لاهور (م ڊ) وزيرآباد ۾ عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ پنجاب حڪومت جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي، گهرو کاتي پاران جي آءِ ٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ڊي آءِ جي اسٽبلشمينٽ طارق رستم چوهان کي جي آءِ ٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، هن سان گڏ 4 ميمبرن ۾ ڊي آءِ جي سيد خرم، اي آءِ جي انويسٽيگيشن احسان الله، ڊي پي او وهاڙي محمد ظفر، ايس پي سي ٽي ڊي نصيب الله شامل آهن، جي آءِ ٽي حملي جو جيڪو ڪيس ٿيو هو ان جي جاچ ڪندي، جوابدار نويد کان جاچ ڪئي ويندي، جي آءِ ٽي ۾ ڪنهن به ڳجهي اداري جو نمائندو شامل ناهي، سڀ پنجاب پوليس جا آفيسر آهن.