ڪراچي: برک ليکڪا نورالھدي شاھ چيو آهي ته شيخ اياز سنڌ سميت دنيا جي مظلومن جو شاعر ھو، سندس شاعري ۾ سنڌ پرستي آھي ـ  مها ڪوي شيخ اياز جي 100هين سالگرھ جي حوالي سان ٿيل سيشن کي خطاب ڪندي نامياري ليکڪ مدد علي سنڌي چيو ته شيخ اياز کي بار جي صدر طور اوڀر پاڪستان خلاف قرارداد پاس نه ڪرائڻ تان جيل موڪليو ويو،  هن چيو ته سنڌي ماڻهو سدائين اسٽبليشمينٽ جي خلاف رھيو آھي،  هن چيو ته شيخ اياز وي سي نه ٿئي ھا ته متبادل سياسي قيادت طور سامھون اچي ھا. نامياري ليکڪ  ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته سنڌ جو ھڪڙو به اھڙو شاعر ناھي،  جنهن شيخ اياز جيتريون سختيون سٺيون ـ