهه

تعليمي سجاگي کان پهريان اسڪول جو عمارتون ٺهرايو!‎‎

  اهو جملو منهنجي ذهن تي تڏهن تري آيو جڏهن صوفي اڪبر حسين جي اسڪول جي ڀِت ڪرڻ جي ڪري ٻه معصوم ٻارڙا پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا، اڃا پشاور واري واقعي اسان جي سماج مان پنهنجو خوف ڪونه ڪڍيو هو ته هن واقعي مسڪين ماڻهن جا جيءَ جهوري ڇڏيا، ڇا گذريو هوندو انهن والدين تان، جن جا ٻار اسڪول ويا هجن، واپسي ۾ انهن معصومن جا لاش اچن، افسوس صد افسوس، جتي خوابن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ والدين پنهنجي اولاد کي اسڪول طرف روانو ڪندا آهن ته جيئن تعليم پرائي پنهنجي زندگي سنوارين. انهن جا خواب هوندا آهن ته اسان جي هٿ ۾ مزوري لاءِ ڪوڏرون ۽ ڪهاڙيون آهن، اسان جو اولاد تعليم جي زيور سان نوازيل هجي، هنن جي هٿ ۾ قلم جهڙو بهترين هٿيار هجي پر اسڪول ۾ پيش ايندڙ واقعن کي ٻڌي ڪافي سارا غريب ماڻهو اهو چوندا آهن پڙهائي زندگي کان مٿي ناهي، تعليم جي حوالي سان اسان هر ڪنهن کي نصيحت جو سبق پڙهائيندا آهيون پر هڪ ڀيري ان جو سبب ته معلوم ڪيون ته آخر هي ڇو نٿا پنهنجي اولاد کي اسڪول موڪلين؟ ڪهڙو سبب آهي، سبب هڪ نه پر انيڪ آهن، اسڪول جي زبون بڻيل عمارتن کان وٺي اسڪول جي رستن تي وهشت ڀري نظرن سان ڏسندڙ انسان به آهن ته ٽرانسپورٽ عملي جو انتهائي خراب رويو به آهي، ته هر ماڻهو جو اهو خواب آهي ته اسان جو اولاد به تعليم حاصل ڪري، دنيا جي تعليم يافتا ماڻهن ۾ ڳڻجي پر جڏهن اهو پنهنجي ارگرد ڦرندڙ انهن پريشانين جا منهن ڏسي ٿو تڏهن چوندو آهي اسان کي پنهنجون پريشانيون وڌائڻ جو ڪو به شوق ناهي، تعليمي سجاڳي ڪرڻ وقت ماڻهن جا رويا معلوم ڪيو ته ڪهڙيون ٿا شڪايتون ڏين.

ڪاشف جوکيو/نيوڇور

هڪ حوا ڄائي بيدردي سان قتل ٿي وئي!

  ڪجھه ڏينهن اڳ وري هانءَ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، راڌڻ ويجهو ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ اٺين درجي جي شاگردياڻي جو هٿ پير ٻڌل ۽ تشدد ٿيل لاش مليو، چيو ٿو وڃي ته نينگري 14 جنوري کان گم هئي، جنهن جي اغوا جي ايف آءِ آر پڻ داخل هئي پر افسوس جو پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن نياڻي جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪو اپاءُ نه ورتو، ان کان پهرين معصوم نوجوان نينگري جو تشدد ٿيل ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪيل لاش پوڙهي ماءَ کي جهولي ۾ ڏنو ويو، اسان جي سماج ۾ ايڏو بيحسي ڇو آهي؟ قاتل سرعام گهمندا ٿا وتن، جنهن کي چاهين قتل ڪن، جنهن کي چاهين اغوا ڪن پر مجال آهي جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪک پڃي ٻيڻو ڪيو هجي. ڪير ان ماءُ کان پڇي جنهن جي جهولي ۾ نوجوان ڌيءُ جو گهٽا ڏئي قتل ڪيل لاش پيل آهي، اها ماءُ جيڪا 14 جنوري کان پنهنجي نياڻي جون راهون تڪي رهي هئي، ان اميد سان ته هڪ ڏينهن سندس نياڻي وري سندس جهولي ۾ ڪنڌ رکي ڪي گهڙيون آرام ڪندي، وري سندس گهر جي اڳڻ ۾ ان نياڻي جا ٽهڪ گونجندا پر افسوس جو هاڻ اها آس، اها اميد ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي وئي آهي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جتي عورت جو احترام هجي، اتي خدا به خوش هوندو آهي پر افسوس جو اسان جي سماج ۾ عورت جي ڪا به اهميت احترام ناهي، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن کي هٿ ٻڌي اپيل آهي ته هڪ بيگناھ نياڻي جي ناحق خون سان انصاف ڪندي قاتلن جو پتو لڳائي کين گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

