ڪراچي: نامياري ليکڪ نصير ميمڻ چيو آهي ته 75 سالن کان ملڪ بنا ڪنهن منصوبابندي هيٺ ھلي پيو ، ماحوليات کان وٺي امن امان تائين ھر ڪم بنا منصوبابندي جي ٿي رهيو آهي، ماحوليات بابت سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن پنجاب مان نڪرندڙ جر جو پاڻي پنجاب جو آھي پر سنڌ مان نڪرندڙ گيس وري قومي ملڪيت آھي،  اھو ٻٽو معيار ڇو آھي؟نامياري پاڻي ماھر حسن عباس چيو ته پوري دنيا ۾ ڪوئلي تي بجلي جي پيداوار ختم ٿئي پئي،  ڪوئلي جي مائيننگ، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحوليات تي ايندڙ خرچ ولر ۽ ونڊ انرجي کان وڌيڪ آهن ، ھن وقت گليشيئر مان گھٽ پاڻي ملي ٿو، اهي رڳو  گرمي ۾ ڳرن ٿا،  اسان ڊيم ٺاهڻ لاءِ 10ا رب ڊالرن جي سيڙپ ڪريون پيا، هن چيو ته پاڻي جي حساب سان فصل پوکيا وڃن، سماج سڌارڪ جاويد سوز ھالائي چيو ته ماحولياتي آلودگي جي نتيجي ۾ اڄ  ٻوڏ ۽ سوڪھڙو ڀوڳيون پيا، ماحولياتي ماهر  ناصر پنھور چيو ته اسان وٽ پڇڙي وارا يا ٻڏي وڃون ٿا يا وري پاڻي ڦڙي لاءِ سڪون ٿا، سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ  انڊس ڊيلٽا  کي نقصان ٿيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ 225 ڍنڍون آھن، جن مان 10 سنڌ جي ڍنڍن کي اسين پاڻي نٿا ڏيون،