پروين رند ھراسمينٽ ڪيس: ڊائريڪٽر نرسنگ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري، جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم

0
577

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)شاگردياڻي پروين رند ھراسمينٽ ڪيس ۾ عدالت پاران ڊائريڪٽر نرسنگ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري، جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شاگردياڻي  پروين رند جي ڪيس منتقلي بابت  داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران ڊائريڪٽر نرسنگ ۽ ٻين  کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، 12 ڊسمبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو

عدالت پاران ايندڙ ٻڌڻي تي يونيورسٽي جي ملازم عورتن فريده، فرحين ۽ عتيقا کي به جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

مبينا هراسمينٽ جو شڪار ٿيل  شاگردياڻي پروين رند پنهنجي چاچي  سان گڏ پيرين اگهاڙي عدالت پهتي، شاگردياڻي پروين رند جو چوڻ ھو تھ غلام مصطفيٰ راجپوت ۽ ٻيا ڌمڪيون  پيا ڏين، ڪيس جي ٻڌڻي تي نوابشاهه عدالت نٿي وڃي سگهان

دادو ۾ رهائش هئڻ سبب ايس ايس پي  کي تحفظ لاءِ درخواست ڏني پر پوليس  ڪو سهڪار نٿي ڪري، حياتي کي اڳ کان وڌيڪ خطرو آھي، معاملي جو نوٽيس وٺي جلد کان جلد تحفظ فراھم ڪري انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ھراسمينٽ ڪيس: شاگردياڻي پروين رند پيرين اگهاڙي عدالت پھتي