شازيه بروهي/ ڄامشورو

شاهد راهمون جو قتل ۽ ڪراچي ۾ ٿرين جي مالڪي وارو سوال!

  شھيد شاھد راھمون جي ڪيس کان پوءِ اسان جون اکيون کلڻ گھرجن ته ڪير ٿرين جو واقعي مددگار ۽ ھمدرد آهي ۽ ڪير مفاد پرست حقيقت ۾ جيڪو گھران ڪاوڙجي ٿو اھو ڪراچي ۾ پنھنجو پاڻ کي وڏو ھمدرد ٿو سڏائي ۽ اھا ڳالھ ھن وقت منظرعام تي اچي چڪي آهي ته اھي جيڪي پنھنجو پاڻ کي چڱا مڙس سڏرائين ٿا انهن کي اسان جو الڪو ناهي، کين سندن مفادن جو الڪو آهي، افسوس اسان اڃا به انھن کي سائين سائين ڪرڻ ۽ انھن سان گڏ سيلفيون ڪڍرائڻ ۾ مصروف آھيون، اسان ٿر وارن کان سواءِ دنيا جي ڪنھن ماڻھو کي ان ڪيس بابت ڳالھ ڪندا ته اھو سڌو چوندو ته توھان چريا آھيو، تڏھن اھڙن مفاد پرستن جي پويان ٿا ھلو، مون اھا ڳالھ شروع کان نوٽ ڪئي آهي ته اسان جنھن کي سائين سائين پيا ڪيون انھن جو ڏوھ ناھي، ڏوھ ته اصل ۾ اسان جو آھي ۽ جڏھن مون سوشل ميڊيا تي اھڙيون ڳالھيون لکڻ شروع ڪيون ته ڪافي دوستن ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ ڪافي دوستن اھو به چيو ته تون اسان کي ورھائڻ ٿو چاھين ۽ ڪجھ دوستن چيو ته صحيح ڳالھ آھي جڏھن اڄ اھا ڳالھ سامھون آئي آهي ته اسان جا چڱا مڙس ته قاتلن جي بنگلي تي ويھي انھن جون چانهيون ۽ ڪافيون پيا پيئن ۽ مرحوم شھيد شاھد راھمون جي والد جي غير موجودگي ۾ فيصلا پيا ڪن. شاھد راھمون جي قاتل کي سزا ڏيارڻ بدران قاتلن کي بچائڻ جي لاءِ ڪوششون پيا ڪن.

عثمان راهمون/عمرڪوٽ

نوجوانن جي زندگي سان کيڏڻ بند ڪيو!

