ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري 22 کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تي  586 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ زراعت کاتي ۾ 8، روينيو ۾ 26، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ 6، لائيو اسٽاڪ ۾ 7، اسڪول ايجوڪيشن ۾ 276، مڪاني کاتي ۾ 81، پاپوليشن ۾ 8، صحت کاتي ۾ 67، آبپاشي ۾ 53، ورڪس ۾ 15 نوڪريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري چيو ته 2018ع کان هن وقت تائين فوتي ڪوٽا تحت 9065 نوڪريوين ڏنيون ويون آهن،