پر امن احتجاج ڪرڻ وارن کي نه روڪينداسين: مراد علي شاهه

0
335
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پر امن طريقي سان احتجاج ڪرڻ وارن کي نه روڪيندي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته پنج ڇهه ڏينهن اڳ مامرو شروع ٿيو ته اسان کي دير سان خبر پئي، صوبن کي موجوده صورتحال تي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، ان جي ڪري صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، اسٽِڪ هولڊرز کي اعتماد وٺي ڪري بهتر حل جي طرف وڃي سگهجي ٿو، مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪالهه لاهور ۾ جيڪو ٿيو ان جي رد عمل مفتي منيب ملڪ ۾ هڙتال جواعلان ڪيو، اسان رات کان ئي سڀني ماڻهن سان رابطي ۾ آهيون، جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان دڪان، ٽرانسپورٽ بند ڪري ته انجي اجازت آهي، اسان پر امن طريقي سان احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ وارن کي نه روڪينداسين، پر امن امان جي صورتحال پيدا ٿي ته حفاظتي قدم کڻنداسين، وڏي وزير جو چوڻ هو ته منهنجو مشورو آهي ته وفاقي حڪومت اهڙي شئي جي اميد نه ڪري جيڪا ممڪن نه هجي، ان لاءِ حڪومت کي مشورو آهي ته وقتي فائدي جي لاءِ وڏي تڪليف ۾ وڌو وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو آهي ته خورشيد شاهه جيل ۾ آهي، ڊيل وغيره جي ڪا به ڳالهه نه آهي، پيپلز پارٽي ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ غلط ڪيسن جو مقابلو ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻين کي ڪجهه نه ڪجهه ريليف ملي رهيو آهي.