اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف رمضان ۾ غريبن کي مهانگائي کان بچائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب ۾ رمضان پيڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رمضان پيڪيج تحت غريب خاندانن کي مفت اٽي جي فراهمي جي منظوري ڏني وئي. غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ هي پهريون پيڪيج آهي. خاص رمضان پيڪيج تحت پنجاب ۾ غريبن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو، وزيراعظم رمضان پيڪيج تحت اٽي جي فراهمي لاءِ حڪمت عملي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ روزو رکڻ وارن کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي، وفاق پنجاب ماڊل جي طرز تي رمضان پيڪيج ڏيڻ لاءِ صوبن سان سهڪار ڪندو.