لاهور(م ڊ) بورڊ آف روينيو چئن نون ضلعن لاءِ 4 هزار 388 نيون پوسٽون ڏيڻ جي سمري ناڻي کاتي کي موڪلي ڇڏي آهي. ناڻي کاتي نون ضلعن تله گنگ، ڪوٽ ادو، مري ۽ وزيرآباد جي نون ضلعن جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي کاتي جي عملدارن موجب ڪابينا جي منظوري کانپوءِ بجيٽ جاري ڪئي ويندي، ڪابينا 4 هزار 388 نوڪرين جي منظوري به ڏيندي.