سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ ۾ منشيات ڦهلائيندڙن ۾ پوليس وارا به ملوث، 115 ڄڻن خلاف ثبوت هٿ اچڻ بعد سنڌ پوليس منشيات جي چرپر ۾ ملوث اهلڪارن کي سنڌ رزروِ پوليس ۾ موڪلي ڇڏيو. اهڙن اهلڪارن ۾ ڪراچي رينج جا 15 ڄڻا، سڀ کان وڌيڪ حيدرآباد رينج جا 64 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته سکر جا 13، ميرپورخاص رينج جا 20، لاڙڪاڻي رينج جا 3  اهلڪار شامل آهن. اي آءِ جي پوليس اسٽيبلشمنٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي اهلڪار صوبي جي مختلف ضلعن ۾ منشيات ڦهلائڻ واري سرگرميءَ ۾ ملوث هئا، ان ڪري کين سنڌ پوليس مان هٽائي رزروِ پوليس ڏانهن موڪليو ويو آهي.