پريالوءِ (ن پ ا)  پريالوءِ ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج طور ڪچن ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي، احتجاجي مظاهرو، اجرت وڌائڻ جو مطالبو، حڪومتي پاليسي تحت اجرت نه وڌائڻ جي صورت ۾ عدالت وڃڻ جو اعلان.  مظاهرين جمعدار غلام شبير شيخ، دين محمد جوڳي، امتياز شيخ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ناليون گند ڪچرو کڻي شھر کي صاف سٿرو رکون ٿا، ان جي باوجود اسان جا ٻچا فاقاڪشِيءَ تي مجبور آھن. هنن جو چوڻ هو ته 9000 ھزار رپيا ماهوار اجرت سخت ناانصافي آهي. جڏهن ته حڪومت ملازمن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 25000 مقرر ڪئي آهي.  ھنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن اجرت ۾ اضافو نه ڪيو ويو ته ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکي ويندي ۽ عدالت جو در کڙڪايو ويندو.