سرهاري (ن پ ا) سرهاري ۾ فوڊ انسپيڪٽر پاران مبينا ڪڻڪ ۾ مٽي ملائڻ واري عمل خلاف واپاري يونين جي سڏ تي سياسي سماجي ماڻهن پاران شھر ۾ ٻن ڪلاڪ شٽر بند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي، ان موقعي تي زوار حبدار علي زرداري، مرتضيٰ جمالي، مرسلين راجپوت، سلامت بروهي، شمس لاکو ۽ ٻين چيو ته فوڊ انسپيڪٽر سرڪار مگسي مسلسل ٽن سالن کان ڪڻڪ ۾ خردبرد ڪرڻ بعد کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ شھرين کي مٽي ۽ ٺڪر ڀتر ملائي ڪڻڪ ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي شھري مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، هنن چيو ته مٿيان آفيسر فوڊ انسپيڪٽر خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهيا آھن، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر ذميوار خلاف قانوني ڪاروائي نه ڪئي وئي ته سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ڌرڻو هڻي مهراڻ هاءِ وي بند ڪيو ويندو.