اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن مبينا طور تي صحافين جي جاسوسي شروع ڪري ڇڏي آهي، صحافين جي وري وري چوڻ باوجود اليڪشن ڪميشن ميڊيا روم مان مائيڪ واري ڪيمرا ناهي هٽائي. صحافين جو چوڻ آهي ته صحافين جون نجي وڊيوز، ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ غيرقانوني آهي، صحافين لاءِ ٺاهيل مخصوص آفيس مان فوري ڪيمرا لاٿي وڃي. صحافين کي جڏهن خبر پئي ته اها ڪيمرا عام ناهي ۽ آواز به رڪارڊ ڪري ٿي ته پوءِ صحافين اليڪشن ڪميشن ۾ احتجاج ڪيو ۽ فوري ڪيمرا هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. اليڪشن ڪميشن هفتو اڳ مائيڪ واري ڪيمرا هٽائڻ جي خاطري ڪرائي هئي.