ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران ڏياري جي موقعي تي هندو برادري سان تعلق رکندڙ سرڪاري ملازمن کي 20 آڪٽوبر تي ايڊوانس پگھار ۽ پينشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري کاتن ۽ اٿارٽين ۾ ملازمت ڪندڙ اقليتي ملازمن کي 20 آڪٽوبر تي پگھارون ڏنيون وينديون.