ڪوبه ملڪ قانون جي بالادستي بنا ترقي نٿو ڪري سگهي، جيل عام ماڻهن سان ڀريا پيا آهن: وزيراعظم

0
198
اسلام آباد مارچ جي

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته جڏهن غريب کي طاقتور کان انصاف ملندو آهي ته هو دعا ڪندو آهي ۽ غريبن جي دعا سان الله تعاليٰ جي رحمت ٿيندي آهي

ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارن بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته قانون جي بالادستي کانسواءِ ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو ته هو خوابن جي دنيا ۾ رهي ٿو، ڪرمنل جسٽس سسٽم ۾ سڌارو قانون جي حڪمراني ڏانهن هڪ قدم آهي

عمران خان چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو اوورسيز پاڪستاني آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ 9 ڪروڙ پاڪستانين جي آمدني 220 ملين پاڪستانين جي برابر آهي پر اوورسيز پاڪستاني پاڪستان ۾ سيڙپ نٿا ​​ڪن ڇاڪاڻ ته کين قانون جي حڪمراني تي اعتماد ناهي، جيڪڏهن اوورسيز پاڪستانين سيڙپ شروع ڪرڻ شروع ڪئي اسان کي ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ جي ضرورت نه پوندي

هن چيو ته قانوني نظام ٺيڪ نه هجڻ سبب قانون جي بالادستي ممڪن ناهي، عام ماڻهن سان جيل ڀريل آهن، جيلن ۾ غريبن جون خوفناڪ ڪهاڻيون آهن، عام ماڻهن جو ڏوهه سندس غربت آهي

وزيراعظم چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪرمنل سسٽم ۾ سڌارا آيا آهن، وڪيلن ۽ عدليه کان عمل ڪرڻ جي درخواست ڪيان ٿو

وزيراعظم چيو ته جيستائين انصاف نه هوندو معاشري ۾ خوشحالي نه ايندي، جيئن جئين ننڍن ماڻهن کي تحفظ ڏينداسين الله جي رحمت ۽ برڪت ايندي

هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غير جانبدار امپائر لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي، تنقيد به ٿي پر ڪاميابي ملي، اسان چونڊن ۾ به ٽيڪنالاجي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سسٽم ۾ ٽيڪنالاجي مان سڀ کان وڌيڪ فائدو عام ماڻهو کي ٿيندو