  خانپور شھر ۾ سرعام منشيات وڪرو ڪئي پئي وڃي پر پوليس تحرڪ وٺڻ کان قاصر آھي، ڇو جو پوليس هٿ وٺي نوجوانن کي تباهي طرف ڌڪي رهي آهي ته ٻئي طرف شڪارپور جو رهواسي ديوان ميڊيڪل اسٽور تان روزانون واليم 10 ريسٽول ڪئپسول ۽ ايڪس پائر دوائون ملن ٿيون، ديوان ميڊيڪل اسٽور سرعام نوجوانن کي پيڪيٽ جا پيڪيٽ بنا ڊاڪٽر جي تجويز جي موتمار نشي آور دوائون بليڪ ته وڪرو ڪرڻ ۾ پورو آھي، جنهن ڪري ڪيترن ئي نوجوانن جون زندگيون داءَ ته لڳل آھن، روڪڻ باوجود ديوان اهو چئي ٿو ته آئون نشي موتمار دوائون هلائي رهيو آھيان، ڊرگ انسپيڪٽر مون کان منٿلي وٺندو آھي، اهري ريت گذريل 8 سالن کان هن ميڊيڪل اسٽور تي نشي آوي موتمار دوائون واپرائڻ ۾ موت جي ننڍ ۾ هليا ويا آھن، آھي ڪو جيڪو خانپور شھر جي وارثي ۾ ڪردار ادا ڪري. خدارا ايئن ٻين جي زندگي سان کيڏڻ بند ڪيو، ڪجھ رب جي پڪر کان خوف ڪيو.

عابد تبسم قادري/خانپور، شڪارپور

يوسي کاھي ممن اڄ به سوئي گئس کان محروم آهي!

  تعلقي ڀريا جي سدا بھار وزير سيد مراد علي شاهه صاحب کان يوسي کاھي ممن جي عوام مطالبو ٿو ڪري ته سائين اوهان اليڪشن دوران ڪجھ واعدا ڪيا ھئا، تن مان هڪ يوسي کاھي ممن جي عوام کي سوئي گئس ڏيارڻ جو واعدو به ڪيو هو ۽ توهان 2013ع ۾ گئس منظور به ڪرائي ھئي، جنهن جا ليٽر اليڪشن ورڪ دوران ورھايا ھئا پر افسوس سان اھو ڪم اڄ تائين شروع ٿي نه سگهيو آهي ۽ يوسي جو عوام اڄ به ھن دور ۾ اهم سھولت کان محروم آهي، سائين خدارا يوسي کاھي ممن جي عوام جو ھڪ ئي مطالبو آهي ته اسان کي جلد کان جلد سوئي گئس لڳرائي ڏيندا ته جيئن يوسي جي عوام مان مايوسي ختم ٿي سگھي، جي يوسي کاھي ممن ۾ سوئي گئس تي ڪم شروع نه ڪرايو ويو ته يوسي جو عوام مجبور ٿي احتجاج جي سڏ ڏيندو.

اعجاز ممنائي/کاهي ممن

ڇا پاڪستان ۾ هلندڙ سياست جو نقشو تبديل پيو ٿئي؟ ‎‎

  پاڪستاني سياست اڃا به تجربن مان پئي گذري، 1973ع واري اليڪشن کان پوءِ ته پاڪستان جي سياست ۾ ورهاست ڪئي وئي، ان جي چوڻ جو مطلب ڪجھ سال ڦلاڻي جماعت، ڪجھ سال ڦلاڻي جماعت. پاڪستان ۾ سياست جي حڪمراني جو تاج پائيندي اهي تجربا  ڇا ملڪ جي ترقي لاءِ ڪيا ويندا هئا يا ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ؟ پر افسوس پاڪستان ۾ ڊيموڪريسي ۽ صحيح معنيٰ ۾ جمهوريت جي نالي ڪا شيءِ نظر نه پئي اچي. گذريل 70 سالن کان وقت جيئن گذري پيو، اولهه جا پٺ تي پيل ملڪ جن جا مثال اڄ به موجود آهن، انهن ملڪن ۾ چين هجي، مليشئيا هجي يا جرمني، جيڪي ملڪ گذريل 50 سال پوئتي هئا اڄ اهي ملڪ امير ترين ملڪ بڻيل آهن، ان جو سبب هڪ حقيقي جمهوريت آهي ۽ قانون جي بالادستي قائم هجڻ آهي، غريب امير جو فرق ناهي، هڪ حقيقي نظام قائم آهي پر افسوس اسان جي عظيم ليڊرن قائداعظم، علامه اقبال، سرسيد احمد خان سميت گهڻائي نالا جن عظيم ڪوششن ۽ پنهنجي محنتن سان اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو پر اڄ اهو پاڪستان جي حڪومت ته عوام کي ايئن رولي ڇڏيو آهي جو هاڻي سگهاريون قوتون پاڪستان جي پراڻي تجربن واري سياست جو نقشو بدلائڻ لاءِ اولانهن ملڪن ۾ جيڪا سياست هلي پئي اها سياست پاڪستان ۾ آڻڻ چاهين ٿا. اڳ ۾ جڏهن ضياءَ واري دور ۾ مارش لاءِ لڳائي ۽ مشرف واري دور ۾ پر پارليماني سسٽم هلايو ويو پر اهو سسٽم نه هلي سگهيو، هاڻي آخر ۾ جڏهن هلندڙ حڪومت جي خراب پاليسين پبلڪ رينڪنگ خراب هجڻ سب ملڪ ۾ هر شيءِ جو بحران ۽ مخالف ڌر جو گوڙ نئين اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مختلف اٽڪلون استعمال ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي سياسي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي ان صورتحال تي ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا، ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ هاڻي آخري فارمولو صدارتي نظام وارو هوندو، صوبائي ۽ قومي اسيمبليون ٽوڙيون وينديون، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ هلندڙ جنگ ختم ٿي ويندي، پارليماني خرچ گهٽجي ويندا، نظام کي ٺيڪ ڪيو ويندو ۽ هاڻي مائينس ون وارو فارمولو يا بي اعتمادي وارو فارمولو نه آندو ويندو، پاڪستان جي معشيت کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهو آخري پتو صدارتي نظام وارو  اڇلايو ويندو.

توفيق لنڊ/ڪنب

اسپتالن ۾ غريبن کي سھولتون ڏيو!‎‎

  مھيني کان پي پي ايچ آءِ ميرپورخاص جي طرفان سنڌڙي تعلقي جي ٻھراڙي جي ميديڪل ڊسپينسرين جي عملي کي ڪورونا ويڪسين ڪرڻ لاءِ او پي ڊي بند ڪرڻ جو حڪم صادر ڪري غريبن ماڻهن کي علاج کان محروم ڪيو ويو  آهي، ويڪسين ٽيم کان اضافي ڊسپينسري ۾ موجود عملو اھو چئي غريبن عورتن ۽ ٻارن کي ايمرجنسي ۾ به دوا نٿا ڏين ته  پي پي ايچ آءِ جي طرفان منع ٿيل آهي، اسپتال کليل ھجي ۽ دوا نه ملي ته غريب ڪيڏانھن وڃن؟ اھڙي فيصلي جي اسان سخت مذمت ڪريون ٿا. اعليٰ اختيارين ڪمشنر ميرپورخاص ڊي سي ميرپور خاص چيف ايگزيڪٽيو پي پي ايچ آءِ ميرپورخاص کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته  بي ايچ يو مان ڪورونا ويڪسين ٽيمون موڪلين باقي ڊسپينسري جي  او پي ڊي کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن غريبن کي علاج جي سھوليت ميسر ٿي سگھي.

تنوير ڪمار ميگھواڙ/ کيراھو شاخ

وڏن وزيرن بابت انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپينين جي سروي رپورٽ!

  انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ اوپينين جي سروي رپورٽ موجب ملڪ ۾ موجوده حڪومت جي وڏن وزيرن جي ڪارڪردگي جي بابت ٻڌايو ته وزيراعلى پنجاب عثمان بوزدار جي ڪارڪردگي سڀني کي پوئتي ڇڏيو ويو آهي. پنجاب جو وڏو وزير پنهنجي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويو. ملڪ ۾ راءِ ڏيندڙن جي اڪثريت وزيراعلى پنجاب کي سڀني کان بهتر وزيراعلى قرار ڏنو. جڏهن ته ڪي پي ڪي جو وزيراعلى محمود خان ٻئي نمبر تي، سنڌ جو وزيراعلى سيد مراد علي شاهه ٽئين ۽ بلوچستان جو وزيراعلى عبدالقدوس بزنجو چوٿين نمبر تي رهيو، پنجاب جي وڏي وزير تعليم، صحت جون سهولتن جي فراهمي ترقي جي لحاظ کان به ٻين وڏن وزيرن کي پٺتي ڇڏي ڏنو. ان جي ڪارڪردگي پهرين نمبر تي آهي، ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کي به کپي ته پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ بهتر کان بهتر اپاءُ وٺڻ. پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ گڊ گورننس حوالي سان اهي پنهنجي وزيرن جي ڪارڪردگي کي به جاچين جيئن انهن جا وزير پنهنجو بهتر ڪم ڏيکارين ۽ عوام کي رليف پهچائن. ڳالهه ڪجي ٿي سنڌ صوبي جي ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي پنهنجي جاءِ تي ڪارڪردگي مطمئن ڪندڙ آهي، جيڪا هن وقت صحت بابت سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن کان گهٽ ڪونهي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

