اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فيٽف بابت قانونسازي اسان ڪئي حڪومت ڪهڙي ڳالهه جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته جڏهن اسان فيٽف تي قانونسازي ڪري رهيا هئاسين ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پاسي تي هيون، اسان ٻنهي کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن اين آر او ٽو جو گهر ڪئي، ٻنهي پارٽين شرط رکيو  ته نيب ڪيسز ۾ رليف ملندو ته ساٿ ڏينداسين. هن چيو ته فيٽف جي حوالي سان ايڪشن پلان کان وٺي ان جي رٿابندي تائين، انتظامي قدم ۽ قانوسازي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ٿي آهي، پوءِ حڪومت اڄ ڪهڙي ڳالهه جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته پنجاب جي 20 تڪن تي ضمني اليڪشن اليڪشن ڪميشن لاءِ وڏي آزمائش آهي،  ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي چيو ويو آهي ته مستقبل چونڊ نتيجن سان جڙيل آهي، واپاري طبقي کي ايف بي آر کان ڊيڄاري ساٿ گهريو پيو وڃي، وڏ وزارت بچائڻ لاءِ حمزه شهباز ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو، شاهه محمود قريشي الزام لڳائيندي چيو ته ملتان ۾ جتي به اليڪشن مهم لاءِ وڃون ٿا، اسپيشل برانچ جو اهلڪار گڏ رهندو آهي.