اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا ۾ پنجاب مان مقرر ميمبر رائو ارشاد علي خان ميمبر طور ٽن سالن جي مدت  مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿي ويو، پنجاب مان نئين ميمبر جي مقرري تائين پنجاب جو آبپاشي سيڪريٽري سيف انجم کي ارسا جو ميمبر مقرر ڪيو ويو جيڪو ارسا چيئرمين طور به ذميواريون سنڀاليندو،  ارسا ترجمان خالد رانا تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ارسا ۾ پنجاب مان مقرر ٿيل ميمبر رائو ارشاد علي خان ميمبر طور مقرري جا 3 سال پورا ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿي ويو آهي، ارسا پنجاب مان نئين ميمبر جي مقري تائين پنجاب جي آبپاشي سيڪريٽري سيف انجم کي ارسا جو ميمبر مقرر ڪندي چيئرمين جون ذميواريون به ڏنيون ويون آهن، ارسا ترجمان اها به تصديق ڪئي آهي ته 18 آڪٽوبر تي پنجاب صوبي کي ارسا جي چيئرمين جي مليل عهدي جي هڪ سال جي مدت پوري ٿيندي، جنهن کانپوءِ ارسا چيئرمين جو عهدو سنڌ مان مقرر ارسا ميمبر زاهد جوڻيجي کي ملندو، اهو عهدو هڪ سال تائين سنڌ وٽ هوندو، ارسا چيئرمين جو عهدو مرحليوار هر صوبي کي ملندو آهي، پنجاب کان پوءِ هاڻي سنڌ جو وارو آهي. جڏهن ته  ارسا چيئرمين ارشاد رائو لاءِ الواداعي تقريب ٿي ، خطاب ڪندي رائو ارشاد علي خان چيو ته مستقبل ۾ ارسا کي منهنجي خدمتن جي ضرورت پئي ته مان هميشه دستياب هوندس.