  اسد برٿ ڊي ڪيڪ، مختلف شربت ۽ مڇي وغيره گھڻيون ٺهرائي آيو هو، اسد چيو ته بابا سائين جون تصويرون به مون کي ٺهرائڻيون آهن. اسد فياض جي شاديءَ جي به خوشخبري ڏني، هُن سموري ڳوٺ جا سلام به ڏنا، هُن چيو ته وفادار علي ڇلگري به توهان لاءِ گھڻو پيار ۽ سلام موڪليا آهن. هُن چيو ته وفا توهان جي ڊائري به روز شوق سان پڙهندو آهي ۽ توهان سان ملڻ جي خوپاهش به دل ۾ اٿس، مون مُرڪي اسد کي جواب ڏنو ته  جڏهن شهر ڪاغذ جا ٿي پوندا آهن ته سڀن جون خواهشون به ڪاغذي ٻيڙين جيان ٿي وينديون آهن، موڪلائڻ وقت اسد جي اکين ۾ آلاڻ محسوس ڪيم، ان لاءِ شيشي جي هُن پاسي ڏانهنس اوچتو ڏٺم ته  هو هڪ دم مرڪي پيو ۽ مون ڏي هڪ فلائنگ ڪس جواب ۾ اڏايائين، مون به سندس ان عمل جو جواب فلائنگ ڪس ۾ ڏنو. هانڊي وان سان گڏ اچي ڪيڪ ڪٽيم، شام کان ٿورو اڳ واري آڪاش کي تڪيان ٿو جنهن تي هڪ پکين جي لڪير هئي، آئون فضل الرحمٰن چنڊ (پنهنجي وڪيل) جو ڏنل برٿ ڊي گفٽ ڏسان ٿو، اها هڪ لائيرز ڊائري آهي جنهن جي پهرين صفحي تي انگري ۾ لکيل آهي Dear Asif! Wish you a very happy born Day! آئون فضل جي تحفي تان نظر هٽائي وري پکين جي لڪير ڏانهن نهاريان ٿو ۽ ڊائري جو ٻيون پنو اٿلائي لکڻ شروع ٿو ڪيان.

ڏسو پيار پکين جو جيڪو ولر ڪيو وتن ٿا،

نڪي ڪن عداوت، نڪي بغض رکن ٿا،

ملين روزي رب کان کائن گڏجي خوش ٿي،

وري رات واهيري تي اچين ويهن گڏجي،

مٺيون ٻوليون ٻولي گڏ لاتيون لون ٿا،

عجب جھڙا آکيرا ڏسو ڪيئن ٿا ٺاهن،

سڳي سئي جيئن سبيل ڪيڏا مضبوط آهن،

ٻچا باز بلا کان ڪيئن محفوظ ڪن ٿا،

ڏسو قومي جذبو ڪيڏو آهي ڪانون ۾،

وفا، پيار، محبت،ٻڌي ڪيڏي آ تن ۾،

ڏسو ڪيئن ڪٺي ٿي اچي سڏ تي سڏ ڏين ٿا،

ڏسو ريت پکين جي جيئن آهي راند ٻاراڻي،

رسن پرچڻ هرهر سندن ريت پراڻي،

وڙهن ويهن گڏجي، وري گڏجي گھمن ٿا،

سچو پيار پکين کان تون سکين ڪونه قيدي،

عمر پنهنجي آصف تو آ زندان ۾ وڃائي،

مرڻ کان پوءِ ڇولگري عمل سان هلن ٿا.

