ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڊجيٽل آدم شماري دنيا جي عالمي قانون جي تحت ملڪ ۾ رهندڙ قومن کي پنهنجي برابري جي بنياد تي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو وڃي . ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ڏنل آجياڻي دوران خطاب ڪندي هن چيو ته آدم شماري جو بنيادي مقصد عوام جي تعداد جي تحت کين پنهنجي ڌرتي تي پنهنجا حق ڏيارڻ آهي . جنهن ۾ ٻين ملڪن کان غير قانوني طور آيل پرڏيهن کي آدشماري ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو به قانوني اخلاقي جواز نه رهي ٿو نه وري چور دروازي کان آيل پرڏيهن کي آدم شماري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو . سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ آدم شماري جي خدشن کي ختم ڪرڻ کان علاوه سنڌ آدم شماري کي قبول نه ڪندي. ڊجيٽل آدم شماري جو مقصد ڌرتي واسين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌ ۾ لکين افغاني، برمي، بنگالي، بيهارين سميت غيرقانوني طور آيل پرڏيهن کي آدم شماري کان الڳ رکيو وڃي. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي آباد ماڻهن کي سنڌ جي ڪيل آدم شماري کان الڳ خانو ٺاهي سندن صوبي جي الڳ سڃاڻپ سان ڳڻپ ڪئي وڃي. سڄي سنڌ ۾ ڪيل آدم شماري جي دوران اصل ڌرتي واسين کي پنهنجي مادري ٻولي جي خاني ۾ سنڌ ٻولي جو لفظ استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته پ پ جي اي پي سي آدم شماري ۾ سنڌ جي خدشن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪو به عملي قدم کڻڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي .سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي سنڌ جي خدشن کي تسليم نه ڪرڻ تي ٿيندڙ آدم شماري جو سنڌ حڪومت طرفان بائيڪاٽ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ، اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاهه ، محمد جمن ملاح ، انيس صبحپوٽو ، صابر ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.