اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي باني ميمبر ۽ فنڊنگ ڪيس ۾ درخواستگذار اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جو فيصلو پاڪستاني سياست ۾ انقلاب آڻيندو، هن غيرقانوني فنڊنگ تي جامع جاچ جي تجويز ڏني، پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر چيو ته عمران خان پاڻ کي احتساب کان مٿانهون سمجهي ٿو، ڪيس وڙهڻ تي دٻاءُ ۽ پابندين کي منهن ڏنو، عمران خان جو ڪزن به هن ڪيس ۾ اسان سان شامل رهيو.