دولتپور صفن (رپورٽ: پيرل پلي) دولتپور صفن ويجهو شگر مل ملازم جو ڪوارٽر مان وات ۽ نڪ ۾ بجلي جون تارون پيل لاش هٿ، وارثن جو چوڻ آهي ته همراهه کي ڪرنٽ ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، خبر موجب شاھپور جھانيان جي النور شگرمل ۾ ملازمت ڪندڙ ڪريم آباد جي ڳوٺ رسول بخش کوسو واسي 55 ورھين جي ھادي بخش کوسو جو ليبر ڪالوني واري رھائشي ڪمري مان وات ۽ نڪ ۾ بجليءَ جون تارون پيل لاش مليو، اطلاع تي شگر مل انتظاميا، پوليس ۽ سوين مزدور واقعي واري هنڌ پھتا، پوليس لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته همراهه جي موٽرسائيڪل گم آهي، شڪ آهي ته کيس ڪمري ۾ بجلي جا ڪرنٽ ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي، بعد ۾ خبر پوندي ته واقعو اتفاقي آھي، قتل آھي يا خود ڪشي آهي.