رات پنهنجو پائي ورتو آهي ۽ ايئن سال جو پهريون ڏينهن به ڪٿي غرق ٿي وڃي ٿو، هن وقت دلدار ٽيوشن جي تياري ڪري رهيو اهي ۽ مون کي اسد جي گھڻي ياد اچي رهي آهي، پاڻ کي تمام گھڻو ٿڪل محسوس ڪري رهيو آهيان، دل سڪون طلبي رهي آهي پر دلدار کي ٽيوشن لازمي پڙهائڻي آهي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

مون کي خبر پئي آهي ته هاءِ ڪورٽ منهنجي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي، اپيل رد ٿيڻ جي خبر جيئن ئي جيل پهتي ته جيل جا ڪافي دوست منهنجي کوليءَ تي پهچي ويا، جن ۾ سرڪل ون جو هيڊ منشي ذيشان سواتي، امام الدين قمبراڻي، ڀائون علي حسن لغاري، گلزار مري، شهباز خاصخيلي، واحد بهراڻي ۽ ٻيا ڪافي دوست شامل هئا، اُهي سڀ دوست هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس ڪرڻ لڳا، مون سوچيو ته زندگيءَ جا ڪيڏا عجيب رنگ آهن، جن کي ٻاهر هجڻ گھرجي اهي جيل ۾ آهن ۽ جن کي جيل ۾ هجڻ گھرجي اُهي آزاد آهن،سمجھه ۾ نٿي آيو ته دوستن کي ڪهڙو ان جو جواب ڏيان، آئون اڃا سوچي ئي رهيو هوس ته جاتي سان تعلق رکندڙ منهنجو پيارو پرين دوست بابو خاصخيلي به پهچي ويو، جنهن اچڻ شرط ئي چيو ته تازو ڄامشورو پوليس جي موبائيل مان چرس پڪڙيو هو، پر مهيني ۾ سڀ ٻاهر ۽ پر جي غريب وٽان چرس نڪري ها، رائو انوار ڪراچي ۾ 400 سئو قتل ڪيا، اُهو آزاد ۽ اسان قتل جي شڪ ۾ 25 سال اندر، عدالت ۾ ٿا ڪڇون ته توهين عدالت، ٻاهر ٿا ڳالهه ڪريون ته بغاوت جي الزام ۾ ٿا پادر کائون، هاڻي وڃون ته ڪيڏانهن وڃون؟ هن نظام ۾ بااثر ماڻهو تي ايف آءِ آر به ڪٽجي نٿي سگھي، جي غلطيءَ سان ڪٽجي وئي ته ڪنهن جي ڦٽي آ جو ان تي شاهدي ڏئي، ڏوهاري هوندي به خراب ٿي ويندو تو ۽ مون جھڙو غريب ڦاٿو ته علائقي جو وڏيرو چوندو ته ها مون اکين سان ڏٺو هو هن کي، اُن کي هڪ قسم کڻڻ تي 20 هزار ملندا آهن، اسين ڪامريڊ بازار ۾ ڪنهن کي لک رپيا باسينداسين ته ڪوڙي ڇا پر سچي ڳالهه به ڪونه ڪندو، سوچيندو لک رپيا وٺي ڇو پنهنجو سر وڃايان، هاڻي ٻڌاءِ ڪنهن تي ڏوهه ڏيون، بابو جون اُهي ڳالهيون ٻڌي مون سڪرائي ڏنو، کيس ڪو جواب ڏيان ته منهنجي دوست امام الدين قمبراڻي مون کي ڪن کان جھلي چيو ته سردار خبر آهي سپريم ڪورٽ اڃا پئي آهي، انشاءُ الله اُتان انصاف کسي وٺنداسين، في الحال سنگت کي پڪوڙا کاراءِ، هن مهل سڀ دوست پڪوڙا کائي کل ڀوڳ ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ آئون لاڳيتو سوچي رهيو آهيان.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد