اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي دور ۾ برطرف ملازمن کي بحال ڪرڻ واري ايڪٽ 2010 ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، ايڪٽ تحت سمورن ملازمن کي مليل فائدا فوري طور روڪڻ جو حڪم، بحالي بعد گڏيل طور ورتل ادائگيون به واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ڊسمبر 2019ع ۾ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي سيڪٽ ايمپلائيز ايڪٽ 2010ع کي آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته ايڪٽ جو مقصد خاص طبقي کي فائدو پهچائڻ هو، پڪن ملازمن جو حق ماريو ويو. فيصلو جسٽس مشير عالم لکيو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بحال ٿيل ملازمن کي سموريون مراعتون فوري طور روڪيون وڃن، ان ايڪٽ تحت جيڪي ملازم ٻين ادارن ۾ بحال ٿيا، انهن کي واپس موڪليو وڃي، جن ملازمن مالي فائدا حاصل ڪيا انهن کان اهي سمورا مالي فائدا واپس ڪيا وڃن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ان قانون تحت جن ملازمن ترقيون حاصل ڪيون انهن کي ملڻ وارا مالي فائدا واپس نه ورتا وڃن، جن ملازمن کي بحال ٿيڻ کانپوءِ گڏيل طور مالي فائدا ڏنا ويا، انهن کان مالي فائدا واپس ورتا وڃن، واضح رهي ته مختلف هاءِ ڪورٽن 2012ع ۾ برطرف ملازمن جي حق ۾ فيصلو ڏنو، جن ادارن ۾ ان قانون تحت ملازم بحال ٿيا انهن هاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون هيون، جڏهن ته اهي اپيلون 2012ع کان 2019ع تائين التوا هيٺ هيون، جن ادارن اپيلون داخل ڪيون هيون انهن ۾ اين ايچ اي، آءِ بي، پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپني، اسٽيٽ لائيف، سول ايوي ايشن، واپڊا، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۽ ٻيا ادارا شامل هئا. واضح رهي ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ پ پ پاران ڀرتي ڪيل ملازمن کي نوازشريف دور ۾ هٽايو ويو هو، پيپلزپارٽي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ بعد 2010ع ۾ هڪ ايڪٽ آڻي سمورن برطرف ملازمن کي بحال ڪيو.