اسلام آباد/لاهور (م ڊ) آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار 14 ڏينهن جي موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وفاقي حڪومت کيس گڏيل قومن ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ جي پنجاب جي موڪل جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مان عمري جي ادائيگي لاءِ وڃڻ چاهيان ٿو. جنهن لاءِ مون کي 14 ڏينهن جي موڪل ڏني وڃي. رپورٽ موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري کان پوءِ آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار 14 ڏينهن جي لاءِ موڪل جي درخواست ڏني آهي. سروسز کاتي آءِ جي پنجاب جي موڪل جي سمري پنجاب جي وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ٻئي طرف وفاقي حڪومت فيصل شاهڪار کي گڏيل قومن ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ ان مقرري جي مخالفت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اسان گڏيل قومن جي عملدارن کي شڪايت ڪنداسين ته جيڪو پنهنجي ملڪ جي وزيراعظم کي سيڪورٽي نه ٿو ڏئي سگهي ان کي سيڪورٽي صلاحڪار مقرر نه ڪيو.