اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اليڪشن ڪميشن چيو ته پاڻ رستا بند ڪيا، پاڻ ئي چئو ٿا ته رستا بند هجڻ سبب نٿا اچي سگهو، اليڪشن ڪميشن ۾  توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي معاون وڪيل چيو ته آئون ته رڳو معاون آهيان، مون کي سڀني ڪال ڪري چيو ته ڪيس ۾ التوا وٺون، ڪميشن جي هڪ ميمبر چيو ته عدالت ڪارروائي کان نه، ايڊوَرس ايڪشن کان روڪيو آهي، ضمانت جوڳي وارنٽ ڪڍڻ ايڊورس ايڪشن نه آهي، پي ٽي آءِ جي معاون وڪيل طرفان ايندڙ ٻڌڻي تي پيشي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي وئي.