ڪراچي (م ڊڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته صحيح رخ ته اهو آهي ته سياسي معاملا سياستدانن تي ڇڏيا وڃن ته سياستدان پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري وٺندا. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته عمران خان چوي ٿو ته ڪنهن ٻئي سان ته ملندس پر مخالفن سان نه ملندس، عمران سياستدانن سان گڏجي ويهڻ لاءِ بهتر موت کي سمجهي  ٿو، هن جو بلڪل جمهوري رويو ناهي، هڪ سوال تي هن چيو ته عمران تي ڪوبه اهڙو ڪيس ناهي، جنهن جو هن ڏوهه نه ڪيو هجي، سمورا ڪيس آئون ثابت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، عمران جي غيرجمهوري رويي جو حل اهو آهي ته جڏهن ڏوهه ڪري ته مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي، هي عدالتن جا چڪر ڪاٽيندو ته خراب ڳالهيون گهٽ سوچيندو، عمران خان لاءِ رليف ۽ لاڏلائپ آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي،  هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ٿي ته نوازشريف واپس اچي اسانجي قيادت ڪندو، اليڪشن کٽي ڏيکارينداسين، عدالتي حڪم باوجود اليڪشن آڏو وڏو اگر آهي. گهرو وزير چيو ته اسان اعتراف ڪريون ٿا ته مهانگائي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا آهيون، مهانگائي عمران خان کان به ڪنٽرول نه ٿي رهي هئي.