سانگهڙ (رپورٽر) طبي ماهرن گرمي پد جي وڌڻ، پاڻي گهٽ استعمال ڪرڻ، نمڪين کاڌو کائڻ، سگريٽ نوشي، مورثي بيماري ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جي استعمال  کي گڙدن جي بيمارين جو وڏو ڪارڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام کي سبزين، ميون ۽ گهٽ لوڻ وارن کاڌن جو استعمال ڪرڻ گهرجي، جنهن سان گڙدن جي مختلف بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، اهڙو اظهار هنن سول اسپتال ۾ گڙدن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊاڪٽر حميرا بخاري خطاب ۾ ٻڌايو ته 2017 ۾ سول اسپتال ۾ ڊائلاسز وارڊ قيام ٿيو، هن وقت اهو مڪمل يونٽ آهي، جنهن ۾ 15 جديد مشينون ۽ آر او پلانٽ لڳل آهي، هن چيو ته هتي مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ وارڊ آهن، جڏهن ته ڪراچي کان پوءِ سانگهڙ سنڌ جو پهريون ضلعو آهي جتي ٻارن جو ڊائلاسز وارڊ قائم ڪيو ويو آهي، سيمينار کي ڊاڪٽر رجب، ڊاڪٽر پورن ڪمار گردن جي بيمارين بابت بريفنگ ڏني، ان حوالي سان سول اسپتال کان نرسنگ ڪاليج تائين گردن جي بيمارين بابت آگاهي ريلي پڻ ڪڍي وئي.