اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج طور حلف نه کنيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي سيريمني هال ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي حلف برداري واري تقريب جا سمورا انتظام پڻ ڪيا ويا هئا، جڏهن ته جسٽس احمد علي شيخ حلف برداري جي تقريب ۾ نه پهتو، واضح رهي ته قانون واري وفاقي وزارت جسٽس احمد علي شيخ جي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرري لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سندس حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ۾ رٿي وئي هئي.کي صلاح ڏني وئي آھي ته جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊھاڪ جج طور مقرري واري فيصلي کان وڪيل برادري ناراض آھي، انهي سان اڳتي هلي حڪومت لاءِ مسئلن ۾ واڌارو ٿيندو، ذريعن موجب اھڙي صلاح بعد چيف جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊھاڪ جج طور مقرري تي نظرثاني ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان نجي دوري

ڪراچي (رپورٽ اياز بروھي)سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران سپريم ڪورٽ جو ايڊھاڪ جج ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ بعد انهي مامر ي کي چيف جسٽس آف پاڪستان جي آمريڪا کان واپسي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي ذريعن موجب قانون واري وزارت پاران جسٽس احمد علي شيخ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري بابت پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعظم جي ويجھن ذريعن به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ايڊھاڪ جج طور مقرري تي اختلاف واريا آھن، ذريعن موجب وزيراعظم تي آمريڪا ويل آھي، چيف جسٽس گلزار احمد جي واپسي بعد جسٽس احمد علي شيخ بابت ڪو حتمي فيصلو ڪيو ويندو