اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ واري صدارتي ريفرنس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، تفصيلي فيصلو چيف جسٽس گلزار احمد لکيو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ ريفرنس تي 4 هڪ جي نسبت سان راءِ ڏئي رهيو آهي، جسٽس يحيٰ آفريدي جو ڌار نوٽ فيصلي ۾ شامل آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ جون چونڊون قانون بدران آئين تحت ٿينديون، چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي نه ٿيون ڪرائي سگهجن، چونڊن کي شفاف ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجا سمورا اپاءَ وٺڻا پوندا، اليڪشن ڪميشن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري سگهجي ٿو، ان وٽ اهي اختيار آهن ته ڪرپٽ پريڪٽس خلاف ڪارروائي ڪري، ملڪ جون سموريون ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز اليڪشن ڪميشن سان تعاون ڪرڻ جون پابند آهن، ووٽنگ ۾ ڪنهن حد تائين سيڪريسي رکي وڃي، ان جو تعين ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي اختلاف نوٽ ۾ لکيو آهي ته سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس ۾ قانوني مسئلو نه اٿاريو ويو آهي، سينيٽ چونڊن جي مامري تي سپريم ڪورٽ کان راءِ نه ٿي وٺي سگهجي، صدر جو ريفرنس بغير راءِ جي واپس اماڻيو وڃي، واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ صدارتي ريفرنس تي مختصر فيصلو ٻڌايو هو، ان ريفرنس ۾ آرٽيڪل 226 جي تشريح جي استدعا ڪئي وئي هئي.