مورو (ن پ ا) مورو ويجھو 11 هزار وولٽيج جو تارون ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ همراهه فوت ٿي ويو، خبر موجب ڳوٺ ابراھيم ڪورائي ۾ 11 ھزار وولٽيج بجليءَ جون تارون ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوجي عبدالله ڪورائي بيھوش ٿي ويو، جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، همراهه جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو.