اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پيش نه ٿيڻ تي وڪيل مٿان ڏنڊ لڳائي  ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان پوءِ وڪيل هڙتال سبب عدالتن ۾ پيش نه ٿي سگهيا، ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد جيئن ئي پنهنجي بينچ ۾ اچي ويٺو ته سندس عدالت ۾ سواءِ سرڪاري وڪيلن جي ڪو به نجي وڪيل پيش نه ٿيو، وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ سبب بغير ٻڌڻي ڪرڻ جي بينچ واپس هليو ويو، چيف جسٽس جي سربراهي  واري بينچ ۾ ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جڏهن ته جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ بينچ نمبر 2 ۾ وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت هڪ ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ رفاقت شاهه مٿان هڪ هزار رپيا جرمانو لڳائي ڇڏيو، 13 ڦرن جي ڪيسن ۾ گهربل هڪ جوابدار اعجاز عرف جيري جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن کي پوليس عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.