اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جي تڪ 217 مان آزاد حيثيت سان ڪامياب ٿيل ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي شڪست ڏيندڙ ايم پي اي سلمان نعيم کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي نااهلي واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، ڪالهه جسٽس مشير عالم محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سلمان نعيم جون اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اپيلون 2 ڀاڱي هڪ جي اڪثريت سان منظور ڪيون وڃن ٿيون، نااهلي ۽ اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ حقيقتن کي نظر انداز ڪيو ويو، 56 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ جسٽس مشير عالم اختلافي نوٽ شامل ڪيو آهي، هن پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ بينچ جي ٻن ميمبرن جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلي سان اختلاف ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن شناختي ڪارڊ سميت سموري رڪارڊ جو درست جائزو ورتو، منهنجي نظر ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو وڃي ٿو، واضح رهي ته سلمان نعيم مخدوم شاهه محمود قريشي کي هارائي آزاد حيثيت سان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو هو، سندس پاران 2 شناختي ڪارڊ رکڻ واري مامري تي اليڪشن ڪميشن کيس نااهل قرار ڏنو هو.