قمبر ويجھو زمين جي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

0
254
قمبر ويجھو زمين جي تڪرار

قمبر (رپورٽر) قمبر ويجھو زمين جي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

قمبر ويجهو ميمڻ ۽ ڪلھوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا آھن، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي

ڳوٺ عيسيٰ ڪلهوڙو ۾ زمين جي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻن ڀائرن جي قتل بعد ڌرين پاران ھڪٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي آھي، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿيو آھي

فائرنگ ۾ دوران عزيز ميمڻ ۽  طفيل ميمڻ مارجي ويا، سندن ڀاءُ  شعيب ميمڻ سخت زخمي، مقتول ٻنھي ڀائرن جي وارثن پاران لاش روڊ تي رکي ڌرڻو ھنيوويو

قمبر ويجهو زمين جي تڪرار تان قتل  ٿيل ٻن ڀائرن جي وارثن جو باءِ پاس روڊ  تي لاش رکي ڌرڻو ھنيوويو آھي، ٽريفڪ معطل ٿي وئي آھي

وارثن موجب ڪلهوڙا ڌر جي هٿياربندن ٻن ڀائرن عذير ۽ طفيل ميمڻ کي قتل ڪيو،  پوليس ڪارروائي نٿي ڪري

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل