اسلام آباد: پي ٽي آءِ پاران اسڪروٽني ڪاميٽي جي رپورٽ تي جمع ڪرايل جواب ۾ 11 اڪائونٽن کان  لاتعلقي جو اظهار ڪندي انهن اڪائونٽن کي غيرقانوني طور تي کليل اڪائونٽ قرار ڏنو، جيڪي اڪائونٽ اسد قيصر، اڳوڻن گورنرن شاهه فرمان، عمران اسماعيل، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن محمود الرشيد، احمد رشيد، نعيم الحق ۽ ٻين جي نالي تي کوليا ويا هئا.