پشاور (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ افغانتسان معاملن جي ماهر رحيم الله يوسفزئي لاڏاڻو ڪري ويو، رحيم الله يوسفزئي ڊگهي عرصي کان بيمار هو، مرحوم جي جنازي نماز اڄ صبح  11 وڳي پشاور جي اباڻي ڳوٺ انذرگئي ۾ ادا ڪئي ويندي.  رحيم الله يوسفزئي کي صحافتي خدمتن جي اعتراف ۾ 2004ع ۾ تمغه امتياز ايوارڊ سان ۽ 2009ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو، مرحوم رحيم الله يوسفزئي افغانستان، ڏکڻ، اولهه پاڪستان جي معاملن جو ماهر سمجهو ويندو هو، هو بي بي سي سي اردو ۽ بي بي سي پشتو جو نمائندو به رهيو، رحيم الله يوسفزئي کي اسامه بن لادن جي انٽرويو تان مقبوليت ملي.