ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ورڪس کاتي جي اختيارين  صحت کاتي جي هلندڙ ۽ نون تعميراتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير ڪندڙ ٺيڪيدارن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. ان حوالي سان ڪالهه ورڪس واري وزير ضيا عباس شاهه جي صدارت هيٺ صحت کاتي جي ترقياتي منصوبن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت کاتي جي 18 جاري ۽ 10 نون منصوبن جو جائزو ورتو ويو. صوبائي وزير چيف انجنيئرن کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر منصوبن جي جاري ڪم جون تصويرون ۽ ويڊيوز فراهم ڪيا وڃن. هن اختيارين کي هدايت ڪئي ته منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير ڪندڙ ٺيڪيدارن کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي.